ليکڪ سيد زوار حشين شاهه
سنڌ اهڙن بگهڙن سان ڀريل آهي ، جنهن جي سرپرستي سرڪاري ڪرسين تي ويٺل ڪيترائي بي ضمير آفيسرن سياستدان ڪري رهيا آهن ، هن وقت جنهن طرح سان واقعه سنڌ ۾ ظاهر ٿيا آهن پهريان به ظاهر ٿيا پر ڀوتارن ڏوڪڙن جي چمڪ سان هر هڪ پوء جنهن ٻه اکر بگهڙن لاء لکيو يا انهن جي سپورت ڪئي پوء سماج سڌارڪ هجي يا صحافي هجي ، جيئن هاڻ به ٿي رهي آهي ، ڪنهن کان لڪيل ناهي ، نئون ڪوٽ 20 درندا اسان جي اڳيان آهن ، ان سان گڏ لاڙڪاڻي ۾ استاد بخاري جي گهراڻي جي نياڻي جيڪا به ڊاڪٽر هئي ان کان اڳ به ڪيترائي واقعه پيش ٿي چڪا آهن انڪشاف به ٿيندا رهيا آهن پر پوء اهو چئي ته ڪو خاص ثبوت ناهي ۽ انهن کي آئين جي مدد سان به باعزت بري ڪيو ٿو وڃي ، صرف هڪ ڳالهه ڪندس ته ڀلي جو پيپلزميڊيڪل يونيورسٽي ميڊيڪل هيلٿ اينڊ سائينس بي نظير آباد ۾ واقعو ٿيو هجي هي شهر سڄي دنيا ۾ هڪ خاص پهچان رکي ٿو هڪ ته سابق صدر سابق صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري جو گهر آهي ۽ هن نوابشاه جي نالي کي تبديل ڪري بي نظير آباد نالو رکيو ويو، هن يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر پروين رند کي گهٽا ڏيئي مارڻ جي ناڪام ڪوشش ٿي ،پر سنڌ ڄائي وڏي همٿ سان انهن درندن جو مقابلو ڪندي رهي ، هن فوري ان واقعي جي ڳالهه پنهنجي وڏڙن کي ڪئي هن اها صورت حال ڪوڪون پاڻ وڏڙڻ به ٻڌيون . جڏهن ڊاڪٽر پروين رند جا مٽ صحافي ساڻ ڪري پيپلز ميڊيڪل هيلٿ اينڊ سائنس يونيورسٽي پهتا ته انتظاميه ان نياڻي کي ڇڏي ڏنو جنهن بعد هو هاسٽل مان آزاد ٿي سڀ کان پهريان نواب شاه پريس ڪلب پهتي جتي هن پريس ڪانفرنس ڪندي خطرناڪ انڪشاف ڪيا هن چيو ته جيڪي به ڊاڪٽرس فوت ٿيا آهن انهن خودڪشيون نه پر اهرا درندا بليڪ ميل ڪري قاتل ڪري خودڪشي جو ڊرامو رچائين ٿا ، جنهن ، هاسٽل انچارج رابعه وڳڻ ، ڊائريڪٽر هاسٽل غلام مصطفا راڄپوت سميت ٻي ٽيم جا نالا به کنيا اهو انڪشاف ٿيو جنهن مان سمجهان ٿو ته پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ لڄائي ڇڏيو هجي اسان ڪيئن ڪنڌ کڻنداسين ڪيئن دنيا سان اکيون ملائينداسين ، اهڙو ظلم الله اڪبر ڇا ڇا لکجي ، بس شرم ۾ ڪنڌ جهڪي ويو آهي ، جڏهن ته مونکي ڊاڪٽر نمرتا جي والدين جا به سڏڪا ناهين وسريا ، سنڌ جي درد ڪٿا جي وڏي ڪهاڻي آهي پوري دنيا ۾ سنڌ واحد هوندي جنهن جي پنهنجي تهذيب ، پنهنجو اجرڪ پنهنجا ٿانو ، پنهنجي ڏاند گاڏي ، ڪيترائي هنر انهن وٽ هيو جيڪي به موئن جي دڙي مان مليا آهن جڏهن ته پنهنجي زبان ، ٻولي پنج هزار سالن کان به پراڻي تاريخ ، جنهن کي وساري نه ٿو سگهجي ، ايتري شاهوڪار جو ڇا ڳالهه ڪجي ، جڏهن پاڪستان آزاد ٿيو ته هر هڪ جيڪو به انڊيا کان آيو ان کي سنڌي قوم پنهنجا گهر اوطاقون خالي ڪري جي ء ۾ جايون ڏنيون ، ان وقت به شاهوڪار هن وقت به ڌارين سنڌ تي قبضا ڪري سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ، جنهن تي ڇا لکي ڇا لکان ، روئي سگهان ٿو ، سنڌ ڄائين جا سڏڪا ڀلا ڪيئن وساريان مونکان ڊاڪٽر عصمت ، مونکان فرزانه جمالي ، ڊاڪٽر نمرتا ، بخاري سيد گهراڻي جي سيد زادي ان جي موت کي ڪيئن وساريان ، ٻئي پاسي سنڌ جيجل مٿان به هاڻ اهي لاماره ڏسي رهيو آهيان ڄڻ سنڌ اسان جي نه پر ڪنهن ٻين ڌارين جي هجي ، سنڌ اندر چونڊيل بي هس سياستدانن جو آهي جن کي سدائين سنڌ جي عوام ٻين سياسي پارٽين کي سياستدانن کي نظر انداز ڪري ووٽ ڏيندا رهن ٿا ، سنڌ هن وقت به سڏڪا پئي ڏيئي ، جڏهن ته اسان جا سياستدان ، ڪرپٽ آفيسر انهن جا سهولتڪار صرف عياشين رشوت خوري ، شراب نوشي نشو آئيس ، چرس آفيم ڀنگ پيئڻ ۾ پورا آهيون ، جڏهن ته انهن کان اهو وسري ويو آهي ته سنڌ هن وقت وڏي امتحان مان گذري رهي آهي ، جنهن کي هن وقت ڪلهي ڏيڻ آٿٿ جي سهاري جي سخت ضرورت آهي ، سياستدانن ، سنڌ کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي ، جنهن ڪري به انهن کي ووٽرس جي ته ڪا به خبر ئي ناهي ، ته اسان سان سنڌ م ڇا ڇا پيو ٿئي هو پيسن ڏوڪڙن جي چمڪ م ڦاسي پيا آهن ،ٻيو زمينون ڀوتار خريد ڪري ا نهن غريبن کي زر خريد ڪري ڇڏيو هجي مان عرض ڪيان ته اهڙن ڀوتارن جاگيردارن پيرن ميرن آفيسرن سياستدانن انهن جي سهولتڪارن جو ضمير مرده ٿي چڪو آهي پر جيڪڏهن ڪو لکي ٿو ته ان کي به موت جي وڪڙ ۾ ڦاسايو ٿو وڃي ، پوء ائين اڳئين ڏينهن تي ڪو نه ڪو باضمير انسان قلم ڪار سماج سڌارڪ اديب شاعر لکندو ته الله اڪبر سينئر صحافي استاد شوڪت نوناري ، سيد زوار حسين شاه نجيب جوڻو حاڪم سنڌو ، ڀلا انسان هيا انهن کي سنڌ سان سنڌ جي ڄائين نياڻين سميت هر هڪ جي درد تڪليف جو احساس هو ، سدائين انهن جون قلم ذريعي بهترين خبرون هلائي نشر ڪري ڪالم لکي شاعري جي صورت ۾ لکي ادارن سميت آفيسرن ڪرپٽ سياستدانن پاڪستان جي ادارن کي سڄاڳ ڪندا هيا ، مان عرض ڪيان ته سنڌ هن وقت به سڏڪن ۾ ورتل آهي ، انهن جي اکين مان وهندڙ رت رت جا ڳوڙها ڀلا ڪيئن ٿا وساري سگهجن ، ان سان گڏ مان عرض ڪيان ته سنڌ جنهن لاء هي جان هڪ مرتبه نه پر لک مرتبا قربان ڪرڻ لاء تيار آهيون سنڌ جيجل امڙ پنهنجن ٻچڙن کي به سيني ۾ سانڊهي رکيو آهي ، انهن کي جيڪي تڪليفون آهن انهن تي هو اک رکي پر ائين ناهي ، ڪافي عرصي کان وٺي پاڪستان ۾ ٽي قسمن جا قانون آئين جو استعمال ڏسي رهيو آهيان اڪثر چوندو آهيان ته جيڪڏهن ڪو غريب بک بدحالي جي ڪري ڪا ماني چورائي ته ان کي پڪڙي سٽڪا ڏيئي جيل موڪلينداسين پر جيڪڏهن ڪو ڪرپٽ سياستدان ، ڪرپٽ آفيسر ڪرپٽ سهولتڪار هن ملڪ کي لٽي تباهه ڪن انهن کان ڪو ادارو پڇڻ لاء به تيار ناهي ، مان عرض ڪندس ته ڊاڪٽر پروين رند وڏي دليري ڏيکاري هڪ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي هو چاهي ٿي ته جيڪو ٿيوسو ٿيو ، گهٽ ۾ گهٽ ٻي ڪا ڊاڪٽر نمرتا يا فرزانه جمالي جهڙي اذيت نه سهي بيو ڪو قتل حراسمينٽ جو واقعو ڪنهن نياڻي سان پيش نه اچي جنهن تي اسان کي وڏو غور ويچار ڪرڻو پوندو ، نه صرف چانڊڪا . لمس ، ڪراچي ، کان بعد هاڻ سابق صدر پاڪستان جي شهر نوابشاه هاڻوڪي بي نظير آباد ۾ به اهڙا خطرناڪ واقعه ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن جيڪڏهن هاڻ به انهن دردن جن جن جي به داڪٽر پروين ڳالهه ڪئي آهي جنهن ٽيم جيڪي حراسمينٽ ڪري نياڻين کي ڏٽا ڏيئي بليڪ ميل ڪري دوستي رکي غلط استعمال ڪن ٿا ، انهن جي پڪڙ به ٿيڻ گهرجي پر مان عرض ڪندس ته پهرئين فرست ۾ وائيس چانلسر گلشن ميمڻ ، ڊائريڪٽر هاسٽل غلام مصطفا راڄپوت ، ، هاسٽل انچارج رابعه وڳڻ کي فوري گرفتار ڪيو وڃي ، هي سنڌ ايتري ننڌڻڪي ناهي ، جيڪڏهن قلم سان گڏ تلوار کڻي نڪتا سين ته پوء اسان کان گهڻو ڪجهه وسري ويندو ته اسان ڇا پيا ڪيون ، ڇا ڪرڻو آهي جڏهن ته جرنلسٽس رائيٽرس سول سوسائيٽي ٽرٿ فار پيس اينڊ جسٽس جي مرڪزي اڳواڻن ذوالفقار خاصخيلي ، سالار صحافت فرض شناس بيباڪ دلير صحافي استاد شوڪت نوناري ، ظفر ابڙو ، سنڌ جو سان سنڌ جو مان اديب بهترين شخصيت تاج سروهي ، سنڌ جو بهترن همٿ ڀريو سچ گو ڪامريڊ شهزور حاڪم ڀٽي سنڌو ، ڏاڍن کي ڏاڙيندڙ هڪ مرد جهڙي دل رکندڙ تهمينه خلجي ، شاعره صنم راڄپر ، اسٽيپ فائونڊيشن سنڌ چيئرمين شازيه بلوچ ، سماج سڌارج عبدالغفار ڳاهو ، ف ليگ رهنا صوبه سنڌ حبيب راڄپر ، ف ليگ رهنما سليم رضا سولنگي ، سماج سڌارڪ سنڌ آل پاڪستان انٽرنيشنل مشائخ ڪائونسل صوبه سنڌ جنرل سيڪريٽري پير سيد فرزند علي شاه جيلاني ، رهنما پي ٽي آء صوبه سنڌ پير سيد احمد علي شاه جيلاني چيئرمين راڻيپور شهري فورم پير سيد آصف علي شاه جيلاني ، سڄي دنيا سميت پاڪستان جي ٻين صوبن سميت سنڌ جو باشعور غيرت مند سماج سڌارڪ اديب قلم ڌڻي شاعر ، ليکڪ دانشور استاد شاگرد گهر درسگاهون ڇڏي سنڌ ڄائين سميت سنڌ جي هر مظلوم سان گڏ بيهندا ، ان ڪري مان سمجهان ٿو ته سنڌ اندر گهڻو ڪجهه ٿي چڪو قانون جي خلاف ورزي غريبن سان ظلم نياڻين سان حراسمينٽ جنسي حيوانيت جا واقعه فوري بند ٿيڻ گهرجن ، جڏهن ته سنڌ سميت راڻيپور ۾ وڏن وڏن تعليمي ادارن تي به ڪڙي نظر رکڻي پوندي ، ماضي ۾ ڪيترائي جڳ مشهور قصا هنن ادارن ۾ ٿيا آهن جن کي ڏوڪڙن جي چمڪ دڙڪن دهمانن سان لڪائڻ ۾ ڪامياب ٿيا جڏهن ته انهن ادارن ۾ شراب نوشي منشيات استعمال ڪرڻ جا به اوقعه پيا ٿين جن تي به گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي ، هاڻ جديد دور آهي سوشل ميڊيا آهي ان ڪري ڪنهن سان به ظالم سان ان جي سهولتڪارن سان رعايت نه ٿيڻ گهرجي ، جڏهن ته مان سنڌ جي سياستدانن کي لاچار ڪمزور بي ضمير سمجان ٿو بس عرض ڪندس ته عذاب الاهي کان بچن نياڻيون الله سائين سڀنن کي ڏنيون آهن ، zawarshah110@yahoo.com










