دادو ۾ ڏوهارين جو راڄ، امن ڪير ڪرائيندو؟

دادو ۾ ڏوهارين جو راڄ، امن ڪير ڪرائيندو؟

ليکڪ، درياءُ خان جهتيال

سنڌ پوليس ۾ پڙهيل لکيل آفيسر ڪم ڪن ٿا، انهن آفيسرن جي ڪري وڏا ڏوهاري، ڌاڙيل گرفتار به ٿيا آهن ته مبينه مقابلن ۾ مارجي به ويا آهن، ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته وڏا ڏوهاري گرفتار نٿا ٿين يا مبينه مقابلن ۾ ماريا نٿا وڃن پر چورين، ڦرن ۾ ملوث ڏوهارين کي ڇو نٿو پڪڙيو وڃي؟ اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر انهن وٽ ڪهڙو جادو آهي جو اهي پوليس کي ڪارو ڪپڙو اکين تي ڏئي گُم ٿي وڃن ٿا ۽ پوليس ”خاموشي” اختيار ڪري ويهي ٿي رهي، ڏوهاري، ڏوهاري هوندو آهي، ننڍو هجي يا وڏو، پر سندس عادت ڏوهه ڪرڻ ئي هوندي آهي، ان جو ڪم صرف عام ماڻهو کي نقصان ڏيڻ هوندو آهي، سنڌ ۾ امُن امان جي حوالي سان ڪيترن ئي آفيسرن وڏا ڏوهاري مقابلي ۾ ماري پريس ڪانفرنسون ڪري سنڌ جي عوام جي دلين ۾ بهترين آفيسر هجڻ جي جاءِ ٺاهي، پر ڪي مقابلا ڪوڙا هجڻ ڪري ان ئي پوليس سان سنڌ جو عوام نفرت پڻ ڪري ٿو، سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وڏين ڏوهي وارڌاتن ۾ ته گهٽتائي آئي آهي پر دادو ضلعي جو عوام ڏوهارين جي بندوق جي نشاني تي آهي، ضلعي ۾ ننڍا، وڏا ڏوهه روز جي بنياد تي جاري آهن، انهن ڏوهن کي روڪڻ لاءِ پوليس وٽ خاموشي کان علاوه ڪوبه آپشن موجود نه آهي، ڦورو هجن يا چور، قتل ڪيسن ۾ گهربل قاتل هجن يا انهن کي پناهه ڏيندڙ ماڻهو، انهن کي پوليس پڪڙڻ ۾ ناڪام ته وئي آهي پر انهن خلاف پيرو به نه پئي کڻي جيئن اهي جيل جي سيخن جي پويان بند ٿي سگهن، گذريل ڪجهه وقت کان دادو ضلعي ۾ ڏوهارين جو راڄ قائم ٿي ويو آهي، ضلعي ۾ اڳوڻي ايس ايس پي فرخ رضا ملڪ جي هوندي ڏوهه روز جا معمول هئا، نيٺ ان ايس ايس پي جي بدلي ٿي، پر ضلعي جي بدنصيبي چئجي يا نڌڻڪپائي جو ضلعي ۾ اهڙو ايس ايس پي مقرر ٿيو آهي جو پهرين ڏينهن کان ضلعي ۾ ڏوهارين سندرا ٻڌاي عوام جي جان، مال کي نقصان پهچائڻ شروع ڪري ڇڏيو، پر نئون آيل ايس ايس پي اعجاز احمد شيخ عملي سميت خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي، اهڙي خاموشي جنهن سان ضلعي ۾ نه رڳو لکن پر ڪروڙن جو نقصان ٿي رهيو آهي، ايس ايس پي جي مقرري بعد متحرڪ نه ٿيڻ سبب دادو ضلعي ۾ ڏوهن جي سيزن شروع ٿي وئي آهي، ضلعي جي مختلف پوليس ٿاڻن دادو، جوهي، موندر، ڦلجي اسٽيشن، مخدوم بلاول، ڦلجي وليج، رڪڻ، خداآباد، واهي پانڌي، ڊرگهه بالا، پٽ گل محمد، ٽنڊو رحيم، نئين گاج، ڪي اين شاهه، ڪڪڙ، ميهڙ، فريد آباد، راڌڻ، جهلو،موندر، راڄو ديرو سميت ڪچي ۽ پڪي جي مڙني ٿاڻن جي حدن مان هڪ مهيني ۾ سوين مختلف ڏوهه ٿيا آهن، ضلعي هيڊ ڪوارٽر شهر دادو ۾ روزاني چورين جي هيٽرڪ پئي ٿئي، هتي سڀ ٿاڻا آهن، دادو اي، دادو بي، سي آءِ اي، ايس ايس پي آفيس، ڊي آءِ پي آفيس پر نتيجو ٻُڙي پيو اچي، ايس ايس پي کي مقرر ٿئي به گهڻو وقت ناهي ٿيو پر ضلعي مان رڪارڊ ٽوڙ ڦرون، چوريون ٿيڻ ان ڳالهه تي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي ته ڦورن ۽ چورن کي اهڙو ڪهڙو جادو آهي جو انهن هڪ مهيني ۾ ايترا ڏوهه ڪيا آهن، هن وقت تائين انهن خلاف ڪا اهڙي ڪاروائي به ناهي ٿي جنهن سان اهڙن وارڌان کي ٻنجو اچي سگهي، دادو ضلعي ۾ نفري نه هجڻ جي شڪايت به نٿي رهي، هر ٿاڻي تي ايس ايڇ اوز مقرر ٿيل آهن، تقريبن پوليس پوسٽس تي به نوان ڀرتي ٿيل اي ايس آءِ مقرر ٿيل آهن پر پوءِ به نه ڄاڻ ڇو اهڙيون وارڌاتون ٿين ٿيون جنهن سان عام ماڻهو جولکين روپين جو نقصان ٿي وڃي ٿو ۽ انهن جو ازالو به نٿو ٿئي، چوري ۽ ڦر متاثر حد پوليس جي ٿاڻن ۾ پاڻ سان ٿيل واقعن جي اين سي يا ڪيس داخل ڪرائن ٿا پر پوليس وٽ ”خاموشي” کان علاوا ٻي ڪا بہ اڳڀرائي ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ناهي، جهڙي ريت ضلعي ۾ هڪ مهيني ۾ ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي پوليس ڏوهارين خلاف اهڙي تيز ڪاروائي نٿي ڪري، نئين ايس ايس پي جي مقرري بعد ڏوهن ۾ ايندڙ واڌ کي روڪڻ لاءِ ڪو فارمولو استعمال نٿو ڪيو وڃي جنهن سان عام ماڻهو سُک جو ساهه کڻي سگهي، هر وقت موٽرسائيڪل وارن، گهرن، دڪانن جي مالڪن کي پريشاني رهي ٿي ته خبر ناهي ته ڪير، ڪڏهن اچي هٿيار کڻي سامهون بيهي ۽ اسان لاوارث بڻجي ڦرجي، لُٽجي وڃون، مارجي وڃون، هن وقت دادو پوليس ڏوهاري وارڌاتن تي خاموش آهي ان جي خاموشي تي ڏوهاري خوشي ۾ آهن تہ ضلعي ۾ مقرر ٿيل نئون ايس ايس پي اسانجي حق ۾ آهي، دادو پوليس جي ڏوهن خلاف خاموشي ڇو آهي ڪا خبر ناهي، هڪ مهيني ۾ نه ڏوهاري ٿا پڪڙجن، نه ڏوهن تي ضابطو اچي سگهيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد دادو ضلعي ۾ امن امان جي خراب صورتحال جو پاڻمرادو نوٽيس وٺن، ضلعي ۾ مقرر ٿيل پڙهيل لکيڪ خاموش ايس ايس پي خلاف ڪاروائي ڪري ضلعي جي رهواسين جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو وڃيdaryakhan86@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو