رانديگرن کي تجربي يا شهرت جي بنياد تي نه چونڊيو ويو آهي،هيسن

رانديگرن کي تجربي يا شهرت جي بنياد تي نه چونڊيو ويو آهي،هيسن

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن قومي مردن جي ٽيم ۾ رانديگرن جي شموليت بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. مائيڪ هيسن هڪ تازي انٽرويو ۾ چيو ته رانديگرن کي ٽيم لاءِ انهن جي تجربي يا شهرت جي بنياد تي نه چونڊيو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته ٽيم ۾ رانديگرن جي چونڊ واضح طور تي بيان ڪيل ڪردارن تي منحصر هوندي ۽ هر ڪنهن کي ٽيم جي منصوبي مطابق ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي.قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ چيو ته منهنجو مقصد هڪ جديد ۽ ڪامياب ٽيم ٺاهڻ آهي جيڪا دلچسپ ڪرڪيٽ کيڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو