خانگي ايئر لائنز جو آپريشن متاثر، 6 اڏامون رد، 69 دير جو شڪار

خانگي ايئر لائنز جو آپريشن متاثر، 6 اڏامون رد، 69 دير جو شڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)خانگي ايئر لائنز جي فلائيٽ آپريشن تي سخت اثر پوڻ سبب پروازون 20 ڪلاڪن تائين دير ٿي وئي، انتظامي مسئلن جي ڪري ملڪ جي مختلف علائقن ۾ خانگي ايئر لائنز جون 6 پروازون رد ڪيون ويون آهن ۽ 69 دير جو شڪار آهن، ڪراچي کان گوادر، ملتان، اسڪردو تائين خانگي ايئر لائنز جون 5 پروازون ۽ اسلام آباد کان دبئي تائين 1 پرواز رد ڪئي وئي آهي.فلائيٽ شيڊول موجب، اسلام آباد ڏانهن خانگي ايئر لائنز جون 28 پروازون 1 کان 20 ڪلاڪ دير جو شڪار آهن، اسلام آباد کان رياض لاءِ هڪ خانگي ايئر لائن جي پرواز 20 ڪلاڪ دير سان روانو ٿي آهي.ڪوئيٽا کان اسلام آباد لاءِ قومي ايئر لائنز جون 2 پروازون 7 ڪلاڪ دير سان آيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو