حيدرآباد (ن س )حيدرآباد ۾ ڊي سي جي اڳواڻي ۾ حددخلين خلاف ڪارروايون ڪري 2 شوروم سيل ڪيا ويا. ڊي سي زين العابدين جي نگراني ۾ اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ بلديا عملي قاسم آباد سميت مختلف علائقن ۾ حددخلين خلاف ڪارروائي ڪندي 2 شوروم سيل ڪري بيٺل گاڏيون چالان ڪري ڇڏيون. انڪروچمينٽ عملي واڌو واهه، نسيم نگر چوڪ، علي پيلس ۽ ٻين علائقن ۾ ريڙهي وارن ۽ دڪاندارن جو سامان ضبط ڪري ڇڏيو. ڊي سي زين العابدين ميمڻ جو چوڻ هو ته شهر ۾ غيرقانوني اڏاوتن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، غيرقانوني اڏاوتن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رکيو ويندو…………










