ڪيف (ويب ڊيسڪ) يوڪريني صدر وولوديمير زيلنسڪي چيو آهي ته يوڪرين تي روسي حملي جي شروعات کان هيل تائين اڍائي کان ٽي هزار يوڪريني فوجي مارجي ويا آهن.آمريڪي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي زيلنسڪي چيو ته ان ويڙهه ۾ زخمي ٿيندڙ يوڪريني فوجين جو انگ 10 هزار کان وڌيڪ آهي.اولهه ملڪن موجب ان ملڪ ۾ مارجي ويل روسي فوجين جو انگ به هزارن ۾ آهي.زيلنسڪي ان کان اڳ روسي حملي جا 50 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي فوج ۽ عوام جي تعريف ڪندي چيو هو ته يوڪرين پنهنجي آزادي ۽ بقا جي ويڙهه جاري رکندو.هوڏانهن گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته ان ويڙهه جي نتيجي ۾ هيل تائين مجموعي طور تي 4.7 ملين ماڻهو يوڪرين مان لڏپلاڻ ڪري پاڙيسري ملڪن ۾ پناهه وٺي چڪا آهن.










