وزيرعلي جمالي
تاريخي طور سنڌي سماج ۾ عورت کي اعليٰ حيثيت حاصل رهي آهي. موهن جي دڙي جي تهذيب کان وٺي صوفي ازم تائين عورت کي عزت ۽ احترام ڏنو ويو آهي. سنڌ جي صوفي شاعرن، خاص طور تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، عورت کي بهادري، قرباني ۽ محبت جي علامت طور پيش ڪيو، ملير جي مارئي، ڀنڀور جي سسئي، نوري، ٻاگهل ٻائي ،مومل توڙي امان جندو جهڙي مزاحمتي ڪردارن عورت جي عزت، وفاداري ۽ مزاحمت جي علامت بڻجي ويون. ڀٽ جي گهوٽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ عورت کي جدوجهد ۽ مزاحمت جي علامت طور پيش ڪيو ويو آهي. مارئي وطن لاءِ جدوجهد ڪئي، سسئي محبت ۽ وفاداري لاءِ رڻ پٽن ۾ ڀٽڪي، جڏهن ته نوري عاجزي ۽ سادگي جي علامت بڻجي سامهون آئي. سنڌ ۾غيرت جي نالي تي قتل، جنهن کي عام طور ڪارو ڪاري چيو وڃي ٿو، اصل ۾ هڪ سنگين ڏوهه آهي. هن رسم جو نه اسلام سان ڪو تعلق آهي ۽ نه ئي وري سنڌي روايتن سان.شريعت ۾ صاف لفظن ۾ ڪنهن به بيگناهه انسان کي قتل ڪرڻ کي سخت گناهه قرار ڏنو ويو آهي، پر اڄ سنڌ ۾ بزرگ عورتن کان ويندي معصوم ڇوڪرين کي به هن رسم هيٺ قربان ڪيو وڃي ٿو جنهن جو هڪ مثال بلوچستان سان لڳ واهي پانڌي جي هڪ ڳوٺ ۾ 21 نومبر2019 ۾ 14سالن جي معصوم نياڻي کي ڪاري قرار ڏئي سنگسار ڪيو ويو هو. تازو خيرپور ضلعي جي ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ جيڪو دل ڏاريندڙ ۽ انسانيت کي شرمائيندڙ واقعو پيش آيو آهي، جنهن سنڌي سماج جو ڪنڌ شرم سان جهڪائي ڇڏيو آهي، اهو اسان جي سماج جي اخلاقي ڏيوالپڻي ۽ لاقانونيت جو چٽو ثبوت آهي. هڪ نوجوان نياڻيءَ روبينا خالده چانڊيو کي ڪارنهن جي الزام هيٺ سوين ماڻهن جي سامهون گوليون هڻي قتل ڪرڻ ۽ پوءِ ان جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ مان ائين ٿو لڳي ڄڻ سنڌ ۾ قانون نالي ڪا شيءِ موجود ئي ناهي ۽ هتان جون عورتون غير محفوظ بڻيل آهن.روبينا چانڊيو کي جنهن بي رحمي سان قتل ڪيو ويو، اهو منظر ڪنهن به مهذب معاشري لاءِ ناقابلِ برداشت آهي. اکين ڏٺن شاهدن موجب نياڻي مسلسل رحم جي اپيل ڪندي رهي، پنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ منٿون ڪندي رهي، پر سوين ماڻهن مان ڪنهن به اڳتي وڌي هن کي بچائڻ جي جرئت ڪئي نه ئي وري سندس قاتلن کي هن تي رحم آيو. هي واقعو رڳو هڪ خانداني تڪرار يا غيرت جو معاملو نه آهي، جيئن روايتي طور ان کي گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، پر هي هڪ سماجي بيماري آهي، جيڪا ورهين کان وٺي وڌندي ته رهي پر اها ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. ڪارو ڪاري جي نالي تي ٿيندڙ قتل دراصل رياست جي قانوني نظام کي چئلينج آهن. ڇا پاڪستان جو آئين ڪنهن به فرد کي اجازت ڏئي ٿو ته هو پاڻ عدالت بڻجي ڪنهن کي قتل ڪري؟پاڪستان جي آئين ۾ ته غيرت جي نالي تي قتل ڪندڙن لاءِ عمر قيد جي سزا لاڳو ٿيل آهي.سنڌ ۾ ”وومين پروٽيڪشن سيل“ سميت مختلف ادارن تي ساليانو اربين رپين جي بجيٽ خرچ ٿيڻ باوجود سندن جي ڪارڪردگي زيرو آهي. سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ معاملو جڏهن ميڊيا ۽ حڪومت تائين پهتو، تڏهن صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ عدليه طرفان نوٽيس ورتا ويا. اهو هڪ مثبت قدم ضرور آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا هر ڀيري هڪ ٻي معصوم نياڻي جي قتل کان پوءِ ئي نوٽيس ورتو ويندو؟ ڇا رياست جي مشينري کي واقعي روڪٿام لاءِ اڳواٽ فعال ٿيڻ گهرجي يا صرف واقعي کان پوءِ ردعمل ڏيکارڻو آهي؟
سنڌي سماج کي هميشه انسان دوست، روادار ۽ عورت جي عزت ڪندڙ سماج طور سڃاتو ويو آهي. سنڌي تهذيب ۽ روايتن ۾ عورت کي اعليٰ مقام حاصل رهيو آهي.سنڌي سماج ۾ ست قرآن جي روايت، نياڻي جي احترام ۽ مهمان نوازي جهڙيون خوبيون صدين کان موجود رهيون آهن. اڳي جڏهن خوني تڪرارن باوجود جڏهن ڪنهن گهر ۾ نياڻي اچي پناهه وٺندي هئي ته دشمن به هٿ روڪي ڇڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته نياڻي آئي، بخشي ڇڏيو. اها روايت سنڌي سماج جي وڏي اخلاقي قوت سمجهي ويندي هئي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته جديد دور ۾ ساڳيو سماج، جيڪو عورت جي عزت ۽ احترام جي دعويٰ ڪندو رهيو آهي، اڄ عورتن خلاف ٿيندڙ ظلم، تشدد ۽ قتلن تي خاموش تماشائي بڻيل آهي. خاص طور تي غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل، عورتن کي ڪاري قرار ڏيڻ ۽ انهن کي سماج جي سامهون بي رحمي سان قتل ڪرڻ جهڙا واقعا سنڌ جي شاهوڪار تهذيب ۽ سماج جي اصل سڃاڻپ کي داغدار ڪري رهيا آهن.انساني حقن جي تنظيمن جي رپورٽن موجب سنڌ ۾ هر سال ڪيترين ئي عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو وڃي ٿو.سنڌ ۾ ڪاروڪاري (غيرت جي نالي تي قتل) جي نالي تي عورتن جو قتلِ عام هاڻي هڪ سنگين انساني مسئلو بڻجي چڪو آهي، جتي رڳو شڪ جي بنياد تي ڪنهن به عورت کي بي رحمي سان قتل ڪيو وڃي ٿو. اڪثر علائقن ۾ ذاتي جهيڙا، زمين جي مالڪي جهڙن مسئلن ۾ ٻين کي برادري طور هيٺ ڏيکارڻ ۽ اُن جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ لاءِ به پنهنجين عورتن تي ڪوڙا الزام هڻي کين قتل ڪيو ويندو آهي. اهڙن ڏوهن ۾ مقامي جاگيردار ۽ قبائلي سردار شامل هوندا آهن، ۽ پوليس به برابر جي ڀائيوار هوندي آهي.
اهي واقعا اڪثر ڪري سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ وڏيرا شاهِي ۽ مُدي خارج روايتن ۽ رسمن سبب پيش اچن ٿا، جتي مقتولن کي ”ڪاريَن جا قبرستان“ ۾ دفنايو وڃي ٿو. ڪارو ڪاري واري رسم خلاف قانون جي موجودگي باوجود، بااثر ماڻهن جي سرپرستي سبب قاتل اڪثر سزا کان بچي وڃن ٿا. سنڌ ۾ جيڪب آباد، ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، لاڙڪاڻو، خيرپور، گهوٽڪي ۽ دادو ضلعا هن رسم کان وڌيڪ متاثر آهن.انساني حقن واري اين جي اوز جي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هر سال لڳ ڀڳ 800 کان 1000 عورتون غيرت جي نالي تي قتل ٿين ٿيون، جڏهن ته گذريل 4 سالن دوران سنڌ جي مختلف علائقن ۾ 595 ماڻهن کي ڪاروڪاري واري ڪڌي رسم تحت قتل ڪيو ويو، جن مان 466 عورتون ۽ 129 مرد شامل آهن. سنڌ اندر هوئن ته هر روز ڪوٽن ۽ وڏين حويلين ۾ معصوم نياڻين کي پنهنجي ذاتي دشمنيءَ، ڏنڊ ڏوهه وٺڻ يا ڪنهن جي زمين توڙي ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ به ”ڪاري“ قرار ڏئي ان جو الزام مخالف ڌُر مٿان لڳائي قتل ڪري رات پيٽ ۾ بنا ڪفن ۽ غسل جي دفن ڪيو ٿو وڃي، پر تازو ڪجهه سالن اندر سوشل ميڊيا جي ڪري جيڪي ڪيس هاءِ لائيٽ ٿيا آهن انهن ۾ گهوٽڪي جي ناديه لغاري، خيرپور جي رابعه چانڊيو، دادو ۾ نسرين چانڊيو، لاڙڪاڻي جي زرينه بروهي، شڪارپور ۾ فرزانه جتوئي، جڏهن ته تازو ٽنڊو مستي ۾ روبينه خالده چانڊيو کي هجوم سامهون بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.حيرت جهڙي ڳالهه اها به آهي ته هن واقعي ٿيڻ مهل پوليس جي موجودگي کي به ظاهر ڪيو ويو آهي، پوليس جيڪا عوام جي جان، مال ۽ عزت آبرو جي محافظ آهي، ان جي سامهون هڪ معصوم نياڻي کي ائين بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، 05 ڏينهن گذرڻ باوجود قاتلن خلاف ڪابه ايف آءِ آر نه ڪو داد نه فرياد. اهو ته ڀلو ٿيو سوشل ميڊيا جو جتي قتل جي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ پوليس اک پٽي ۽ نياڻي جي قتل ۾ ملوث سندس مامي ۽ ڏاڏي جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي.هڪ طرف اعلى تعيلمي ادارن ۾ شاگردياڻين سان هراساني جي واقعن جي ڪري وقفي وقفي سان نياڻين جي آپگهات جا واقعا رونما ٿيڻ ٻي طرف وري شهرن توڙي ڳوٺن ۾ عورتن توڙي نوجوان نياڻين کي ائين بيدردي سان ڪڏهن ڪهاڙين سان ڳڀا ڳڀا ته ڪڏهن وري بندوقن سان سندن وجود کي پُروڻ ڪري قتل ڪيو ٿو وڃي، پر ڪير به سندن والي وارث ڪونه آهي. موجوده سنڌي سماج ۾ ڀوتارڪو نظام، وڏيرا شاهي ۽ مَرداڻي ڏمر جي ڪري عورتون مڪمل طور تي جانورن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. شريعت ۽ پاڪستان جو آئين عورتن کي تحفظ فراهم ڪري ٿو، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته عملي طور قانون تي مڪمل عملدرآمد نه ٿيڻ، قاتلن کي بااثر ماڻهن، سردارن ۽ وڏيرن جي پٺڀرائي جي ڪري لاڳيتو اهڙا واقعا جاري آهن. ڪيترن ئي ڪيسن ۾ بااثر ماڻهو جوابدارن کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا.پوليس، عدالتون ۽ حڪومتي ادارا جيڪڏهن موثر قدم نه کڻندا ته اهڙا واقعا جاري رهندا.
سنڌ جي گهرو وزير جي جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ واري بيان آجيان ڪجي ٿي پر پاڪستان جي تاريخ شاهد آهي ته اهڙن بيانن کان پوءِ اڪثر ڪيس يا ته دير جو شڪار ٿين ٿا يا وري اثر رسوخ جي ور چڙهي وڃن ٿا. جيڪڏهن هن ڀيري به ساڳيو انجام ٿيو، ته اهو صرف روبينا سان نه پر سڄي معاشري سان وڏو ظلم هوندو. پوليس ۽ عدليه جو اصل امتحان انهن گرفتارين کي سزا تائين پهچائڻ آهي، نه صرف گرفتاري ڏيکارڻ. پاڪستان ۾ اڪثر اهڙا ڪيس ابتدائي مرحلن ۾ ئي ڪمزور ٿي ويندا آهن، شاهديون غائب ٿي وينديون آهن يا دٻاءُ ۾ اچي ڪيس بدلجي ويندا آهن. اهڙي صورتحال کي روڪڻ لاءِ شفاف عدالتي نگراني انتهائي ضروري آهي.جيڪڏهن غيرت جي نالي تي عورتن کي قتل ڪرڻ جو سلسلو نه روڪيو ويو ته پوءِ سماج ۾ قانون جو تصور ئي ختم ٿي ويندو. غيرت ڪڏهن به قتل جو جواز نٿي ٿي سگهي. غيرت جيڪڏهن واقعي موجود آهي ته اها انسان جي زندگي بچائڻ ۾ هجڻ گهرجي، نه ڪه ان کي ختم ڪرڻ ۾. سوين ماڻهن جي موجودگي ۾ هڪ نياڻي جو قتل ٿيڻ ۽ ڪنهن به طرفان مداخلت نه ڪرڻ، هڪ اهڙي ذهنيت کي ظاهر ڪري ٿو جيڪا انتهائي خطرناڪ آهي.
اسان سمجهون ٿا ته عورتن کي قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين سنڌ ۾ جرگا سسٽم تي پابندي ، پوليس ۽ عدالتن کي مضبوط ، سماجي آگاهي مهم هلائي وڃي ڇاڪاڻ ته سنڌي سماج جي اصل سڃاڻپ انسان دوستي، رواداري ۽ عورت جي عزت ۾ ئي آهي. هاڻي حڪومت، پوليس، عدليه ۽ سول سوسائٽي سڀني کي گڏجي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته ڇا پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻي آهي يا هٿيارن ۽ روايتي جبر کي اجازت ڏيڻي آهي.؟ 4 جيڪڏهن حڪومت واقعي سنجيده آهي، ته پوءِ هن ڪيس کي مثال بڻائي مجرمن کي اهڙي سزا ڏيڻي پوندي جيڪا ايندڙ نسلن لاءِ عبرت بڻجي وڃي. َسو هي ڳالهه واضح ڪرڻ ضروري آهي ته روبينا چانڊيو جي رت جو حساب صرف عدالت نه، پر سماج جي ضمير کان به ورتو ويندو. جيڪڏهن اسان هن واقعي کي به ٻين واقعن وانگر وساري ڇڏيو، ته پوءِ ايندڙ روبينا ڪنهن به گهر مان ٿي سگهي ٿي.ٽنڊو مستي جهڙا واقعا سنڌ شاندار ۽ شاهوڪار تهذيب لاءِ ڪارو داغ بڻيل ۽روبينه چانڊيو سميت ٻين متاثر نياڻين جا واقعا سماج لاءِ وڏو سوال آهن.انسانيت جي ناتي سان اسان جي معاشري ۾ رهندڙ ماڻهن کي سوچڻ گهرجي، ۽ اهڙن غلط الزامن کي انا جو مسئلو نه بڻايو وڃي، پنهنجي سوچ کي وسيع ڪيو وڃي ته جيئن اهڙين رسمن جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي. پاڪستان جي آرٽيڪل 27 موجب مردن ۽ عورتن جي حقن کي پامال ڪرڻ تي رياست پاڻ انهن جي فريادي بڻجي جوابدارن کي عبرت ناڪ انجام تائينپهچائيندي. اسيمبلين۾ويٺلميمبرنکيبه گهرجيتهڪاروڪاريجيخاتميلاءِآرٽيڪل 27 تيعملدرآمدڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ته جئينعورتنسانٿيندڙظلم۽زيادتينکيروڪيو سگهجي.#










