ججن ۾ اختلاف ختم ڪرڻ جي ڪوشش،ججن جي مان ۾ رات ماني

ججن ۾ اختلاف ختم ڪرڻ جي ڪوشش،ججن جي مان ۾ رات ماني

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي ججن وچ ۾ اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ گذريل رات ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو.ذريعن موجب چيف جسٽس عمر عطا بنديال پاران ڊنر جو انتظام ڪيو ويو جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي سمورن ججن کي دعوت ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊنر ۾ سپريم ڪورٽ جي 15 مان 14 ججن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ به ڊنر ۾ شرڪت نه ڪئي.ذريعن موجب چيف جسٽس آف پاڪستان طرفان ڊنر جو مقصد ججن وچ ۾ اختلاف ختم ڪرڻ هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته هر عيد کانپوءِ چيف جسٽس آف پاڪستان ساٿي ججن جي اعزاز ۾ ڊنر ڏيندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو