حب چوڪي(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي لسٻيلا ۾ آچر جي صبح مسافر ڪوچ کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 41 ڄڻا فوت ٿي ويا. لسبيلا جي اسسٽنٽ ڪمشنر حمزه انجم واقعي جي تصديق ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته گاڏي ۾ لڳ ڀڳ 48 مسافر سوار هئا ۽ ڪوئيٽا کان ڪراچي وڃي رهي هئي. ”تيز رفتاري سبب ڪوچ لسٻيلا ويجهو يو ٽرن وٺندي پل جي ٿنڀي سان ٽڪرائجي وئي. گاڏي بعد ۾ هڪ کاهي ۾ ڪري پئي ۽ ڪوچ کي اوچتو باهه لڳي وئي. انجم وڌيڪ چيو ته هڪ ٻار ۽ هڪ عورت سميت ٽن ڄڻن کي زنده ڪڍيو ويو آهي، جن کي سول اسپتال لسٻيلا منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته زخمين مان هڪ ڄڻو اسپتال پهچندي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.










