ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ)جاپان جو اڳوڻو وزيراعظم شنزو ايبي قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيڻ بعد اسپتال داخل آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب جاپان جي اڳوڻي وزيراعظم شينزو ايبي کي تقرير دوران گوليون لڳيون.مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته شينزو ايبي کي 2 گوليون لڳيون، سندس حالت خطري کان ٻاهر ناهي.گولي اڳوڻي جاپاني وزيراعظم جي سيني ۾ لڳي، حملي دوران گوليون هلايون ويون.پرڏيهي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته شينزو ايبي تي حملي کانپوءِ هڪ شڪي شخص کي به حراست ۾ ورتو ويو.پرڏيهي خابرو اداري اها به دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻو جاپاني وزيراعظم شينزو ايبي بي هوش هو ۽ کيس دل جو دورو پيو هو.مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته شينزو ايبي چونڊ مهم لاءِ نارا شهر پهتو.واضح رهي ته جاپان جي جديد تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن قومي اڳواڻ کي قتل ڪيو ويو آهي.











