روڊ حادثي ۾ شهيد ٿيل مولانا طارق سهندڙو مٽيءَ ماءُ حوالي

روڊ حادثي ۾ شهيد ٿيل مولانا طارق سهندڙو مٽيءَ ماءُ حوالي

ڪراچي/شڪارپور (اسٽاف رپورٽر) شڪارپور ۾ جمعي ڏينهن روڊ حادثي ۾ شهيد ٿيل جماعت اسلامي تعلقي لکي غلام شاهه جي امير مولانا طارق سهندڙو جي نماز جنازه سندس اباڻي ڳوٺ محمد عظيم سهندڙو ۾ ادا ڪرڻ بعد کين مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.صوبائي نائب امير پروفيسر نظام الدين ميمڻ جي امامت ۾ ادا ڪيل نماز جنازه ۾ جماعت اسلامي جي ذميوارن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، عالم سڳورن، علائقي جي معززين، جماعت اسلامي جي ڪارڪنن ۽ مرحوم جي ويجهن عزيزن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ياد رهي ته مولانا طارق سهندڙو ضلعي امير عبدالسميع ڀٽي سان گڏ موٽر سائيڪل تي تنظيمي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا ته سامهون کان ايندڙ تيز رفتار ڪار کين ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ مولانا طارق سهندڙو موقعي تي ئي شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ضلعي امير عبدالسميع ڀٽي زخمي ٿي پيا، جيڪي هن وقت سکر ۾زير علاج آهن. مرحوم مولانا طارق سهندڙو جي عمر 45 سال هئي. هن پنهنجي پٺيان گهرواري، ٽي پٽ ۽ ٽي نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن. نماز جنازه ۾ صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علامه حزب الله جکرو، امدادالله بجاراڻي، ريلوي پريم يونين جي اڳواڻ خير محمد تنيو، جي يو آءِ جي مولانا مشتاق احمد، ضلعي جنرل سيڪريٽري عبدالرحمان منڱريو، محمود الاهي هڪڙو، سيڪريٽري اطلاعات مفتي عبدالغفور سهندڙو ۽ ٻين اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. هوڏانهن جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمٰن ۽ جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ان افسوس ناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مرحوم مولانا طارق سهندڙو جماعت اسلامي جو نهايت سرگرم، مخلص ۽ هر دلعزيز ڪارڪن هو. سندن ديني، تنظيمي ۽ سماجي خدمتون انتهائي قابلِ قدر آهن جن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هنن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي ڪامل مغفرت، سندن درجات بلند ۽ پونئرن کي صبرِ جميل عطا فرمائي ۽ زخمي ضلعي امير عبدالسميع شمس ڀٽي کي جلد ۽ مڪمل صحتيابي عطا فرمائي. آمين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو