حڪومت ۽ اپوزيشن جي اقتداري ويڙهه ۾ لتاڙجندڙ عوام

حڪومت ۽ اپوزيشن جي اقتداري ويڙهه ۾ لتاڙجندڙ عوام

تحريرشيرمحمد سولنگي

حڪومت عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن هر شيءِ تي ٽيڪس، بجلي، گئس تي ايتري ته ٽيڪس وڌائي آهي جڏهن ته اسان جي وزير اعظم ۽ مخالف ڌر جو صرف بيانن تي گذارو آهي ڪوبه عملي ڪم  نه آهي مسئلن جي حل جو ماسٽر پلان نه آهي هاڻي تازو وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت ڪِرڻ بدران 3 ڪوئا شڪار ٿيندي ڏسندي.  حافظ آباد ۾ جلسي سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن اسان کي پاڪستان ٺاهڻ جو مقصد خبر ناهي ته هڪ قوم نٿا بڻجي سگهون، جيستائين قوم برائي جي خلاف نه بيهندي برائي وڌندي ويندي، ظلم خلاف نه بيهنداسين ته ظلم وڌندو ويندو. هن چيو ته 25 سالن کان قوم ۾ تبليغ ڪري رهيو آهيان، سياست ۾ پٽاٽن ۽ ٽماٽن جا اگهه ڄاڻڻ لاءِ ناهيان آيو، سياست ۾ رڳو پاڪستانين کي هڪ قوم بڻائڻ لاءِ آيو آهيان، سندس چوڻ هو ته مان يورپي يونين تي ٺيڪ تنقيد ڪئي هئي، يورپي يونين تي تنقيد تي فضل الرحمان چيو ته عمران خان وڏو ظلم ڪري ڇڏيو، ٻاهران ڪو گورو ايندو آهي ته شهباز شريف تڙ تڪڙ ۾ ٽائي سوٽ پائي ڇڏيندو آهي، شهباز شريف چئي ٿو ته انگريزن تي تنقيد ڪري مان ظلم ڪيو، بلاول به چئي ٿو ته عمران پاڪستان تي ظلم ڪري ڇڏيو پر مان اولهه کي انهن کان بهتر ڄاڻان ٿو، وزيراعظم چيو ته ڪا ڳڻتي نه ڪيو، هي حڪومت جي خلاف گڏيا آهن پر ڪجهه نه ٿيندو، ايندڙ ڏينهن ۾ سڀ ڏسندا ته حڪومت ڪرڻ بدران جيڪي 3 ڪوئا شڪار لاءِ نڪتا، اهي شڪار ٿي ويا، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اتحادي جماعت ق ليگ جو وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ بابت صلاح مشوري وارو اجلاس ختم ٿي ويو، اجلاس ۾ ق ليگ حڪومت بدران اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ جو اشارو ڏنو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ق ليگ جا گھڻي ڀاڱي اڳواڻ حڪومتي رويي تان ڪاوڙيل آهن، اپوزيشن جي آڇن جو اثرائتو جواب ڏيڻ تي زور ڀريو ويو آهي، جنهن تي فيصلو ٻين اتحادي ڌڙن سان گڏجي ڪيو ويو، اجلاس کانپوءِ غير رسمي گفتگو ڪندي ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت جو چوڻ هو ته وزيراعظم کي سخت لفظ استعمال ڪرڻ ۽ سياسي قيادت کي هڪٻئي خلاف خراب لقب ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي اپوزيشن جي پاسي جهڪاءَ جو اشارو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر اڳواڻ جو ساٿ ڏنو ته وزارتن کان استعيفيٰ ڏينداسين، اپوزيشن سان اسيمبليون مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، هن چيو ته اپوزيشن ليڊر سان ڪنهن وقت به ملاقات جو امڪان آهي، ٻن ڏينهن ۾ حڪومتي اتحادين سان مشاورت بعد ايندڙ حڪمت عملي جو گڏيل اعلان ڪنداسين، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بي اعتمادي تي رڳو اپوزيشن نه پر عوام به اسان سان گڏ آهي، سموريون جمهوري قوتون غير جمهوري شخص خلاف پنهنجو حق استعمال ڪري رهيون آهن، ملڪ کي جهنگ جي قانون تحت نٿو هلائي سگهجي، اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم وائڙو ٿي ويو آهي، گارين تي لهي آيو آهي، لانگ مارچ ثابت ڪري ڇڏيو ته حڪومت عوام جو اعتماد وڃائي چڪي آهي، ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ ضروري آهي ته پارليامينٽ ميمبرن کي ووٽ جو حق ڏنو و ڃي، وزيراعظم جا نمائندا اعلان ڪري رهيا آهن ته اسان ووٽ نه ڏينداسين، هن چيو ته حڪومت تي چوڻ تي پوليس پارليامينٽ ۾ داخل ٿي ۽ اسيمبلي ميمبرن کي گهليو، ان سان دنيا کي ڪهڙو پيغام ويندو، قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ اليڪشن ڪميشن اسيمبلي ميمبرن کي ووٽ جو حق يقيني بڻائين، سندس چوڻ هو ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيندي، مان پاڪستان جي تاريخ ۾ ايترو پريشان وزيراعظم ڪڏهن ناهي ڏٺو، ايترو ڊنل آهي جو هر شخص کي گاريون ڏيڻ تي مجبور آهي، عمران خان کي چئلينج ٿو ڪيان ته پنهنجي اسيمبلي ميمبرن کي ووٽ وجهڻ جي اجازت ڏئي، جيڪو شخص پنهنجي ميمبرن تي اعتماد نٿو ڪري سگهي اهو حڪومت ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ اسان جا نمبر پورا نه هجن ها ته عمران خان ايڏو پريشان نه هجي ها، وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته 15مارچ کانپوءِ عمران خان جي پوزيشن وڌيڪ مضبوط ٿي ويندي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن جو ڪم اهو ئي آهي جيڪو اهي ڪري رهيا آهن، اسان به جڏهن اپوزيشن ۾ هئاسين ته ايئن ئي ڀڀڪيون ڇڏينداسين هئاسين پر عمران خان ڪيڏانهن ڪو نه پيو وڃي، هو پنج سال پورا ڪندو، سندس چوڻ هو ته اسان عمران خان سان جبل ۽ پاڇي جيان گڏ بيٺل آهيون، ٻن ڏينهن کانپوءِ اپوزيشن ۽ عمران خان جي پوزيشن اڃا وڌيڪ واضح ٿي ويندي، جيڪو به عمران خان سان بيٺل هوندو قوم ان کي عزت ڏيندي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس بابت سوال تي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته اجلاس اسپيڪر کي گھرائڻو آهي ۽ اسپيڪر جو فيصلو قانوني ۽ آئيني هوندو، سندس فيصلو ڪنهن عدالت ۾ چيلينج نٿو ٿي سگھي، اسپيڪر 15 مارچ کانپوءِ اجلاس گھرائڻ جو فيصلو ڪري وٺندو، 22 کان 30 مارچ تائين جا ڏينهن گھڻا اهم آهن، مسلم ليگ ق پاران ٿيندڙ تنقيد جي حوالي سان پڇيل سوال تي گھرو وزير جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن ڪنهن سوال پڇيو ته مون چيو ته پنج سيٽن وارا به بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، مون ق ليگ ۽ چوڌرين جو نالو ناهي کنيو، بليڪ ميلنگ واري ڳالهه ڪئي ته ماڻهو بيزار ٿي ويا، ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، مان پاڻ اعتراف ڪري چڪو آهيان هيءَ ڳالهه ته مون پنهنجي ڪتابن ۾ لکي آهي. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته چوڌري شجاعت سندس ڀاءُ آهي، الله کيس صحت ڏئي، ڪڏهن به هن خلاف نه ڳالهائيندس، چاهيون ٿا ته اتحادين کي به گڏ کڻي هلون.حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان اسلام آباد جلسي ۾ 10 لک ماڻهو آڻڻ بدران 172 ميمبر پورا ڪرڻ جي ڳڻتي ڪري، اسلام آباد ۾صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان ڪاميابي جي آخري مرحلن ۾ آهيون، عمران خان اڪثريت وڃائي چڪو آهي، ڇو جو مڪاني چونڊن جي نتيجن ثابت ڪري ڇڏيو ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي، بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي وئي آهي، اصولي طور عمران خان هاڻي عوام سان خطاب نٿو ڪري سگھي، اليڪشن ڪميشن پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن چيو ته نواز شريف پاڪستاني آهي ۽ کيس وطن واپسي کان ڪوئي روڪي نٿو سگھي، عمران خان روس به پنهنجي اسرائيلي سالي جي چوڻ تي ويو، فضل الرحمان چيو ته عمران خان خلاف سڄو ملڪ تيار آهي، اسان انهن کي ڪنهن وقت به اسلام آباد گھرائي سگھون ٿا، بيورو ڪريسي ۽ اسٽيبلشمينٽ عمران خان جو حڪم نٿي مڃي، عمران خان چرين وانگي گھمي رهيو آهي، وائڙو ٿي ويو آهي، اسيمبلي ميمبر ڪنهن کان نه ڊڄن، عمران خان ڀڀڪيون هڻڻ ڇڏي ڏئي، جي يو آءِ سربراهه چيو ته سڀاڻي ٿيندڙ اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا ويندا، عمران خان اسلام آباد ۾ ڏهه لک ماڻهو آڻڻ بدران 172ميمبر پورا ڪرڻ جو فڪر ڪري. سوال اهو آهي  ته هنن جي سياست مان عوام کي ڪهڙو فائدو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو