خان کي پيش نه ڪرڻ تي گهرو سيڪريٽري طلب

خان کي پيش نه ڪرڻ تي گهرو سيڪريٽري طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين کي پيش نه ڪرڻ تي گهرو سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين جي خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ چار رڪني ڪميشن ڪئي. جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل شعيب شاهين اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل چيو ته اصل ۾ اڄ اليڪشن ڪميشن جي توهين ٿي آهي. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا هئا ته کيس اليڪشن ڪميشن جي آڏو پيش ڪيو وڃي. پر ان حڪم تي ڪوبه عمل نه ٿيو.پنجاب جي اي آءِ جي آپريشنز چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي حياتي کي خطرا آهن جنهن جو اظهار هو پاڻ به ڪري چڪو آهي. جنهن تي اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر نثار دراني پڇاڻو ڪيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جيڪو چوي ٿو اوهان کي يقين آهي ته هو صحيح چئي رهيو آهي؟ ٻئي طرف اي آءِ جي آپريشنز پي ٽي آءِ چيئرمين جي پيشي کان معذرت بابت رپورٽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. رپورٽ ۾ گهرو وزارت طرفان تجويز ڏني آهي ته اليڪشن ڪميشن اڊيالا جيل ۾ وڃي ڪيس جي ٻڌڻي ڪري.اي آءِ جي پنجاب پوليس چيو ته پنڊي گنجان آبادي تي ٻڌل آهي. اتان جو سفر خطري کان خالي نه آهي جنهن تي اليڪشن ڪميشن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کان اوهان لکرائي کڻي اچو ته مان معذرت ڪريان ٿو. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين کي پيش نه ڪرڻ تي گهرو سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو.اليڪشن ڪميشن چيو ته گهرو وزارت جيڪڏهن هڪ شخص کي سيڪيورٽي نٿو ڏئي سگهي ته چونڊون ڪيئن ڪرائيندا؟ گهرو وزارت اسان کي ڪيئن حڪم جاري ڪري سگهي ٿو؟ جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 13 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو