جھالت هٿان شعور جو قتل.!

جھالت هٿان شعور جو قتل.!

علي اڪبر لاشاري
یہ دیس ہے اندھے لوگوں کا
اے چاند یہاں نہ نکلا کر
جهالت هٿان شعور جو قتل، ڪيڏي نه ڀيانڪ ڳالهه آھي.
پئرس مان (پي ايڇ ڊي) ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي ماڻهون ۾ تعليم جي لاٽ ٻارڻ لاءِ وڏا وڏا خواب کڻي ايندڙ هڪ فقير صفت انسان استاد اجمل ساوند قبيلائي تڪرار جي آڙ ۾ ظالمن ڪرائي جي قاتلن هٿان قتل ٿي ويو.
سائين اجمل ساوند جو ان قبيلائي تڪرار سان ڪنهن بہ قسم جو ڪوبہ تعلوق نہ هو سائين تہ فقير صفت انسان هو سائين جي آواز ۾ سنڌ ڌرتي جي مظلوم ماڻهون جو درد سمايل هو سائين اجمل جو قتل کي اسان قبيلائي تڪرار جو رنگ نٿا ڏئي سگھون سائين کي هڪ وڏي سازش سان قتل ڪيو ويو آهي.
اھو سائين اجمل جو قتل نہ پر سنڌ جي شعور جو قتل آهي. سنڌ جي مظلوم ماڻهون جي آسون اميدون جو قتل آهي.
سر اجمل جهڙي باڪردار استاد کي بيگناهه قتل ڪيو ويو سر اجمل جو ڏوھ صرف اھو هو جو هُن ظالم دهشتگردن جي علائقي ڪشمور ڪنڌڪوٽ سميت سموري سنڌ ۾ تعليم عام ڪرڻ ٿي چاهي هن جو خواب هو تہ سنڌ جو عوام تعليم طرف وڌي ءِ تعليم پرائي هن جو سڀ کان وڏو مقصد هيو تہ سنڌ جون نياڻيون پڙهن هن جو ڏوھ اھو ئي هو جو هُن سرداري نظام جي مخالفت ڪري سنڌ جي نياڻين جي تعليم تي ڪم ڪيو.
افسوس! هن کي اھا ڄاڻ نہ ھئي تہ سنڌ جي تعليم تي ڪم ڪرڻ جي کيس ايڏي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
شام جو پهر هو اچانڪ فيسبوڪ تي سائين اجمل جي قتل ٿيڻ جو پوسٽون اکين اڳيان گذاريون منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا. ايئن محسوس ٿي رهيو هيو تہ ڄڻ منهنجي ڪنهن فيملي ميمبر جي موت جي خبر منهنجي اکين اڳيان گذري هجي.دل ئي دل ۾ سوچيندو رهيس تہ اسان کي ھي چا ٿي ويو آهي اسان پنهنجي ئي اُستاد کي پاڻ قتل ڪري ڇڏيو. اھو استاد جيڪو اسان کي جيئڻ مرڻ سيکاري رهيو هئو. قبائلي تڪرارن جي آڙ ۾ سر اجمل جهڙا ڪونڌر ڪُسجي ويا.

افسوس! سر اجمل جهڙا انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهين.سر اجمل پنهنجي محنت سان تمام وڏو مقام ٺاهي(آئي بي اي) سکر ۾ پروفيسر ٿيو هُن پئرس مان پنهنجي محنت سان(پي ايڇ ڊي) ڪئي ھئي کيس ڪافي دفعا ٻاهرين ملڪن مان آفرون آيون پر اُهي سڀ افرون ٺڪرائي پنهنجون سموريون تعليمي خدمتون پنهنجي ديس جي حوالي ڪيون. کيس خبر نه ھئي تہ ٻاهرين ملڪن طرفان ملندڙ آفرون ٺڪرائي پنهنجي ئي ديس ۾ ظالم جلادن جي هٿان بيگناهه ماريو ويندو.
افسوس!
جھالت سنڌ جي شعور کي ڳڙڪائي وئي!
مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿين نه مات
هوندا سي حيات جئڻان اڳي جي جئا

پهنجو تبصرو موڪليو