دادو روڊس کاتي ۾ ٿيل ڪرپشن, سهولتن کان محروم ڪاڇي واسي

دادو روڊس کاتي ۾ ٿيل ڪرپشن, سهولتن کان محروم ڪاڇي واسي

محمد اسماعيل لانگاھ
 معياري روڊ رستا دنيا جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪنٿا جتي به دنيا جو ڪو به شهر ڳوٺ وسندي واهڻ ڀلي ڪيترو  به دولت مند سُڌريل باشعور ڇونه هجي پر جيڪڏھن اهو معياري روڊ رستي کان محروم هوندو  ان کي زندگي جي ڪابه ٻي سهولت ميسر نٿي ٿي سگهي ڏٺو وڃي ته روڊ ئي دنيا جي ڳانڍاپي ۾ اهم ذريعو آهن, دنيا جي ڳوٺن کي جديد طرز تي ٺاهڻ کان پهرين انهن کي معياري روڊن سان ڳنڍي پوء سمورين سهولتن سان آراستا ڪيا ويندو آهي پر اسانجي ملڪ جا سمورا عوامي خدمت ڪندڙ کاتا انهن ۾ ويٺل ڪامورا مال ميڙڻ لاء ويهاريا ويندا آهن اهڙو مثال سنڌ صوبي جي ضلعي دادو جو آهي عوام زندگي جي بنيادي سهولت روڊ کان به ورهين کان محروم آهي انجو سڌو سنئون مثال روڊس کاتي ۽ پراونشل کاتي ۾ ٿيل ڪروڙين رپين جي ڪرپشن آهي
ذڪر ڪجي ٿو دادو ضلعي ۾ روڊس کاتي جي ڪرپشن ۽ سهولتن کان محروم ڪاڇي جي ڳوٺن جو ڪاڇو سنڌ جي انهن پُٺتي پيل علائقن ۾ شامل آھي جنهن جي  ڪنهن به ڳوٺ ۾ روڊ جهڙي بنيادي ۽ اهم سھولت ناهي ۽ روڊ نه هجڻ سبب هتان جي رهواسين کي ڪهڙيون تڪليفون پيش اينديون رهيون آهن, ۽ روڊس کاتي توڙي پروانشل کاتي ڪاڇي جي روڊ اسڪيمن جا ڪروڙين رپيا ڪيئن هضم ڪيا آهن هر سال ٿيندو ايئن آهي ته ڪرپشن ۽ غلط پلاننگ جو سهارو وٺي مون سون برساتن دوران ڪاڇي ۾ خاص طور روڊن جي بجيٽ رليز ڪئي وڃي ٿي ۽ مون سون برساتن دوران روڊ اسڪيمون جيڪي پندرنهن ويھ ورهين اڳ ڳوٺن ۽ شھرن کي ڏنيون ويون اهي اڄ تائين مڪمل نه ٿي سگهيون آهن ۽ هر سال انهن جي نئين سر مرمت جا ڪروڙين رپيا جاري ڪري جعلي ٽينڊرن جي آڙ ۾ پراونشل ۽ ڊسٽرڪٽ روڊس کاتي جا ايس ڊي اوز سرويئر ،ٺيڪيدار ۽ سياسي ڪامورا هڙپ ڪري وڃن ٿا پر عوام اڄ به روڊ رستن کان محروم هجڻ ڪري عذابن واري زندگي بسر ڪري رهي آهي روڊ رستا نه هئڻ ڪري ڪيتريون تڪليفون پيش اينديون آهن حڪمرانن اڄ تائين نه سوچيو آهي ڪروڙين رپيا جيڪڏھن رليز به ٿين ٿا ته انهن جي مرمت نه ٿيڻ جا سبب ظاهر ڇو نٿا ڪيا وڃن هن سال سانوڻي جي مسلسل برساتن پوڻَ کانپوء لاڳيتو ٻن مهينن تائين ڊرگھ بالا شهر سميت ڪاڇي جي هزارين ماڻھن روڊ رستا ڪٽجي وڃڻ سبب جنهن پريشانين کي منهن ڏنو انهن تڪليفن جو سنڌ حڪومت اڃا تائين ڪوبه تدارڪ نه ڪيو آھي رستا ڪٽيل هئڻ سبب کاڌ خوراڪ جي شين جي سخت کوٽ رهي ايتري تائين جو شهر به بند ٿي ويا صحت جي تڪليفن سبب ڪيترائي ماڻھون  وقت سر علاج لاء نه پهچڻ  سبب موت جي ور چڙهي ويا، متاثر ماڻھن کي کائڻ لاء اٽي جي لپ به نه مِلي پئي،  بکون، بيماريون، لنگهڻ پريشانيون ڪاٽي ٻه مهينا گذاريا ويا آهن ۽ سنڌ حڪومت توڙي سرندي وارن ان ئي سبب هتان جي غريب متاثرن جي مدد نه پئي ڪئي ته رستا خراب آهن، هاڻي ٻيو هفتو گذري چُڪو آهي برساتون به بند ٿي ويون آهن پر رستا بحال نه هئڻ سبب ڪاڇي واسي ڄڻ ساڳي ٻوڏ مان گذرن پيا، ليڪن سنڌ حڪومت جو ڪاڇي جي غريب عوام جي ڏُکن تڪليفن طرف ڪوبه توجھ ناهي، هن وقت ڪاڇي ۾ رستن جي نئين سر بحالي جو ڪم ٿي سگهي ٿو پر سرڪار جي ڍرائي ۽ سُستي ماڻھن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، ان لاء دادو ضلعي جي ڊي سي چونڊيل نمائندن ۽ سنڌ سرڪار کي ڊرگھ بالا شهر سميت ڪاڇي جي  تمام تباه روڊن جي نئين سر بحالي طرف توجھ ڏئي هزارين ماڻھن جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ ڪوبه بهانو قابل قبول نٿو ٿي سگهي هتان جي عوام حڪومت ۽ روڊ کاتي جي ڪرپشن ۽ غلط پلاننگ سبب گهڻو ڀوڳيو آهي سنڌ سرڪار کي هاڻي فوري طور  ٻوڏن ۾ بي گهر ٿيل ماڻھن تائين امدادي سرگرميون شروع ڪري کاڌ خوراڪ جون شيون پهچايون وڃن روڊ رستن کي جلد بحال ڪرڻ لاء عوام جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ گهرجي روڊ رستا نه هئڻ ڪري ڪاڇي واسين جي زندگي عذابن کان گهٽ نه پئي گذري سنڌ جي حڪمرانن جي ذميواري آهي ته ڪاڇي جي شهرن تائين معياري روڊ رستا ٺهرائي ڊسٽرڪٽ روڊ کاتي ،پراونشل کاتي طرفان ڏنل ورهين کان اسڪيمن ۾ جيڪا ڪروڙين رپيا ڪرپشن ڪئي وئي آهي ان جي شفاف نموني جانچ ڪري ته آخر هتان جي عوام جو قصور ڪهڙو آهي روڊ رستن جي نالي ڪروڙين رپيا رليز به ٿيا ڪم مڪمل ڇو نٿا ٿين عوام سان ٿيل هن وڏي فراڊ جي فوري طور انڪوائري ٿيڻ گهرجي ڪاڇي جي تاريخي شهر ڊرگھ بالا، سميت اردگرد ڳوٺن جي اسڪيمن جي مرمت لاء آيل فنڊز ۾ ڊسٽرڪٽ روڊس کاتي ۽ پراونشل کاتي طرفان ڪاڇي ۾ ٿيل گهوٻين جي جانچ ڪري عوام کي سهولتن سان آراسته ڪيو وڃي ملوث عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي 

پهنجو تبصرو موڪليو