شاهد راڄپر
دنيا جي ترقي يافتہ ملڪن جي ترقي جو راز تعليم آھي ۽ تعليم کان سواء ترقي هرگز حاصل نٿي ڪري سگهجي تعليم سجاڳ قومن جو زيور آھي ۽ تعليم حسن اخلاق جو آئينو آھي تعليم سان هڪ نامڪمل انسان مڪمل انسان ٿي وڃي ٿو ۽ ان کي دنيا اندر پنهنجي اهميت جي خبر پئي ٿي انسان پنهنجي نفعي نقصان جو تعين ڪري سگهي ٿو ڪاروبار هجي نوڪري هجي يا ڪهڙو بہ روزگار هجي ان لاء تعليم جو هجڻ لازم آھي ۽ تعليم بنا انسان انڌو آھي ۽ تعليم اسان جي ٽين اک آھي جنهن سان اسين تجربا ، ايجادون ۽ مشاهدا ڪري سگهون ٿا ڏٺو وڃي تہ تعليم روشن ۽ خوشحال زندگيء جي راھ آھي،
پر افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آھي تہ سنڌ اندر تعليم تي ناقص تجربا ڪري ڪري سنڌ جي تعليم جي ٻڏل ٻيڙي کي اڃان وڌيڪ ٻوڙيو پيو وڃين خدارا تعليم جي ٻڏل ٻيڙي کي وڌيڪ نہ ٻوڙيو ۽ ڪجھ سنجيده ٿي روشن سنڌ ۽ پاڪستان جي ترقيء لاء ڪوشش وٺڻ جي ضرورت آ جيئن اسان ترقي يافتہ ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ملڪ جو ڳاٽ اونچون ڪيون هي اسان لاء هڪ لمحہ فڪريہ آھي جو اسان جي سنڌ جي تعليم سان تعليم کاتي سميت حڪمران سچا نہ آھن ۽ اهوئي سبب آھي جو اسان جو مستقبل داو تي لڳل آھي تازو تازو اونهاري جي موڪلن کان پوء شروع ٿيل نئين تعليمي سال 2023ع ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ درسي ڪتابن جي شديد کوٽ ظاهر ڪئي وئي آھي سرڪاري اسڪولن ۾ هونئن ئي تعليم معيار سواليہ نشان بڻيل آھي محنتي شاگردن ڄي حقن تي تہ هونئن ئي ڌاڙا لڳي رهيا آھن مخلف بورڊن ۾ مارڪون پئسن عيوض وڪرو ڪري محنتي شاگردن جا حق ماريا وڃن ٿا عوام ڪري تہ آخر ڇا ڪري؟
جڏهن تہ سوني تي سهاڳو اهو بہ آھي تہ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران سرڪاري اسڪولن کي ڳڻپ کان گهٽ ڪتاب فراهم ڪيا ويا آھن جڏهن مختلف اسڪولن ۾ استاد صاحبان کان رابطو ڪري معلومات گهري وئي تہ اهي منهن مٿو پٽڻ لڳا ۽ بقول انهن جي تہ گذريل سال سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران پنجاھ سيڪڙو گهٽ ڪتاب ڏنا ويا هئا ۽ هن ڀيري وري پنجهتر سيڪڙو کان بہ ڪتاب گهٽ ڏنا ويا آھن ۽ پنجٽيھ کان چاليھ شاگردن واري ڪلاس لاء ڪل ست سيٽ ڏنا ويا آھن ۽ استاد پريشان آھن تہ اهي ست سيٽ چاليهن ٻارن ۾ ڪيئن تقسيم ڪيا وڃن استادن مطابق تہ اسان کي سڀ شاگرد برابر آھن جڏهن اسان ڪجھ شاگردن کي ڪتاب ڏيون ٿا تہ ٻيا شاگرد احساس ڪمتري جو شڪار ٿين ٿا ۽ ٻارن اڳيان اسان کي شرمندگي محسوس ٿئي ٿي ،
جڏهن تہ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جا ريٽيل قيمت وارا ساڳيا ڪتاب مارڪيٽ ۾ اڻ کٽ موجود آھن ڪاروباري لحاظ سان انهن ڪتابن جو وڪرو جاري آھي آھي پر مفت قيمت وارن ڪتابن جي کوٽ آھي ۽ هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ ڇا مفت درسي ڪتابن جي ورهاست ۾ ڪجھ عناصر رڪاوٽ تہ ناهن بڻيل ؟ اگر رڪاوٽ رڪاوٽ بڻيل آھن تہ اهي ڪهڙيون شخصيتون آھن ؟ ڇا اهي تعليم کاتي جون ملازم پيشہ شخصيتون يا سياسي ؟ يا وري ڪا ڪاروباري ڌر آھي يا اڃان بہ ڪا ٽين ڌر آھي جنهن کي فائدو هٿ وٺي فائدو ڏنو پيو وڃين،
جڏهن سنڌ سرڪار موجب سنڌ سرڪار سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کي اڳ ئي آگاھ ڪيو هو تہ درسي ڪتاب وقت تي اسڪولن کي مهيا ڪيا وڃن جيئن تعليم کي جاري رکي اڳتي وڌائي سگهجي پر هن ڀيري درسي ڪتابن جي شديد کوٽ ڪري غريب طبقي کي مايوس ڪيو ويو آھي سوال اهو پيدا ٿي رهيو آھي تہ هڪ پاسي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي عورتن ۾ نياڻي ۽ پٽ جي اولاد لاء تعليم لاء وظيفو ڏيڻ جا خيالي پلاء ڏيکاري رهيا آھن تہ ٻئي پاسي مهانگائي ۽ درسي ڪتابن جي کوٽ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي پريشان ڪيو پيو وڃي جڏهن تہ سرڪار وٽ انگ اکر موجود آھن تہ ڪهڙي اسڪول ۾ ڪيترا ٻار تعليم پرائي رهيا آھن ۽ انهن لاء ڪيترن ڪتابن جي ضرورت آھي ۽ افسوس جي ڳالھ آھي تہ سمورو رڪارڊ هجڻ باوجود شاگردن کي ڪتاب مڪمل طرح نہ پیا ملن،
سوچڻ جي ڳالھ ھيء بہ آھي تہ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران مڪمل ڪتاب فراهم نہ ڪرڻ واري عمل تي سڀ چپ جو روزو رکيون ويٺا آھن ڇا اهي گڏجي افطاري ڪرڻ جي چڪر م تہ ناهن ، سنڌ جي تعليم کاتي اندر استادن جي حڪن جي تحفظ سميت ٻيون تنظيمون آخرڪار ڪتابن جي کوٽ لاء آواز بلند ڇونہ ڪري رهيا آھن انڪريمينٽن ، پروموشنز ۽ مختلف الئونسن لاء جهيڙيندڙ تنظيمن کي ڇا ڪتابن جي کوٽ نظر نہ پوئي اچي جو جنهن ڪم لاء هو پگهار وٺڻ ۽ وڌائڻ لاء تہ سيڪريٽريٽ جو گهيراء ڪن ٿا پر ڪهڙي وجه آھي جو درسي ڪتابن جي کوٽ لاء هڪ احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ کان بہ قاصر آھن ،
اسان جي هڪ تہ اها بہ بدقسمتي آھي صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي چند استاد آھن جن کي اهو اونو ھوندو آھي تہ اسڪول آيا آھيون تہ ٻارن کي پڙھائي پنهنجي روزي هلال ڪري پنهنجي ٻچن جي پيٽ ۾ وجهون جن ۾ ضلع نوشھروفيروز جي تاريخي شهر ٺاروشاھ جي گورنمينٽ ڪئمپس هاء اسڪول جو ايماندار استاد احمد خان ميمڻ بہ هڪ آھي جنهن پنهنجي ڪيريئر ۾ هڪ بہ ريزڪي موڪل نہ ڪئي آھي ٽائيم تي اسڪول پهچي اسيمبلي اٽينڊ ڪري ڪلاس ۾ داخل ٿي پوء موڪل تائين ٻارن کي پڙھائيندو رهي ٿو جڏهن تہ ٻيو سينيئر استاد محمد اسلم ڏھراج، محمد قاسم ميمڻ ، استاد امير علي سولنگي، جاکوڙي استاد سڪندر جانوري، محمد عيسا چنہ ۽ چند ٻيا آھن جيڪي پوري طرح ايمانداري سان پنهنجا فرائز انجام ڏئي رهيا آھن ۽ ڪا به ڪمپرومائيز نہ پیا ڪن ۽ پنهنجي فرض کي فرض سمجهي ادا ڪري رهيا آھن ۽ اهي ئي سنڌ جو سرمايو آھن جڏهن تہ اڪثريت اهڙن استادن جي بہ آھي جيڪي سڄو ٽائيم نقطہ چینی ڪرڻ ٻين استادن کي بہ حوالن ۾ بيهارڻ ۽ شاگردن جو سال فضول ڪرڻ ۾ اسڪولن اندر پاڻ کي هٿٺوڪيو ڪامريڊ سڏائي ڊيوٽي چوري ڪرڻ ۾ پنهنجو پاڻ کي معتبر ۽ ڏاهو سمجهندا آھن ۽ ايمانداري سان ڊيوٽي ڪندڙن کي بيوقوف ۽ اٻوجھ چوڻ ۾ فخر مسوس ڪندا آھن ۽ اصل ۾ مونکي منهنجي ذاتي رائي موجب اهي ذھني معزور لڳندا آھن جيڪي اسان جي مستقبل سان کيڏي رهيا آھن جڏهن تہ ضرورت ان ڳالھ جي آھي تہ وقت جي حڪمرانن ۽ بااختيار ادارن کي گهرجي تي تجربا ڪرڻ بجائي تعليم کاتي کي منظم ڪري سنڌ اندر شاگرد يونين کي بحال ڪري شاگردن جي مسئلن طرف ڌيان ڌريو وڃي ۽ پروموشن وغيره پگهار وڌائڻ جو تعين ان استاد جي پڙھائي تي ڪيو وڃي ۽ لازمي طور اهڙو قانون جوڙيو وڃي جيئن ڪو قابل استاد ٻارن کي بهتر پڙھائي ۽ ايمانداري سان ڊيوٽي ڪري ٿو ان جو ئي رزلٽ آڌار هر سال پگهار وڌائي پروموٽ ڪيو وڃي ۽ غفلت ڪندڙن کي ان مطابق اجر ڏنو وڃي ۽ مڙني تعليمي ادارن ۾ چيڪ اينڊ بيلنس سسٽم کي يقني بڻائي تعليم دشمن منصوبن جو خاتمو ڪري سنڌ ۾ تعليمي معيار بلند ڪيو وڃي جيئن سنڌ ترقي يافتہ صوبو ٿي خوشحالي ماڻي ۽ سنڌ جو مستقبل اونداهو نہ بلڪه روشن ٿئي ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ سميت حڪمرانن ۽ تعليم کاتي کي گهرجي تہ جلد کان جلد درسي ڪتابن جي کوٽ ختم ڪري مڙني اسڪولن تائين درسي ڪتابن جي رسائي کي يقيني بڻائي سنڌ اندر تعليم جي ٻڏل ٻيڙي کي تاري ڪناري تي پهچايو وڃي جيئن سنڌ ۽ سنڌ واسي ترقي طرف وک وڌائي سگهن.










