حماس اڳواڻ جو فون، فلسطيني مسلمانن جو درد محسوس ڪيون ٿا

حماس اڳواڻ جو فون، فلسطيني مسلمانن جو درد محسوس ڪيون ٿا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حماس اڳواڻ ابوالوليد خالد مشعل جو جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفون تي رابطو،ترجمان جي يو آءِ موجب حماس اڳواڻ مولانا فضل الرحمان کي فلسطين ۽ اسرائيل جي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو، جي يو آءِ جي اسلم غوري موجب حماس جي اڳواڻن يوم طوفان الاقصيٰ ملهائڻ تي مولانا فضل الرحمان جا ٿورا مڃيا. مولانا فضل الرحمان چيو ته فلسطيني مسلمانن جو درد محسوس ڪن ٿا،پنهنجي فلسطيني ڀائرن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين،انساني حقن جون تنظيمون اسرائيل جي وحشياڻي رويي جو نوٽيس وٺن.

پهنجو تبصرو موڪليو