تحرير محمد خالد ميمڻ
سڄي دنيا اندر روڊ حادثا ٿيڻ هڪ عام ڳالھ آھي روزانه مختلف ملڪن ۾ روڊ حادثن جون خبرون ٻڌڻ ۾ اينديون آھن ۽ ٻين ملڪن ۾ ٿيل روڊ حادثن جون وڊيوز ڏسندا آھيون ته اتي حادثو ٿيڻ جي فورن بعد روڊ پوليس,وڏي تعداد ۾ ايمبولينسون صحت کاتي جي عملي ۽ ايمرجنسي دوائن سان گڏ هڪدم پهچي وينديون آھن ۽ امدادي ڪاروايون شروع ڪيون وينديون آھن ۽ حادثي واري هنڌ جيڪي ٿڏي تي فوت ٿي ويندا آھن ته انهن جي ڊيڊ باڊيز کي اسپتال پهچايو ويندو آھي ۽ زخمين کي ترت اتي ئي فرسٽ ايڊ ڏئي انهن کي به جلد کان جلد اسپتال پهچائي انهن جون جانيون بچائڻ جون حتي الامڪان ڪوششون ڪيون وينديون آھن جيئن ته اها ڳالھ هرهڪ سمجهي سگهي ٿو ته موت ۽ زندگي الله پاڪ جي هٿ ۾ آھي پر الله پاڪ جو ئي حڪم آھي ته جيترو ٿي سگهي ڪنهن انسان جي حياتي بچائڻ جون ڪوششون ڪرڻ گهرجن ۽ الله پاڪ جي ان ئي حڪم جي پوئيواري مان دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڏسندو آھيان ته اهي وڌ کان وڌ انسانن کي بچائڻ لاء ڪوششون ڪندا آھن پر بدقسمتي سان وڏي افسوس ۽ ڏک سان چوڻو ٿو پئي ته اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ قيمتي انساني جانين کي بچائڻ لاء ڪي به جوڳا بندوبست بلڪل به نه آھن جيئن ڪالھ خيرپور ڀرسان پراڻي نيشنل هاء وي حسين آباد ڀرسان وين جو هڪ بس سان هڪ خوفناڪ حادثو ٿيو ته ڪيترو ئي ٽائيم ان حادثي واري جاء تي نه ته ڪا ايمبولينس پهتي نه ڪي صحت کاتي جا ڪي عملدار ورڪر پهتا ۽ نه ئي پوليس پهتي بس پهتا ته صحافي پهتا جيڪي به صرف خبر بريڪنگ ڪرائڻ لاء پهتا ۽ ان حادثي واري جاء تي ڪيترائي زخمي زخمن جي ڪري گهڻو رت وهڻ جي ڪري تڙپندا رهيا دانهون ڪوڪون ڪندا رهيا پر سندن ڪوبه واهي واهيرو نه ٿيو ۽ ڪيترائي زخمي جن کي جيڪڏهن ٽائيم سان فرسٽ ايڊ ملي وڃي هان ۽ کين جلدي ايمبولينس ۾ کڻي اسپتال پهچايو وڃي هان ته شايد هو بچي وڃن هان پر افسوس کين بچائڻ لاء وقت تي ڪير به نه پهتو ۽ هو بي يارو مددگار سخت تڪليف سهندي تڙپندي هي جهان ڇڏيندي اهو پيغام ڏئي ويا ته اسان ڪيتري قدر بيوس لاچار آھيون جو پنهنجي سامهون ئي تڙپندڙنىجي مدد به نه ٿا ڪري سگهون اهڙا کوڙ حادثا مختلف شھرن ۾ روزانه ٻڌندا آھيون جيئن تازو ڪوٽ لالو ڀرسان مهراڻ هاء وي تي معصوم گلڙن جهڙن اسڪولي ٻارڙن جو وين سان حادثو ٿيو ته اتي به ايمبولينس يان اسپتال مان ڪوبه عملو نه پهتو ۽ ٻارڙن کي ڦٽي واري رڪشا ۾ کڻي اسپتال پهچايو ويو ۽ دير سان پهچڻ سبب ڪيترائي ٻارڙا فوت ٿي ويا هيا ۽ اهڙن حادثن ۽ اتي جي صورتحال جون سڄيون حقيقتون سرڪار کي چڱي طرح معلوم به آھن پر اسان جي حڪومت اندر اهڙا ته بيحس,بيڪار,گونگا,ٻوڙا,انڌا ماڻھو ويٺا آھن جن کي نه ته احساس نالي ڪا شئ آھي ۽ نه ئي کين ڪا شرم و حيا نالي ڪا شئ آھي جو اهي ان سلسلي ۾ ڪي جوڳا اپاء وٺڻ جون ڪوششون ڪن اسان اهو به مڃون ٿا ته معمول کان گهڻا حادثا ٿيڻ ۾ اهي ئي وينن, بسن ۽ ڪارن جي ڊرائيور جو ڏوه هوندو آھي جنهن ۾ تيز رفتاري تڪڙ ۽ غلط اوورٽيڪ ڪرڻ شامل آھن پر حادثو ته حادثو ئي آھي ان ٿيل حادثي واري جاء تي ايمبولينسن ,صحت کاتي جي ورڪرن ۽ دوائن سان جلد پهچي زخمين کي موت کان بچائڻ جي ذميواري به ته رياست جي آھي ۽ رياست کي گهرجي ته انهن حادثن وارين جاين تي تمام جلد ايمبولينسن سميت پهچي زخمين کي بچائين ۽ فوتين جي انگ گهٽائين ۽ بعد ۾ انهن حادثن جي ذميوارن کي پڻ سخت سزائون ڏين ته جيئن آئنده اهڙا حادثا نه ٿين مان سمجهان ٿو ته حادثا ختم ته ڪونه ٿا ٿي سگهن پر گهٽ ضرور ٿي سگهن ٿا.










