دهشتگردي جا خطرا افغانستان کان ٻين ملڪن ۾ منتقل ٿيا،آمريڪا

دهشتگردي جا خطرا افغانستان کان ٻين ملڪن ۾ منتقل ٿيا،آمريڪا

نيويارڪ( ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن چيو آهي ته دهشتگردي جا خطرا هاڻ افغانستان کان ٻين جڳهين ڏانهن منقتل ٿي چڪا آهن.آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ۾ افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي بابت پڇيل سوال تي انٿوني بلنڪن جو چوڻ هو ته القاعده هاڻ ڪمزور ٿي وئي آهي،افغانستان مان القاعده جي حملن جو آمريڪا کي ڪو خطرو ناهي.هن چيو ته هاڻ اسان جي ايجنڊا ۾ چين سان لاڳاپا، ماحولياتي تبديلي ۽ ڪورونا جهڙا ٻيا معاملا شامل آهن، هاڻ اسان پنهنجي طاقت ۽ وسيلا انهن معاملن تي صرف ڪنداسين.آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته افغانستان مان آمريڪا کي جيڪي مقصد حاصل ڪرڻا هئا سي پورا ٿي ويا باقي اسان جي انٽيليجينس افغانستان جي معاملن ۽ امڪاني خطرن تي نظر رکندي.

پهنجو تبصرو موڪليو