رسول بخش پليجو ڏاھو اسڪالر ۽ سياسي مفڪر

رسول بخش پليجو ڏاھو اسڪالر ۽ سياسي مفڪر

منظور اڄڻ
ڪي ماڻھو تاريخ ٿين ٿا ، گھايل ڌرتيء جي سيني تي
ڪا اھڙي گھري چيخ ٿين ٿا ، جا ماڻھن کي جاڳائي ٿي
جا دنيا کي بدلائي ٿي شيخ اياز
ھُو ھِڪ ڏاھو اِسڪالر , سائنسي، سياسي مفڪر ۽ قانوندان ھو. ھو جڏھن ڳالھائيندو ھيو تہ ھُن وٽ ڳالھين جا ڳوٺ جُڙي پوندا ھئا. ھُن تي لفظن جي بارش ٿي ويندي ھُئي. ھو نہ صرف ڪتاب اوڳاڇيندو ھيو، پر نوان تصور، خيال، موضوع، ڏاھپ جا رنگ ڍنگ، عملي، ادبي رويا تخليقي قدر ۽ زندگي جا سمورا رنگ تخليق ڪندو ھُيو. ھو پنھنجي سموري زندگيءِ ۾ تخليقڪار نظر ايندو ھُيو!! يادن جي جھروڪَن مان اڄ پليجو صاحب سان پھرين مُلاقات کان ويندي زندگيءِ جي آخري دم تائين ساروڻين کي ساري روح جي پاتال مان قلم بند ڪري اوھان جي نانءُ ڪريان ٿو
سنڌ جي ڏاھي عالم فاضل علم فن جو ھڪ وڏو ۽ گھرو سمنڊ رکندڙ، چوٽِي جي قانوندان رسول بخش پليجو سان پھرين ملاقات1994ع ۾ سنڌ جي نامور شاعر، اديب صحافي ۽ روزاني تعمير سنڌ اخبار جي ايڊيٽر سائين امير بُخاري سان گڏ الحبيب ھوٽل سکر ۾ ٿي ـ
ساڻس دعا سلام ڪرڻ بعد ڪچھري جو موضوع قبيلائي جھيڙا ۽ انھن جو تباھ ڪاريون ، ان وقت اڄڻ ڪليري تڪرار ھلي رھيو ھو، پاڻ چيائين ته حيدرآباد اچو تہ اتي ويھي ان صورتحال بابت پريس ڪانفرنس ڪجي ـ پاڻ اڪثر سکر ھاءِ ڪورٽ ڪيسن جي سلسلي ۾ ايندو رھندو ھيو ۽ سندس قيام حبيب ھوٽل سکر ۾ ھوندو ھُوـ وقت جا ائين وھڪڙا وھندا رھياـ چاھتن جا چَڪور ائين اُڏارون ڪندا رھياـ مان ۽ سائين امير بخاري گڏجي ملڻ ۽ ڪچھري ڪرڻ ويندا ھُئاسين، ائين ئي پيار پنھنجائب، دل دريائي جھڙو سلسلو جاري رھيو…….!!!!!
1997ع ۾ ھڪ دفعو رسول بخش صاحب سکر ويندي سگا آفيس ڪنب ۾ آياـ ان ڏينھن سگا ڪنب جي ھڪ گڏجاڻي رکيل ھئي!
سگا جي گڏجاڻي ۾ اسان جا محبوب ساٿي حڪيم لال بخش جسڪاڻي، رئيس غلام قاسم جسڪاڻي، ڪرم حسين وساڻ، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، محمد اسحاق پلھ ، صادق علي تمراڻي ، علي نواز پلھ ۽ ٻيا دوست موجود ھُياـ جتي ساڻس انيڪ موضوعن تي دل کي سرور ۽ راحت ڏيندڙ پُر اثر ڪچھري ٿي ۽ ان بعد سائين جن سان مختلف پروگرامن ۽ تقريبن ۾ ملاقات جا ميلا مچندا رھياـ
سال 2007 ۾ سنڌي ادبي سنگت گمبٽ پاران سنڌ ھائوس گمبٽ ۾ « ڀٽائي فن ۽ فڪر جي عنوان سان ليڪچر رکيو ويو ـ جنھن ۾ شاعرن، اديبن، شاگردن، سماجي ماڻھن کان ويندي ھر مڪتب فڪر جي ماڻھن شرڪت ڪئي ـ ليڪچر کان پھرين پليجي صاحب اتي موجود شاعرن ،اديبن ۽ ساڃاھ وندن سان ڪچھري ڪئي اتي موجود ھڪ دوست بحث ۾ تمام گھڻو حصو وٺي رھيو ھيوـ تمام گھڻي ضد تائين بحث ڪرڻ لڳو، مون کي اڄ بہ ياد آھي تہ ان دوست کي پليجي صاحب انتھائي پيار پنھنجائب ۽ سختي وچان چيو محترم اگر بحث ڪرڻ نہ اچي تہ اجايو بحث ۽ ضد نہ ڪجي،بحث ڪرڻ لاءِ پھريان موضوع بابت مڪمل ڄاڻ ۽ بحث جي اصولن جي ڄاڻ ھئڻ ضروري آھي ـ اوھان ماٺ ڪري ويھو بحث ڪرڻ اوھان کي نٿو اچي.
ليڪچر پروگرام جي شروعات ۾ ڀٽائي جي شاعري ، فن فڪر تي ڳالھائڻ شروع ڪيائين ـ مقرر ٽائيم تائين ڳالھائيندا رھيا ـ ليڪچر جي آخر حصي ۾ سوالن جوابن جو سلسلو شروع ٿيو. اتي موجود ماڻھن پاران سياسي سوال ڪرڻ تي پليجي صاحب چيو آئون اوھان سڀني ساٿين کي گذارش ڪريان ٿو تہ سوال موضوع مطابق ڪيا وڃن ـ موضوع کان ھٽي ڪري ڪوبہ دوست سوال نہ ڪري ـ جيڪڏھن دوستن وٽ اھڙا ڪي سوال آھن تہ اھي دوست انتظار ڪن پروگرام بعد ميزبان جي اجازت سان پاڻ سياسي بحث ڪنداسين.آئون اڄ رات ھتي آھيان اگر ميزبان اھڙي اجازت نہ ڏني تہ پاڻ جڳھ جي ٻاھران پيل بيچن تي بہ ويھي سياسي ڪچھري ڪنداسين . لانگ مارچ: سکر کان ڪراچي پيادل لانگ مارچ جي سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي قافلي لاءِ ڪوٽڏجي کان اڳتي ڪنب ڀرسان منھنجي گھر تي عوامي تحريڪ جي قافلي جي ڪارڪنن لاء ماجھاندي جو اھتمام ھيو . جيڪو پروگرام شيڊول ۾ نوٽ ٿيل ھيو. حيدرآباد کان منھنجي دوست مرتضيٰ گوھر صالحاڻي فون ڪري چيو تہ ڀاءُ منظور آھن عوامي تحريڪ جو لانگ مارچ ڪنب ۾ اوھان جي گھر سامھون گذرندو. ڏاڏا قادر رانٽيو ويٺو آھي، چاھين ٿا تہ قافلي لاءِ اتي چانھ جو بندو بست ڪيو وڃي. مون ھڪ دم ھائوڪار ڪندي چيم عوامي تحريڪ جو قافلو اسان جي اکين تي جيءِ ڪري اچي اسان دل سان ڀليڪار ڪنداسين. ٿوري دير بعد پاڻ ڪافلي جي پروگرام انچارج کي اھو اطلاع ڏنائون تہ ڪنب ڀرسان سگا اڳواڻ منظور اڄڻ وٽ ڪافلي لاءِ چانھ جو بندوبست ڪرايو ويو آھي. پروگرام جو شيڊول ڏسي کين ٻڌايو ويو تہ ڪنب ۾ منظور اڄڻ وٽ ڪافلي لاءِ مانجھاندي جو پروگرام رکيل آھي. توھان ماني بجاءِ وري چانھ ڪرائي ڇڏي. تنھن تي وري مرتضيٰ گوھر ٻيھر فون ڪري چيو ادا شيڊول مطابق اوھان وٽ قافلي لاءِ ماني جو انتظام ٿيل آھي. تنھن تي مون کيس چيو سائين اگر شيڊول مطابق ماني جو اھتمام آھي پر اوھان جي حڪم محبتن چاھتن کي مد نظر رکي شيڊول ۾ چانھ بہ شامل ڪيون ٿا. قافلي جي ساٿين کي ماني کارائڻ بعد چانھ بہ ضرور پياربي.
انھي بعد عوامي تحريڪ جو قافلو منھنجي رھائشگاھ تي آيو
عالم شاھ ، اياز لطيف پليجو ۽ عوامي تحريڪ جي مرڪزي قيادت ۽ سوين ڪارڪن موجود ھيا. ان ڏينھن تي ھندو ڀائرن جي ديوالي پڻ ھُئي. جنھن جي خوشي ۾ منھنجا ميگھواڙ دوست منور جاجيو ۽ ٻيا مٺائين جا ٿال کڻي قافلي جي صورت ۾ مون وٽ پھتا. اھي مٺائين جا ٿال قافلي جي ساٿين ۾ ديوالي جي خوشي ۾ ورھايا . بعد ۾ قافلو ڪنب، جھنڊا شاخ رستي گمبٽ پھتو. قافلي ۾ مختلف ھنڌن تي مون کي تقريرن لاءِ مدعو ڪيو ويو.
ھِڪ دفعي پليجو صاحب سکر وڃي رھيا ھيا تہ گڏيجي شھر ڀر سان سائين جن جي گاڏي سان روڊ حادثو پيش آيو ـ امنھنجي دوست رميش راجا فون ڪري اھڙو اطلاع ڏنوـ ان وقت آئون سڀيتا اڪيڊمي راڻي پور ۾ موجود ھوئس انھي وقت فوري طور آئون رورل ھيلٿ سينٽر راڻي پور پھچي پليجو صاحب سان ملي ضروري انتظامن ۾ شامل ٿيس ۽ بعد اتي جلدي ڪافي سارا ماڻھو پھچڻ شروع ٿي ويا ـ جنھن ۾ سياسي ،سماجي ، شاعرن اديبن کان ويندي اخباري نمائندا پڻ شامل ھياـ اتي موجود اخباري نمائيندن پليجي صاحب کان حادثي جا تفصيل ورتا ـ ۽ پليجي صاحب حادثي جا تفصيل ڏناـ اھڙي طرح مختلف وقتن تي مختلف صحافين اچي تفصيل ۽ موقف وٺڻ پي چاھيو ـ بعد ۾ پليجي صاحب مون ڏانھن ھٿ جو اشارو ڪندي پاڻ ڏانھن توجہ ڏياريندي مون کي ساڳيان تفصيل ٻڌائڻ جو چيو ـ ان بعد پليجي صاحب واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو ۽ ھر حاضري تي گمبٽ ايندا رھياـ اھڙي طرح سان روح جو رشتو جڙيل رھيو ـ
ڪجھہ عرصي بعد پليجي صاحب جي طبيعت ناساز ھئڻ ڪري پاڻ ڪراچي قائد آباد واري علائقي ڀرسان ليبر ڪالوني ۾ ترسيل ھياـ ان دوران ساھ شيخ ۽ آئون ڪراچي ۾ ھئاسين ـ مون ۽ ساھ شيخ جي خواھش ٿي تہ ڇو نہ پليجي صاحب سان ملاقات ڪجي ـ ان دوران اسان جي يار رميش راجا کان سندس رھائيش بابت پڇو ۽ رميش راجا راحيل ڀٽو جو موبائيل نمبر اماڻيوـ جنھن سان رابطو ڪري اسين پليجي صاحب وٽ پھتاسين!
دعا سلام بعد ڪيتري وقت تائين ڳالھين جي ڀَرين جو ڳنڍيون کُلي پيون ـ ۽ سياسي، ادبي،سماجي صورتحال کان ھر پھلو تي مزيدار منفرد ڪچھري جاري رھي، پليجي صاحب جي وڇوڙي جي خبر ھڪ وڄ وانگر ڪڙڪي ان وقت آئون سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سگا جو سيڪريٽري جنرل ھئس سگا جي چيئرمين رفيق احمد جعفري سان رابطو ٿيو طئي ٿيو ته سگا جي مرڪزي ساٿين جو وفد پليجي صاحب جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندو آء پنھنجي ڳوٺ ڪنب ھئس ۽ انھي مھل جنگشاھي ڏانھن روانو ٿيس، رات جو خيبر ۾ پنھنجي دوست نورمحمد سھتو وٽ ترسي صبح جو سوير روانو ٿيس آخري رسمن ۾ وفد جي صورت ۾ شرڪت ڪئي جنھن سگا چيئرمين رفيق احمد جعفري، عبدلطيف ڪرٽيو ، تاج محمد بلوچ ، ولي محمد روشن ، حميده خاصخيلي، منظور خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي پليجي صاحب جي مزار تي گلن جي پھرين چادر سگا جي وفد چاڙھي ۽ گلن جون پتيون نڇاور ڪيون.پليجي صاحب جھڙا ماڻھو صدين ۾ پيدا ٿيندا آھن پليجو صاحب جو علم، ادب، سياست تي اثر اڻ مٽ آھن. سنڌ جي حقن تي ڳالھائڻ لاء اسان کي ھميشه پليجو صاحب جي دليلن سان پرپور سھارو وٺڻو پوندو. جدوجھد ڪئين ڪجي نياڻين جي تعليم تربيت ڪئين ڪجي، انھن کي سياست ۾ ڪھڙي ريت شامل ڪجي ، سنڌ جي وسيلن جي ڦرمار خلاف ڀرپور محاذ کڙو ڪيئن ڪجي ، رجعت پسند ڌرين کي جواب ڪھڙي ريت ڏجي ، نوجوانن کي آخر ڇا ڪرڻ گھرجي، قانون جي تعليم ڇو ضروري آهي، شاھ لطيف کي ڪيئن پڙھجي اھو ته پليجو صاحب ئي سيکاريو. بھرحال اسان سڀ خوش نصيب آھيون جو پليجو صاحب جي دور ۾ پيدا ٿيا سون آء پاڻ کي وڌيڪ خوش نصيب ٿو سمجھان جو منھنجون ساڻس ڪيتريون ڪڇھريون ٿيون جن مان ڪجھ جو ذڪر مٿي ڪيو اٿم.
جان جان ھئي جيئري، ورچي نه ويٺي.
وڃي ڀونءِ پيٺي، سڪنديءَ کي سڄڻين. شاھ

پهنجو تبصرو موڪليو