جج کي ڌمڪيون، خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ عمران خان پاران عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ڪيس جي ٻڌڻي سينيئر سول جج رانا مجاهد رحيم ڪئي، جنهن ۾ اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي عدالت ۾ پيش ٿيو.پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين ۽ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان اڄ به عدالت ۾ پيش نه ٿيو.اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي عدالت کي درخواست ڪئي ته عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن.عمران خان جي وڪيل نعيم حيدر طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪرائي آهي. عدالت وڪيل نعيم حيدر کان پڇاڻو ڪيو ته ان ڪيس ۾ توهان جي وڪيل جو سرٽيفڪيٽ ڇو ناهي؟جنهن تي وڪيل نعيم حيدر جواب ڏنو ته نوٽيس جي خبر گذريل رات آئي.

پهنجو تبصرو موڪليو