سکر(بيورو رپورٽ) جيلن واري صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس جي احتساب عدالت سکر جي جج فريد انور قاضي جي عدالت ۾ اعجاز جکراڻي جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اعجاز جکراڻي عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت اعجاز جکراڻي جي آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ پنج لک روپين عيوض گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت 8 نومبر تائين منظور ڪري ورتي. نيب پاران اعجاز جکراڻي سوڌو پنج ڄڻن مٿان 74 ڪروڙ روپين جو ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪرايل آهي.










