حڪومت ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جي همت نه آهي: عباسي

حڪومت ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جي همت نه آهي: عباسي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عوام پاڪستان پارٽي جي ڪنوينر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جي همت نه آهي، حڪومت کي آرٽيڪل 6 لڳائڻ جو به شوق آهي، آرٽيڪل 6 حڪومت کي ٻيهر ڳچي ۾ پوندو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اڄ پنهنجي پارٽي جي پليٽ فارم تان پهرين پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهيان، آئين جو آرٽيڪل 14 پرائيويسي جو حق ڏئي ٿو. آرٽيڪل 19 اظهار جي آزادي جو حق ڏئي ٿو ۽ آئين جي تحت ئي ان پابندي لڳائي ويندي آهي پر پابندي کي خرابي ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ سيف گارڊز به لڳائڻا پوندا آهن. پابندي جو مقصد هجڻ گهرجي. اهو ممڪن نه آهي ته حڪومت جو نوٽيفڪيشن آئين کان تڪراري هجي، فون ٽيپنگ جو معاملو ڳجهو معاملو آهي ان ۾ ايتري غفلت ڇو ڪئي وئي.هن چيو ته اهو معاملو پارليامينٽ ۾ ڇو نه آندو ويو؟ ڪابينه ۾ ڇو نه آندو ويو؟ حڪومت کي احساس نه آهي ته موبائل اسان جي زندگي بڻجي چڪو آهي. سمورو ڪاروبار ان سان ڪنٽرول ٿيندو آهي. سيڪيورٽي به اهوئي آهي. انهي نوٽيفڪيشن اسان جي زندگي گريڊ 18 جي آفيسر جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. ڪوبه جمهوري ملڪ انهي جي اجازت نٿو ڏئي، جتي ڊيٽا محفوظ نه هجي اتي آءِ ٽي جو ڪاروبار ڪيئن ٿيندو؟ سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن جي فيصلي بابت ڳالهيون ڪندي هن چيو ته عدالت جيڪڏهن اهو فيصلو ڏنو آهي ته اهو ان جو ڪم آهي، هو حلف کڻندا آهن انصاف ڏيڻ جو اسان کي ميڊل ورهائڻ جو شوق آهي، اهو مشڪل فيصلو نه هو. انهي ۾ ڪنهن به قسم جا 2 رستا نه آهن جمهوريت اهڙن فيصلن سان ئي هلندي آهي.عطا تارڙ جي پريس ڪانفرنس تي ڳالهيون ڪندي شاهد خاقان چيو ته سياسي پارٽي تي پابندي جي ڪابه مثال نٿي ملي هي ملڪ کي ڪهڙي طرف کڻي وڃي رهيا آهن؟ هي حڪومت ڪنهن تي به پابندي نٿي لڳائي سگهي. هنن کي آرٽيڪل 6 لڳائڻ جو شوق آهي اهو ڪم احتياط سان ڪرڻ گهرجي. عمران خان تي ظلم ڪرڻ سان ڇا معاملا صحيح ٿي ويندا؟ حڪومت کي قانون موجب ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. 9 مئي کي هڪ سال ٿي ويو پر هڪ شخص کي به سزا نه ملي آهي هڪ فيصلي کان پوءِ پابندي جي ڳالهين سان ڪهڙا اثر سامهون ايندا.هن سوال اٿاريو ته پي ٽي آءِ جي خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت آهي ڇا اتي گورنر راج لڳائيندو؟ هن چيو ته ملڪ ۾ پارليامينٽ گارين جو پليٽ فارم بڻجي ويو آهي، ملڪ ۾ نظام صرف آئين موجب هجڻ گهرجي. شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان جمهوري ۽ پارلياماني قدرن جو احترام نه ڪيو، پابندي جو مقصد هجڻ گهرجي، خرابيون نه هجڻ گهرجن.هن چيو ته ڪوبه قانون آئين سان انڪاري نٿو ٿي سگهي، اسان کي ملڪ ۾ پارلياماني ۽ جمهوري روايتون آڻڻيون پونديون. پارليامينٽ اڪيلي سر نٿو هلي سگهي. اپوزيشن پارليامينٽ جو حسن هوندو آهي، عمران خان به اپوزيشن کي بند ڪرڻ چاهيو ٿي، هاڻ هي به اهوئي ڪري رهيا آهن حڪومت جو ته پنهنجو مينڊيٽ شڪي آهي، سياسي پارٽين جو مقابلو پولنگ اسٽيشنن تي ٿيندو آهي اسان ملڪ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي آئين موجب ڪريو. شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي رهي آهي باني سميت سڀني کي جيل ۾ وجهي ڇڏيندا، اها ڪهڙي سياست آهي؟ ڇا جيل ۾ وجهڻ سان معاملا صحيح ٿي ويندا. هن چيو ته اوهان 9 مئي تي فوجي ٺڪاڻن تي حملن جو ڪجهه نه ڪيو، هڪ سال گذري ويو، حڪومت کي آرٽيڪل 6 لڳائڻ جو به شوق آهي آرٽيڪل 6 جو اثر ٻيهر حڪومت جي تڪن تي به پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو