ثقافتي ڪاج سنڌ مرڪي پئي

پيار علي چانڊيو

هر قوم جي پنهنجي ثقافت هوندي آهي دنيا ۾ جيڪي به قومون آهن انهن جي پنهنجي ثقافت آهي اهي انهيءَ ثقافت جي ڪري سڃاتيون وينديون آهن جاپاني هجي روسي هجي آمريڪي هجي عرب هجي هر ڪنهن جي پنهنجي ثقافت هوندي آهي پر ڪي ملڪ اهڙا آهن جن جي اندر رهندڙ ماڻهن جي پنهنجي صوبي يا علائقي جي ثقافت هوندي آهي جنهن سان خبر پوندي آهي ته هيءُ ڪير آهي , سنڌ هڪ قديم ديس آهي هن جي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت آهي جنهن جو دنيا ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي . سنڌ صوبي جي باري چون ٿا ته هند ۽ سند حضرت نوح عليه السلام جا 2 پٽ هئا جن جي نالن سان هڪ ملڪ هند سڏيو ٻيو سنڌ سڏيو سنڌي ٻولي جي تاريخ ۾ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي لکي ٿو ته سنڌ جو پرڳڻو سمنڊ مان پيدا ٿيل آهي ڌرتيءَ جي علم جا ڄاڻو چون ٿا ته نهايت قديم زماني ۾ اتر هندستان وارو پاسو گھڻو ڪري سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ هو پوءِ سمنڊ پري هٽي ويو زمين ظاهر ٿي هن , هن جي چوڻ موجب جن هن زمين کي آباد ڪيو انهن جا لاش موئن جي دڙي مان لڌا آهن اها ڳالهه هن آرڪيالاجي جي ماهر سر جان مارشل جي باري ۾ لکي آهي ته هن اهو ذڪر پنهجي ڪتان موئن جو دڙو ۾ ڄاڻايو آهي .سنڌ اسان جي قديم آهي جنهن جا چٽا آثار موئن جي دڙي مان مليا آهن سنڌي قديم قوم آهي جنهن جي پنهنجي ثقافت آهي دنيا اڄ ترقيءَ تي آهي اها ترقي ڦيٿي جي ڪري ٿي آهي دنيا ۾ پهريون دفعو ڦيٿو سنڌ وارن ئي ٺاهيو هو جنهن جو ثبوت موئن جي دڙي مان مليل بيل گاڏي آهي . اڄ دنيا ڪپڙي جي صنعت ۾ اڳتي آهي ڪپڙي جي لاءِ اهم فصل ڦٽي آهي جنهن جي باري ۾ سڪندر اعظم چيو هو ته هتي ته وڻن ۾ به چاندي ٿئي ٿي ڪپهه کي چاندي جي تند چيو ويندو آهي . اسان سنڌين جي پنهنجي ٻولي آهي جيڪا پياري ٻولي آهي جنهن ٻولي ۾ شاعرن جو سرتاج شاھ عبداللطيف ڀٽائي آهي مصري شاھ ، شيخ اياز ، استاد بخاري . ميون شاھ , عنايت رضوي ، سچل سرمست وغيره عظيم شاعر پيدا ٿيا آهن هن ڌرتيءَ تان عظيم شاعر جنم وٺي رهيا آهن اسان سنڌ واسين جو پنهنجو خوبصورت لباس آهي .اجرڪ اسان جو شان آهي اسان جو مان آهي اجرڪ ائين آهي جيئن گل آهي گل ڏک سک ۾ گڏ آهي اجرڪ به ڏک سک ۾ گڏ آهي اجرڪ اسان جي قديم آهي جنهن جا نشان موئن جي دڙي مان مليا آهن ڪنهن جي شادي هجي يا ڪو مهمان اچي اسين ان کي عزت ڏيڻ جي لاءِ اجرڪ ڍڪائيندا آهن جيڪڏهن ڪنهن جي سام ڏيڻي هجي ته اسين اجرڪ ڏيندا آهيون اجرڪ اهڙو لباس آهي جيڪو اکين کي راحت دل کي سڪون ڏئي ٿو اجرڪ ۾ ماڻهو خوبصورت لڳندو آهي ,اجرڪ سان گڏ اسان جي سنڌي ٽوپي جنهن جي اڳيان محراب وارو نشان ڏاڍو خوبصورت لڳندو آهي ٽوپي اسان جي پڳ آهي اسان جي عزت آهي اسان جي ٽوپي جيڪو پائيندو اهو خوبصورت لڳندو آهي شادين ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي جو استعمال گھڻو ٿيندو آهي انهن کان سواءِ ڄڻ شادي بي رونق ٿيو وڃي . اسان جو سنڌي لباس عظيم لباس آهي جنهن سان اسان جي سڃاڻپ آهي جيڪڏهن سنڌي ڪپڙا پهريل هجن ڪلهي تي اجرڪ هجي مٿي تي ٽوپي هجي هٿ ۾ ڪهاڙي هجي ته ڪيڏو سهڻو لڳندو آهي اسان جو سنڌي ان لباس ۾ .جتي اسان جي ثقافت جو حصو اسان جي ٽوپي اجرڪ ڪهاڙي ۽ پٽڪو آهي ,سنڌي سهرا هو جمالو ۽ همرچو به اسان جا سنڌي راڳ آهن اهي سنڌ جي ثقافت جو حصو آهن جديد دور ۾ جتي شادين مرادين ۾ انڊيا جا گانا جڳهه والاري ويا آهن پر سنڌين جي گھرن ۾ وري به رونق سنڌي سهرن سان ئي آهي جتي خوشي جو ڪاڄ هوندو اتي سنڌي سهرا هوندا اهي به اسان جي ثقافت جو حصو آهن انهن کي نه ڇڏيون 6 ڊسمبر اسان جي ثقافت جو ڏينهن ڪري ملهايو پيو وڃي گذريل سال به اهو ڊسمبر ۾ ئي ملهايو ويو هو سنڌ اسيمبلي هن ڏينهن ملهائڻ جي قرا داد منظور ڪئي هئي ته هن ڏينهن کي هر سال ملهايو ويندو .ھن ثقافتي ڏينهن کي قومي ڏينهن جو درجو ڏنو وڃي اسان سال جي ڪئلنڊر ۾ ڏسنداسين هر ڏينهن تي ڪو نه ڪو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو ان نموني هر سال ڊسمبر ۾ ثقافتي ڏينهن ملهايو وڃي هيءُ ڏينهن دنيا ۾ جتي به سنڌي آهن اهي شاندار نموني ملهائي رهيا آهن , اهي پنهنجي ٻولي ثقافت کي زنده جاويد رکي رهيا آهن اسان جيڪي به سنڌي آهيون هن ڏينهن کي عيد جي ڏينهن وانگر شاندار نموني ملهايون , اهو ڏينهن اسان جي جيون جو ڏينهن آهي اسان جي سڃاڻپ جو ڏينهن آهي هن ڏينهن تي اسان پنهنجي ثقافتي ورثي کي زنده رکڻ جو وچن ڪريون هر قوم جو جياپو ان جي ثقافتي ورثي سان هوندو آهي اسان پنهنجي سنڌي ثقافت کي قائم دائم رکون اسان سنڌي ٽوپي اجرڪ پايون . رڳو هن ڏينهن تي نه پر آئون چوندس ته هر وقت اسان جي مٿي تي سنڌي ٽوپي هجي جيڪا اسان جي ثقافت آهي اسان جي سڃاڻپ آهي سنڌي لباس پايون . اسان کي هن سال به هيءُ ڏينهن شاندار نموني ملهائڻ گھرجي جتي به هجون پنهنجي ثقافتي ڏهاڙي کي اهڙي نموني ملهايون جو دنيا وارن جون اکيون کلي وڃن انهن کي ڏندين آڱريون اچي وڃن اسان جي ثقافت اسان جي پهچان آهي اسان پنهنجي ثقافت سان ئي دنيا ۾ سڃاتا ويندا آهيون ، واهڻ واهڻ وستي وستي شھر بحر ۾ هر ماڳ مڪان تي سنڌي ٽوپي اجرڪ هجي سنڌي ڀرت وارا ڪپڙا هجن , اسان محسوس ڪيو آهي ته ننڍڙن ٻارن ۾ وڏو جذبو آهي انهن هن ڏينهن کي ملهائڻ جي لاءِ ائين تياري ڪئي آهي جيئن عيد جي تياري ڪبي آهي اسان سنڌين جي لاءِ هيءُ عيد جو ڏينهن آهي هن ڏينهن تي جتي نظر ويندي اتي اسان کي سنڌي ٽوپي اجرڪ نظر ايندي . اسان کي پنهنجي ثقافت کي هميشه جي لاءِ زنده رکڻو آهي سنڌي ماڻهو ڪڏهن به پنهنجو ثقافتي ورثو نه ڇڏيندو ,پنھنجي تھذيب ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاء اسان کي پنهنجي سنڌي ٻولي هر هنڌ ڳالهائڻ گھرجي شاھ جي رسالي کي پڙهڻ گھرجي جيڪو اسان جو وڏو سرمايو آهي . اسان هيءُ ڏينهن هر سال ملهائيندا رهون سنڌي ثقافت جا ميلا مچائيندا رهون . آئون انهن کي جس ڏيان ٿو جن هن ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو پوري سنڌ ان جي حمايت ڪئي اسان سنڌين جي ثقافت جو شاندار ڏينهن ملهائجي رهيو آهي هر سنڌي کي هيءُ ڏينھن دل ۾ هنڊائي ڇڏڻ گھرجي ته هر سال هن ڏينھن تي اسين سڀ سنڌي پنهنجي ثقافت جو ثقافتي ڏينهن ملهائيندا رهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو