حڪومت صوبي ۾ تعليم جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري پئي: ڌاريجو

حڪومت صوبي ۾ تعليم جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري پئي: ڌاريجو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صنعت ۽ واپار وارو صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته حڪومت سنڌ صوبي ۾ تعليم جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ نجي شعبي جو سهڪار پڻ حاصل ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه هن اڄ مجلس تعليم ملي جي عهديدارن جي هڪ وفد سان پنهنجي آفيس ۾ ملاقات ڪندي ڪئي. ملاقات ۾ ميمبر سنڌ اسيمبلي محمد فاروق شيخ، ڊاڪٽر شير شاهه، محمد اشرف ۽ شهناز احد پڻ موجود هئا. وفد جي ميمبرن پنهنجن ادارن جي انتظام هيٺ هلندڙ تعليمي ادارن جي باري ۾ صوبائي وزير صنعت ۽ واپار ڄام اڪرام الله ڌاريجو کي آگاھي ڏني. ان موقعي تي ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته حڪومت سنڌ صوبي ۾ تعليمي ادارن جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري آهي. سنڌ ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نجي ادارن کي گڏ وٺي ڪري هلي رهيا آهيون. ملاقات ۾ وفد جي ميمبرن صوبائي وزير کي پنهنجن مسئلن کان آگاھ ڪيو. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو وفد کي پنهنجي مڪمل سهڪار جو يقين پڻ ڏياريو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو