جنگشاهي  ۾ سموري سنڌ جيان ثقافتي ڏھاڙو ملهايو ويو

جنگشاهي ۾ سموري سنڌ جيان ثقافتي ڏھاڙو ملهايو ويو

جنگشاهي(رپورٽر)سڄي سنڌ جيان جنگشاهي ۾ سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان تقريب جنگشاهي پريس ڪلب پاران منعقد ڪئي ويئي جنھن ۾ مختلف سياسي سماجي سول سوسائٽي واپاري اڳواڻن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڊائريڪٽر انفارميشن واٽر ڪارپوريشن عبدالقادر شيخ سماجي اڳواڻ پير غلام حُسين شاھ رانا محمد اقبال راجپوت ۽ ڪامريڊ شفيق جوکيو خطاب ڪندي سنڌي ثقافت جي ڏھاڙي تي سنڌ سان محبت ڪندڙ سڀني ڌرتي واسين کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو تہ اسان کي فخر آھي تہ سنڌ جي عظيم تھذيب ۽ ثقافت جا وارث اسين آھيون ھنن چيو سنڌ جي ثقافت دنيا جي قديم ترين ثقافتن مان هڪ آهي جيڪا 5 ھزار سال پراڻي آھي ۽ سنڌي قوم محبتي ۽ امن پسند قوم آھي انڪري سنڌ جا ماڻهو دنيا ۾ امن ۽ رواداري جي سڃاڻپ طور سڃاتا ويندا آهن جڏهن تہ سنڌ ڌرتي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿي ھنن چيو سنڌي ثقافت پنھنجي روايتن کي زندھ رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي سنڌي ٽوپي اجرڪ تي اسان کي ناز آهي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اسان جي سڃاڻپ آهن جڏهن تہ اجرڪ ٽوپي ۽ ٻيا هٿن سان ٺهيل سامان سنڌي ثقافت جي سڃاڻپ آهن ھنن چيو سنڌ ڌرتي صوفي ازم جي سوچ سان جڙيل آهي ۽ صوفين جي سر زمين سنڌ پنهنجي قديم تهذيب ۽ ثقافت جي لحاظ کان منفرد حيثيت رکي ٿي جڏھن حضرت عبدالله شاھ غازي حضرت لال شهباز قلندر حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي ۽ حضرت سچل سرمست جي ڌرتي انسانيت سان محبت جو درس ڏئي ٿي انڪري اسان کي پنھنجي ڌرتي ثقافت بزرگن ۽ صوفين جي ڏنل تعليم تي سدائين فخر رھندو ھنن جو چوڻ هو تہ سنڌو تهذيب جي منفرد رنگن ڳنڍجي هن خطي کي هڪ خوبصورت سڃاڻپ ڏني آهي انڪري اسان کي پنهنجي بنياد هن خطي جي سڃاڻپ ۽ پنهنجي روايتن کي هڪ فرض سمجهي اڳتي گڏ وٺي وڃڻو پوندو ۽ سنڌ جي تعليم کي ھٿي ڏئي ڪري ايندڙ نسلن جي بھتر مستقبل جي لاءِ ڪوششون وٺڻيون پونديون اڳواڻڻ جو وڌيڪ چوڻ هو تہ سنڌ جي ثقافت کي سموري دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ ۾ ميڊيا جو اھم ڪردار آھي انڪري ميڊيا جي سمورن ادارن کي جس هجي تقريب ۾ سينئر استاد الطاف پليجو پرويز احمد جوکيو سينيئر صحافي عبدالرحيم جوکيو اويس رئوف بروهي محمد جمن جوکيو لوئر اسٽاف اڳواڻ منير احمد بروهي سماجي اڳواڻن خدا بخش مشوري ڪامريد اظھر جاکرو معيز رئوف بروهي اصغر خليفو علي حسن جاکرو الله ڏنو جاکرو ۽ ٻيا شريڪ ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو