لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ سان حڪومت پنهنجي قبر کوٽيندي ۽ موت کي دعوت ڏيندي. هن چيو ته آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ڇو ته پوليس لانگ مارچ جي شرڪت ڪندڙن تي فائرنگ ڪئي، پوليس اجازت وٺڻ تي گوليون هڻي ڇڏيون آهن.










