جيڪب آباد(ن سنڌيار) جيڪب آباد ڀرسان نوجوان جو تشدد ٿيل ڳلو ڪپيل لاش هٿ صدر ٿاڻي جي حد پير قائم شاهه جي علائقي ۾ زرعي زمين مان نوجوان جو تشدد ٿيل ۽ ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو آهي، اھڙي اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو.تشدد ٿيل لاش جي سڃاڻپ سومرا ڳوٺ واسي ڊرائيور رحمت الله گولو طور ٿي وئي آهي، ان سلسلي ۾ صدر پوليس موجب ته اطلاع تي پھچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو، جڏهن ته واقعي بابت جاچ جاري آهي، نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.










