جسٽس جهانگيري سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چيلينج ڪري ڇڏيو

جسٽس جهانگيري سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چيلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جسٽس طارق محمود جهانگيري سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جهانگيري سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چيلينج ڪندي سپريم ڪورٽ کان استدعا ڪئي آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو 25 سيپٽمبر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس ۾ ڌر بنجڻ جي درخواست رد ڪئي، متاثر ڌر کي ٻڌڻ کان سواءِ هڪ طرفو فيصلو قانون جي خلاف آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ جو معاملو به نظر انداز ڪيو. درخواست ۾ سنڌ ايجوڪيشن ڪميشن، ڪراچي يونيورسٽي، پيمرا ۽ ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي.جسٽس طارق محمود جهانگيري طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستگذار کي ڌر ناهي بنايو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ کي فيصلو ڪرڻ کان اڳ درخواستگذار کي ڌر بنجڻ ۽ وڪيل ڪرڻ جي مهلت به نه ڏني وئي، درخواستگذار جي ڊگري جو معاملو آئيني بينچ ۾ مقرر نٿي ٿي سگهيو.عدالت کان استدعا ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته درخواستگذار موجوده جج هجڻ سان گڏوگڏ مختلف بار جي عهدن تي به فائز رهيو آهي. درخواستگذار جي ڊگري ملتوي ڪرڻ بدنيتي ۽ غيرقانوني عمل تي ٻڌل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو