روس-يوڪرين جنگ ۽ سڪرات ۾ ورتل امريڪي سامراج

طفيل مگسي
روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جنگ کي اٽڪل پندرهن مهينا گذري چڪا آھن.ليڪن ان جنگ جو ڪو چٽو فيصلو اڃا تائين ناهي ٿي سگهيو.جڏھن ته ان جنگ جو کاڄ ھزارين يوڪريني عوام ۽ فوجي بڻجي چڪا آھن.نه صرف اهو بلڪ ڪافي روسي فوجين کي به پنهنجيون زندگيون ارپڻيون پئجي چڪيون آھن.هن جنگ ۾ ڪيترائي فائٽر جهاز.هيلي ڪاپٽر .ميزائيل .ٽينڪ وتوپ ۽ بارود ٻارڻ طور تي استعمال ڪيا ويا آھن.جنهن جو ڳاڻيٽو ته في الحال مشڪل آھي.خابرون ادارن جي مطابق يوڪرين جي هٿيارن وارو گدام .محفوظ ھٿيار ۽ ٻيئي جنگي سامان کان علاوه گهٽ ۽ وڌ 18ارب ڊالرز جا سامان يوڪرين کي امريڪا ۽ ناٽو ملڪن کان علاوه اولهائن ملڪن کان به حاصل ٿي چڪا آھن.ان جي باوجود اهي سڀ جا سڀ فضول ثابت ٿيا ۽ روس هينئر به يوڪرين جي سرزمين تي داٻو ڪيون پيو آھي ۽ اتي قيامت کان اڳ قيامت لڳي پئي آھي.ان بنياد تي جيڪڏھن اهو چيو وڃي ره ملڪ يوڪرين هن وقت مڪمل ريت ڍير جي صورت کان علاوه قبرستان ۾ تبديل ٿي چڪو آھي ته شايد غلط نه ٿيندو.هنيئر سوال اهو پيدا ٿيئي ٿو ته ان تباهي و قتلن جو ذميوار ڪير آھي.اوله ۽ ناٽو جا ملڪ ان جو ذميوار روس کي سڏين ٿا.ڇاڪاڻ ته اگي ئي ساڳيا لفظ سندن آقا جو بائيڊن جي زبان به نڪري رهيا آھن.جيڪڏھن انصاف پسندي کان ڪم ورتو وڃي ته ان جو مڪمل ذميوار امريڪا آھي.۽ اھو ڪيئن ؟ ان جي لاء اسان کي هڪ نيڪ نيتي سان مڪمل جائزي وٺڻ جي ضرورت پوي ٿي.
اهو هيئن ته جڏھن سوويت يونين وکري ويو ته ان کانپوء امريڪا دنيا جو اڪيلو چوڌري بڻجي ويو ۽ ناٽو ملڪن کي گڏ کڻي ڪري سموري دنيا کي پنهنجو غلام بنائڻ تي مجبور ڪندو رهيو.انتها ته اها ٿي وئي هئي ته جنهن ملڪ به سندس کي آقا مڃن کان انڪاريت ڪئي ته ان تي مختلف قسم جون واپاري ۽ معاشي پابنديون مڙھيون ويون ۽ ان ريت ڪيترائي بيگناه ملڪ معاشي ۽ اقتصادي طور تي تباه وبراد ٿي ويا.جن ملڪن امريڪا جي انهن مڙھيل پابندين جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ نه جهڪايو ته انهن تي بي سبب هٿرادو جنگ مڙھي انهن جي انفراسٽڪچر بلڪل ئي تباه وبرباد ڪيو ويو ۽ اتان جي حڪمرانن کي بيگناه شھيد ڪيو ويو.جنهن جو سڀ کان وڏو مثال عراق ۽ لبيا آھي.انهن جي جنگين ۾ امريڪا.ناٽو جي ملڪن کان علاوه اولهائن ملڪن کي به شامل ڪيائين.ذھن نشين رهي ته امريڪا ڪنهن به جنگ ۾ اڪيلو ناهي وڙھندو ۽ نه ئي جنگ جي لاء پنهنجي سرزمين استعمال ڪندو آھي بلڪ هن سدائين جيڪا به جنگ وڙھي آھي ان ۾ چالانڪ شاطر لومڙي جيان ٻين جي سرزمين تي وڙھي آھي ته جيئن هن کي ڪو جاني نقصان نه ٿيئي يا هن جي ملڪ اندر تباهي نه ٿيئي.جيڪڏھن امريڪا جي جنگي تاريخ جو منصفاڻو جائزو ورتو وڃي ته اهوئي نتيجو نڪرندو .
هتي ڏٺو وڃي ته پرل هاربر کان علاوه ڪهڙا جنگي واقعا امريڪا جي سرزمين تي ٿيا.
هينئر جيڪا روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جنگ جاري آھي.ان کي روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جنگ چوڻ حقيقتن تي پردو پجهڻ جي برابر ٿيندو.ڇاڪاڻ ته امريڪا پنهنجي عالمي چوڌرائپ جي تحفظ جي لاء يوڪرين جي سرزمين کي جنگ جي ميدان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.ليڪن ان جنگ کي ڇيڙي نادان امريڪا حقيقت ۾ پنهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي ۽ فاش غلطي ڪئي آھي.پر جيڪڏھن اها جنگ نه ٿيئي ها ته امريڪا جو دنيا جي چوڌري هئڻ جو ڀرم رهي ها ۽ اڄ جيڪي ننڍڙا ننڍڙا ملڪ به هن کي اکيون ڏيکارڻ تي راضي آھن.گهٽ ۾ گهٽ انهن کي اهڙي همت نه ٿيئي ها.امريڪا هڪ سازش جي تحت يوڪرين کي بلڪل تباه وبرباد ڪري ڇڏيو.ليڪن يوڪرين جو بيوقوف صدر ان جي فهم کان بي خبر رهيو ۽ پنهنجي ئي وطن عزيز کي پنهنجي ناداني ۽ پنهنجي تحفظ جي نالي تي ڍير ۾ تبديل ڪرائي ڇڏيو.يوڪرين جي چئن صوبن تي روس بلڪل ئي قابض ٿي چڪو آھي.هينئر ٻه ڏينهن اڳ باحموت يوڪرين جي هٿن کان نڪري ويو ۽ ھاڻي گادي جي هنڌ ڪيف جو وارو آھي.جنگ هلندڙ آھي ۽ اھو به اٽڪل کنڊر ۾ تبديل ٿي چڪو آھي.حالانڪ ان کي محفوظ رکڻ جي لاء امريڪا ۽ ناٽو ملڪن نهن چوٽي جو زور ڏنو.هن جي ويجهو پولينڊ ۾ امريڪا نڪوليائي بامبر جهاز کڙو ڪري ڇڏيو.پنهنجي ايئر ڊفينس سسٽم کي پڻ فٽ ڪيو.ليڪن پوء به اهي سڀ روس جي حملي کي روڪڻ ۾ ناڪام ويا ۽ روس ڪيف ۾ ميزائيلن ۽ مختلف بمن جي برسات وسائي ڇڏي. مجبورن ڪيف جي رهواسين کي ڪوشيلز ۾ پناه وٺڻي پئي.
اصل ۾ امريڪا اهو چاهي ئي نٿو ته ان جاري جنگ ۾ پابندي لڳي.ان جي لاء جڏھن به يوڪرين وٽ ھٿيار ختم ٿيڻ وارو ٿيئي ٿو ته هو هن کي ڪجه جنگي سامان پاڻ به ميسر ڪري ٿو ۽ ناٽو ملڪن کان به وٺرائي ڏيئي ٿو.تڏھن اهو بيوقوف صدر پنهنجو پاڻ کي مله سمجهي ڪري اهو اعلان ڪري ڇڏي ٿو ته اسان روس کي شڪست ڏيڻ وڃي رهيا آھيون.يوڪرين جي سرحد جي ويجهو روس جي بلگردو تي حملو ڪري پڏي ٿو.جنهن کان روس جي صدر پيوٽن جي ڪاوڙ ست طبقن تي پهچي وڃي ٿي.پوء جيڪا چماٽ زيلنيسڪي جي منهن تي پئي ٿي اها تاريخي حيثيت اختيار ڪري وڃي ٿي.يعني روس جو قهر يوڪرين جي ڪنهن نئين شھر تي نازل ٿي وڃي ٿو ۽ اھو شھر ڏسندي ئي ڏسندي مٽي جو ڍير بڻجي وڃي ٿو.
هينئر ائين لڳي ٿو ته زيلنيسڪي جي دماغ تي خوف ڇانيل آھي.هن بنا ڪنهن سوچ وسمجه جي روس جي ڏھن شھرن تي پنهنجي خريد ڪيل روسي غلامن کان حملو ڪرائي ڇڏيو.ليڪن نعد ۾ اھي 75 غلام مارجي پڻ ويا.ان کانپوء ڇا ٿيو ته پيوٽن 500-500ڪلو جا بم وسائي ڇڏيا.جنهن کان جيڪي برباديون ٿيون سي ٿيون.پر ڪنهن بم يا ميزائيل ۾ نوڪليائي مادي جو استعمال ٿيو آھي.ڇوته ڪيف ۽ باخموت علائقن ۾ ريڊيئشين جو اثر ملي ٿو ۽ ريڊيئشن کان ناٽو ملڪن ۾ هڪ دهشت جو عالم ڇانيل آھي.۽ ڪنهن حد تائين امريڪا به ڪافي پريشان ڏيک ڏئي رهيو آھي.۽ ان پريشاني جو خاص سبب اهو آھي ته پيوٽن ڪافي ڀيرا اهو بيان ڏئي چڪو آھي ته جيڪڏھن روس ناهي ته دنيا ناهي.جيڪڏھن منهنجي ملڪ کي خطرو محسوس ٿيو ته تڏھن مان نوڪليائي حملي ۾ تر جيتري به دير نه ڪندس.موجوده صورتحال منجهان لڳي ٿو ته يوڪرين کان علاوه ٿي سگهي ته پولينڊ ۽ انگلينڊ به وڪڙ ۾ اچي سگهن ٿا.ان کانسواء امريڪا ۾ به هڪ دهشت جو عالم ڇانيل آھي
ڇا يوڪرين جي صدر زيلينسڪي جو دماغ فهم وشعور کان بلڪل خالي ٿي چڪو آھي.ماضي جي ڳاله ڇڏيو.ويجهڙائي وارن ڏھاڙن ۾ جنهن قسم جو جنگي سامان امريڪا ۽ ناٽو ملڪ يوڪرين کي امداد طور تي ڏئي رهيا آھن.ڇا انهن هٿيارن سان يوس جهڙي سپر طاقت کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي.ڪجه هٿيار ته پراڻا هئڻ جي ڪري استعمال کان اڳ ئي ناڪام ٿي چڪا هئا. ۽ ڪجهروس جي جديد تيڪنڪ ۽ جنگي سامان جي سامهون کسي ٿي ويا.ايستائين ته ايئر ڊيفينس سسٽم به يا ته روسي ميزائيل روڪڻ يا ماري ڪيرائڻ ۾ ناڪام ٿيا يا وري روس جي جديد ميزائلن ان کي ناڪام وبرباد ڪري ڇڏيو.هينئر يوڪرين.امريڪا ۽ ناٽو ملڪن کان ايف 16 جهاز طلب ڪري رهيو آھي.اهو پنجن نسلن جو جديد اسٽيٿ جهاز آھي ۽ ريڊار جي وڪڙ ۾ نٿو اچي.جيتوڻيڪ روس جو چوڻ آھي ته مون به ان کي تباه ڪرڻ جو بندوبست ڪري رکيو آھي.زيلنيسڪي جي گهڻي دٻاء تي امريڪا ۽ ناٽو ملڪان شرط تي ايف 16 يوڪرين کي ڏيڻ جي لاء تيار آھن ته ان جهاز سان روس جي سرحد جي اندر حملو نه ڪيو ويندو.جنهن کان صاف چٽو ٿيئي ٿو ته امريڪا ۽ ناٽو ملڪ روس کان ڪنهن قدر خوفزده آھن.بيشڪ ايف 16هڪ نهايت ئي ويڙھاڪ جهاز آھي.ليڪن امريڪا کي به ان ڳاله جي ڄاڻ آھي ته روس وٽ ايس يو35 اسي يو 57 به آھن.جيڪي امريڪا جي ايف 16 ۽ ايف 35 کان وڌيڪ مضبوط ۽ ڪامياب آھن.ان ڪري امريڪا ۡ۽ ناٽو ملڪن کي اهو ڊپ آھي ته ڪٿي منهنجي جهاز کي ماري ڪيرايو نه وڃي.ٻي ڳاله اها ته جيڪڏھن امريڪي جهاز کان روس جي داخلي ۾ حملو ڪري ٿو ته پوء اھا يوڪرين روس جنگ کان تبديل ٿي ڪري روس امريڪا جنگ نه ٿي وڃي.جيڪڏھن واقعي ائين ٿيئي ٿو ته پوء نه ته امريڪي سرزمين بڇي سگهي ٿي ۽ نه ئي امريڪا جو عوام محفوظ رهي سگهي ٿو.پوء اتي جيڪا به تباهي وبربادي جي تاريخ لکي ويندي اها واقعي قيامت جهڙي ۽ عبرتناڪ ئي هوندي.امريڪا کي اهوئي ڊپ سڌي جنگ کان روڪيون پيو آھي.ليڪن ٻڪر جي ماء ڪيستائين خيريت ملهائيندي.جيڪڏھن امريڪا ۽ ناٽو ملڪ يوڪرين کي مدد نه پهچائين ها ته اها جنگ ايتري ڊگهي نه ٿيئي ها.يوڪرين کي به ايتري تباهي جو منهن ڏسڻو نه پوي ها۽ اڄ کان نهايت ئي اڳ ئي مفاهمت جي بنياد تي روس ۽ يوڪرين جنگ بندي جو معاهدو رهي ها.
ليڪن جيئن ته هن وقت خبرون هلي رهيون آھن ته امريڪا جا اٽڪل ويه هزار فوجي يوڪرين جي فوج ۾ شامل آھن.جن منجهان 16 فوجي مارجي چڪا آھن .جن جا لاش امريڪا پڻ پهچي چڪا آھن.ان بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته هينمر ان جنگ ۾ امريڪا سڌي ريت ملوث ٿي چڪو آھي.مگر ان کي اعتراف ڪرڻ جي همت نٿي ٿيئي.جنهن کان سندس بزدلي صاف ڏيک ڏيئي ٿي.هن وقت اها به هڪ بنا ترديد جي حقيقت آھي ته ان جنگ جي رڪڻ جي جيڪا ٿوري گهڻي اميد هئي اها به ختم ٿيندي ڏيک ڏيئي ٿي.اهي به خبرون اچي رهيون آھن ته روس جي ويه لک فوج جنگ جي ميدان ۾ لهڻ جي اوسيئڙي ۾ آھي.هونئن به يوڪرين جي گادي واري هنڌ ڪيف کي روسي فوجيون گگيرو ڪيون پيون آھن.توپ.ٽينڪ .ميزائيل ۽ هوائي جهازن کان هڪ ئي وصت باه جون برساتون وسي رهيون آھن.اهڙي صورتحال ۾ جنگ بندي جو تيور ڪرڻ خواب ڏسڻ جي برابر ٿيندو.يعني يوڪرين جون وڌيڪ برباديون ٿيڻ واريون آھن.ه پاسي ته يوڪرين جي باخموت ۾ ريڊيئشين جو سلسلو جاري آھي ته ٻئي پاسي دنيا جو سڀ کان وڏو ري ايڪٽر يوڪرين جي شھر زيپورنيا ۾ آھي.ان جا تارا به گردش ۾ ڏيک ڏئي رهيا آھن.جنهن جي باري ۾ يوڪريني صدر جو چوڻ آھي ته ان کي روس نقصان رسائي سگهي ٿو ته جيئن يورپ ۽ ناٽو ملڪ ان جي وڪڙ ۾ اچي ڪري برباد ٿي سگهن ته ٻئي پاسي روس جي صدر پيوٽن جو بيان آھي ته ان کي پاڻ يوڪريني فوج نقصان پهچائي سگهي ٿي ته جيئن ان جو ڪوڙو الزام روس تي هنيو وڃي.بهرحال جيڪڏھن ان ري ايڪٽر تي ڪنهن به صورتحال ۾ حملو ٿيو ته ان جي قيامت خيزي جو اندازو نٿو هڻي سگهجي.جيتوڻيڪ انسان ۽ انسانيت جي لاء اهو ڪيترو ڪارو ڏينهن هوندو جنهن جي باري ۾ ڪجه به نٿو چئي سگهجي.
مختصر اهو ته روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ موت مار جنگ ئي نه بلڪ قيامت جهڙي جنگ صرف يوڪرين روس جي وچ ۾ نه رهي ڪري امريڪا ۽ روس جي وچ ۾ ٿي چڪي آھي.هن جنگ ۾ امريڪا سان گڏ اٽڪل 80ملڪ آھن.جن ۾ ٻين اولهائن ملڪن سان گڏ 30ناٽو ملڪ به آھن.حيرت جهڙي ڳاله اها آھي ته جنگ جي شروعات ته روس يوڪرين جي وچ ۾ ٿي هئي.ناٽو ملڪ جنگ جي شروعات کان ئي جنگي سامان سان يوڪرين کي امداد ميسر ڪري رهيا آھن.جڏھن ته حقيقت اها آھي ته يوڪرين هينئر تائين.ناٽو ملڪن ۾ شامل ناهي.پوء ان ريت کلي عام يوڪرين جي امداد جو ڇا سبب ٿي سگهي ٿو.هتي ذڪر جي لائق ڳاله اها آھي ته يوڪرين ناٽو ۾ شموليت جي لاء امريڪا جي چوڻ تي روس جهڙي عالمي طاقتور ملڪ سان تباه ڪندڙ جنگ ڇيڙي ڇڏي.ساڳئي ريت ناٽو هن وقت تائين يوڪرين کي ميمبرشپ جي منظوري ناهي ڏني.بيشڪ امريڪا يوڪرين کي جنگي سامان سان ته امداد پهچائي رهيو آھي.ليڪن ناٽو جي ميمبرشپ ڏيڻ کان لاچار آھي.جڏھن ته حقيقت اها به آھي ته اهو جڏھن ۽ جنهن وقت به چاهي ها يوڪرين کي ناٽو جي ميمبرشپ ڏئي ٿي سگهيو هو.جنهن کان چٽو ٿيئي ٿو ته امريڪا جي دل ۾ ڪارهن آھي.هينئر جڏھن ته يوڪرين بلڪل تباه وبرباد ٿي جري مٽيء جي ڍير ۾ تبديل ٿي چڪو آھي.۽ ايترن ملڪن جي باوجود روس کان اڪيلي شڪست کائڻ جي دڳ تي بيٺو آھي.ان بنياد تي اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته صرف يوڪرين نه بلڪ ٽوٽل 80 ملڪ روس کان شڪست کائي رهيا آھن.جنهن سان امريڪا بهادر جي سپر پاور واري دعوي کوکلي ٿي چڪي آھي.۽ ھتي سڀ کان وڏي شڪست چوڌري جي ٿيندي ڏيک ڏيئي ٿي ۽ سندس هن وقت واري صورتحال سڪرات ۾ پيل ڪنهن فرد جي ڏيک ڏئي رهي آھي ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو