اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي نظرثاني مشن وچ ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهين جا ٻه دور اڄ ٿيندا.ذريعن موجب فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) هلندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس وصولي جو پلان آءِ ايم ايف سان شيئر ڪري ڇڏيو آهي، منصوبي جو جائزو وٺڻ کانپوءِ آءِ ايم ايف وڌيڪ قدمن جي تجويز ڏيندو.ذريعن موجب آءِ ايم ايف ريٽيلرز، زرعي انڪم ٽيڪس ۽ ريئل اسٽيٽ کان ٽيڪس وصولي جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ٽيڪس وصولي ۾ گهٽتائي جي صورت ۾ فوري نوان قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پرچون ڏيندڙن تي فڪسڊ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي پر آءِ ايم ايف ان مان مطمئن ناهي ۽ آءِ ايم ايف صوبن کي چيو آهي ته زرعي آمدني کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ ٽائم لائن مقرر ڪئي وڃي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن کي ٽيڪس پاليسي ۽ الڳ الڳ ٽيڪس وصولي جي منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ آءِ ايم ايف کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس جو هدف هر صورت ۾ حاصل ڪيو وڃي.ايف بي آر ذريعن موجب آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته انهن شعبن کان مڪمل ٽيڪس وصول ڪيو وڃي جتي ٽيڪس وصولي گهٽ آهي.










