ٻوڏ متاثرن جي سرڪاري واھر نه ٿي، اين جي او امدادي ڪيمپ قائم

ٻوڏ متاثرن جي سرڪاري واھر نه ٿي، اين جي او امدادي ڪيمپ قائم

دڙو (ن سنڌيار) دڙو ۽ ڀرپاسي جي برسات متاثرين جي سرڪاري واھر نہ ٿي، سڄاڻ حلقن طرفان برسات متاثر جي سھائتا لاء شھر مان چندو ڪيو ويو، تفصيل موجب دڙو ۾ مختلف سڄاڻ ڌرين طرفان سنڌ سھائتا ويلفيئير ايسوسيشن جي نالي سان جوڙيل تنظيم طرفان برسات سٽيل بي سھارا ماڻھن جي مدد لاء شھر جي مين بس اسٽاپ تي سھائتا ڪئمپ لڳائي وئي، جنھن ۾ ٽي ايل پي، ايس ٽي پي، جسقم، پريس ڪلب دڙو، واپاري ايسوسيشن سميت ٻين ڌرين جي اڳواڻن اختر ڪڇي، حافظ اعجاز سومرو، منور ميمڻ، نواز پوڙھو ميمڻ، صحافي اعجاز اختر ميمڻ، گل محمد شاھ، ڪامريڊ عزيز سومرو، امداد ميمڻ، بابو غلام مصطفي ڪڇي، سيفﷲ جماڻي، فريد ميربحر سميت ٻين سوين ماڻھن وڏي تعداد شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ سرڪار ۽ سجاول جي ضلعي انتظاميا برسات متاثر غريب ماڻھن کي نظرانداز ڪري من پسند ماڻھن ۾ راشن ۽ خيما تقسيم ڪري رھي آھي، ھنن چيو تہ اسان ھن ڏکئي مھل پنھنجي غريب ۽ بي سھارا ماڻھن کي ڪڏھن بہ اڪيلو نہ ڇڏينداسين، سنڌ سھائتا ويلفيئير جي پليٽ فارم تان امدادي راشن ۽ ٻيو سامان گڏ ڪري غريب ماڻھن ۾ تقسيم ڪيو ويندو، ھوڏانھن شھر جي سڄاڻ حلقن طرفان غريب برسات سٽيل ماڻھن جي سھائتا لاء شھر مان چندو ۽ ٻيو سامان گڏ ڪيو ويو،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو