حقيقي آزادي مارچ سبب پيدا ٿيل ملڪي بحران

خدا بخش زنئور
اڳوڻي وزيراعظم عمران تي ٿيل قاتلاڻي حملي کانپوء ملڪ جي گادي وارو ھنڌ اسلام آباد جنگ جو ميدان بڻيل آھي ملڪي صورتحال ۽ سياسي بحران ۾ پڻ اضافو ٿي ويو آھي پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏھن به سياسي جنگ ۾ خونريزي پيدا نه ٿي ھئي ۽ جھڙي ريت عمران خان سياسي جدوجھد ڪري رھيو آھي اھڙي سياسي جدوجھد پاڪستان جي ڪنھن به ليڊر شروع نه ڪئي ڊاڪٽرن جي رپورٽ مطابق عمران خان کي ڇھ گوليون لڳيون آھن جڏھن ته عمران خان ٽن طاقتور ڌرين تي الزام ھڻندي چيو آھي ته ٻن مھينن کان وٺي مون تي حملي جي سازش ڪري رھيا ھئا جنهن ۾ شھباز شريف ۽ سندس ڪابينه ميمبر راڻا ثنااللّه ۽ ھڪ فوجي ميجر آھي مطلب ته ملڪي ادارن ڪجھ اھڙا فرد به موجود آھن جيڪي دھشتگردي کي ھٿي ڏين ٿا جنھن ۾ اسٽيبليشمينٽ جو سڀني کان وڏو ڪردار آھي ھاڻي ڏسجي ته پنجاب حڪومت ٽن ملزمن خلاف ڪيس داخل ڪري ٿي يا نه ھن ملڪ جي والهي وارث اضل کان وٺي خلائي مخلوق رھي آھي انھن جي حڪمن کان سواء ڪجھ به ممڪن نه آھي اسٽيبليشمينٽ اداره ھن وقت شھباز حڪومت جا ڀاڱي ڀائيوار آھن تنهن جي ڪري ھن ملڪ ۾ فلحال ڪنھن به تبديلي جو ڪو به امڪان نظر نٿو اچي جيستائين چونڊون ٿين جيڪڏھن سنجيدگي سان ڏسجي ته پاڪستان ۾ صدارتي نظام ھميشه ڪاميابي ماڻي آھي ۽ جمهوريت ڪجھ سالن کانپوء ناڪام ٿي ويندي آھي جمھوريت ۾ جيستائين خلائي مخلوق ڌرين سان راضي رھي آھي تيستائين جمهوريت ڪامياب رھندي آھي ان کانپوء اھي پارٽيون اھي ئي ماڻھو خلائي مخلوق کي ناڪام لڳڻ شروع ٿي ويندا تنهن جي خاص وجھ سندن پيٽ نه ڀرجڻ ۽ ناراضگيون وڌي وڃڻ آھن عمران خان واحد پھريون حڪمران آھي جنهن اسٽبليشمنٽ سان گڏوگڏ عسڪري قيادت کي به سوچ ويچار وجهي ڇڏيو آھي عمران خان ھڪ ليڊر سان گڏوگڏ ھڪ دلير انسان پڻ آھي قاتلاڻي حملي کان پوء به چئي رھيو آھي ته ھٽندس ڪونه ڀلي جان ڇو نه ھلي وڃي تنھن مان صاف ظاھر آھي ته خلائي مخلوق کي پنهنجا رويا تبديل ڪرڻا پئجي سگھن ٿا عمران خان انصاف جي ڳالھ ڪري ٿو ۽ قانون کي بالاتر سمجهي ٿو جيڪي موجوده حڪمران آھن انهن ۾ نه انصاف آھي نه وري قانون آھي صرف ڪرپشن دھشتگردي ۽ گنڊا راڄ قائم ٿيل آھي عوامي راء مطابق موجوده حڪمرانن کان مختلف آھي عوام ڏسي رھي آھي ته چورن ٺڳن ۽ ڌاڙيلن جو ٽولو آھي جيڪو ٻنھي ھٿن سان لٽي ڦري رھيو آھي ماڻھو پنهنجي گهرن ۾ به محفوظ نه آھن مهنگائي ۾ ڏينهو ڏينهن اضافو ٿي رهيو آھي پيٽرول جون قيمتون ضابطي کان ٻاھر آھن جڏھن ته عالمي منڊي ۾ پيٽرول سستو آھي پيٽرول تان سسبزڊي کڻي ھي ٻاھرين ملڪن ۾ جائيدادون خريد ڪري رھيا آھن عوام موجوده حڪمرانن مان مڪمل غير مطمئن آھي عوامي بهبود لاء شھباز شريف ۽ آصف زرداري به ڪي اثرائتا قدم ناھن کنيا ترقي امن آجپي جو ڪڏھن سج اڀرندو ان جي توقع رکڻ به ائين جيئن پاڻي ۾ پٿر جيتري قدر ھن وقت مهنگائي آھي پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏھن به اھڙي مهنگائي جنم نه ورتو کاڌي پيتي جي شين کان اعلاوه تيل جون قيمتون ٻج ڀاڻ دعوائون سڀني جا اگھ آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيا آھن موجوده حڪمران بوکلاھٽ جو شڪار ٿي ويا آھن پاڪستان دنيا جي واحد رياست آھي جيڪا معدني وسيلن سان مالا مال آھي جنهن ۾ تيل جا کوھ پاڻي سمنڊ ۽ ڪيترين ئي نعمتن سان نوازيل آھي پر پوء به ھتي جا ننڍڙا ٻار غزائي کوٽ سبب روز مري رھيا آھن عمران خان جو چوڻ آھي ته آزاد رياست کي مظبوط ۽ محفوظ بڻائي پوء دم وٺندس جنن ھن ملڪ پئسو چوري ڪيو آھي انهن کان روپيي جو به احتساب وٺندس پاڪستان کي ھڪ آزاد رياست بڻائي انصاف جو نظام ٺھيڪ ڪندس عمران خان ھڪ آنيسٽ ايماندار انسان آھي خلائي مخلوق سڀ ڄاڻي ٿي تنهن کانپوء ڪجھ مھينن اندر نظام تبديل ٿيڻ وڃي رھيو آھي

پهنجو تبصرو موڪليو