رحيم يار خان  ۾ بس ٽائر ڦاٽڻ سبب ڪلٽي، عورت سميت 3 مسافر فوت

رحيم يار خان ۾ بس ٽائر ڦاٽڻ سبب ڪلٽي، عورت سميت 3 مسافر فوت

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ)رحيم يار خان ۾ ايم 5 انٽرچينج وٽ ٽائر ڦاٽڻ سبب بس ڪلٽي ٿي وئي. پوليس موجب حادثي ۾ عورت سميت 3 مسافر فوت ٿي ويا، جڏهن ته حادثي ۾ 34 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن.ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته حادثي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ڪارروايون شروع ڪندي فوتين ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ريسڪيو عملدارن موجب حادثي جو شڪار بس اسلام آباد کان ڪراچي وڃي رهي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو