دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن ”عزم استحڪام“ جي منظوري

دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن ”عزم استحڪام“ جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان تي مرڪزي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن ”عزم استحڪام“ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير سميت وفاقي ڪابينا جي اهم وزيرن، سڀني صوبن ۽ گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن، سروسز چيفس شرڪت ڪئي. پڌرائيءَ موجب فورم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جاري مهم ۽ داخلي سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ۽ نئين جاندار حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏنو. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم دهشتگردي جي خاتميل لاءِ آپريشن ”عزم استحڪام“ جي منظوري ڏني ۽ چيو ته ملڪ مان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو خاتمو اڻٽر آهي، آپريشن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم ثابت ٿيندو. هن چيو ته سفارتي ڪوششن سان دهشتگرد تنظيمن جو خاتمو ڪنداسين ۽ ڪنهن کي رياستي رٽ چئلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. فورم عزم جو اظهار ڪيو ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ پاڪستان جي جنگ آهي. اجلاس ۾ چيني شهرين لاءِ فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو ۽ چيني شهرين جي حفاظت لاءِ وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ لاڳاپيل کاتن کي نوان ايس او پيز جاري ڪيا ويا. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سيڪيورٽي معاملن کي رياست جي رڳو هڪ اداري تي ڇڏڻ خطرناڪ روش آهي، صوبائي حڪومتون سيڪيورٽي جي ذميواري فوج تي وجهي آجيون نه ٿيون ٿي سگهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ سڀني رياستي ادارن جو گڏيل فرض آهي، قومي سلامتي جو مسئلو گهڻي عرصي کان نظرانداز ٿي رهيو آهي، پاڪستان مختلف حوالن سان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فوج جون قربانيون بي مثال آهن پر سيڪيورٽي جا معاملا رياست جي رڳو هڪ اداري تي ڇڏڻ خطرناڪ روش آهي، گذريلن سالن ۾ حڪومتون دهشتگردي جي حوالي سان آجيون رهيون، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان سڀني کي ذميواري کڻڻي پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو