سيد زوار حسين شاه
مان سمجهان ٿو ته تعليم جي بهتري لاء تمام اهم فيصلا هاڻ ٿي رهيا آهن ، جڏهن انٽرنيشنل ٽرانسپيرنسي جي رپورٽ تي نظر پئي ته پاڪستان جي ٻين صوبن مان سنڌ جي تعليم انتهائي خراب آهي ، گذريل سال جي تعليمي ريشو جي ڳالهه ڪندس ته تقريبن 23 فيصد مس نتيجو آيو ۽ شاگرد امتحانن ۾ پاس ٿيا جنهن ڪري تعليم منهنجي نظر ۾ تباهه ٿي چڪي هئي پر جهڙي ريت هن وقت سنڌ هاء ڪورٽ سڳوري ، يا وزيرتعليم سنڌ سيد سردار علي شاه سيڪريٽري تعليم سنڌ غلام اڪبر لغاري به تعليم جي سڌاري لاء بهترين قدم کڻي رهيا آهن ، جڏهن ته تعليمي ادارن اندر ٿيندڙ ڪوتاهين تي ڪڙي نظر رکڻ جي سخت ضرورت آهي جيڪڏهن سنڌ جي تعليم تي نظر وجهنداسين ته خاص طور سرڪاري تعليمي ادارن پوء اسڪولز هجن يا ڪاليجز هجن ڪو خاص ڏيئو ٻاري ناهين سگهيا ، جنهن ڪري خاص سنڌ اندر تعليمي ادارن مٿان تنقيد ٿيندي رهي آهي پر جڏهن کان وزيرتعليم سيد سردار علي شاه ، سيڪريٽري تعليم سنڌ تعليم دوست انسان غلام اڪبر لغاري ۽ ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ۽ ڊائريڪٽر تعليم سکر اسڪولز مقرر ٿيڻ بعد ڪافي خاص اپاء پڻ ورتا ويا آهن جنهن بعد ڪافي تعليمي ادارن اندر تبديلي به ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ، پر سياسي مداخلت جي ڪري يا ڪجهه آفيسرن جي غلط فيصلن جي ڪري به ڪافي تعليم کي نقصان پهتو آهي اهڙن خيالن جو اظهار چيئرمين هيومن رائيتس واچ پاڪستان سيد زوار حسين شاه ، صوبائي صدر فقير محمد عباسي مجاهد حسين وساڻ ۽ ٻين ڪيو هنن وڌيڪ چيو ته هن وقت تعليم جي بهتري لاء تاريخي فيصلا پيا ٿين ، جڏهن ته گذريل ٽي ڏينهن اڳ هاء ڪورٽ سنڌ جي ان فيصلي جنهن م ضلعي اندر تمام سيشن جج صاحبان کي مڪمل اختيار ڏنا ويا آهن تاڪه هو اسڪولز ڪاليجز جو وزٽ ڪن ، گهوٽ ٽيچرس ، انتطامي امور ۾ غفلت ڪندڙن غير حاصل رهندڙن تي ڪڙي نظر رکن جڏهن ته تعليم کي بهتر بڻايو وڃي ، سنڌ جي غيرت مند سماج سڌارڪن ميڊم صنم راڄپر آصف علي ڦلپوٽو عبدالله سومرو ، منظور انصاري ، انور ناريجو علي امداد لاڙڪ نجيب علي جنيد ميمڻ ۽ پڻ ان فيصلي جي تعريف ڪئي ٻئي پاسي وزيرتعليم سنڌ سيد سردار علي شاه ، سيڪريٽري تعليم سنڌ غلام اڪبر لغاري جي حڪمن تي عمل ڪندي ريجنل ڊائريڪٽر ڪالجيز سکر پروفيسر عبيدالله ناريجو ، ڊائريڪٽر تعليم سکر حافظ ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ عمل ڪندي ڪاليجز ۽ اسڪول انتظاميه کي پابند بنايو آهي ته جيڪي عربي ٽيچرس آهن ،اهي هر روز صبح اسيمبلي دوران قران پاڪ جي پڙهيل آيت جو ترجمو ڪن ، پي ٽي ٽيچرس ، شاگردن ، ساگردياڻين کي پي ٽي سيکارين ، جڏهن ته فزيڪل ذهني طور ٻارن کي تيار ڪيو وڃي ، جڏهن ته لکين روپيا پگهار کڻندڙ ٽيچرس ڪڏهن ڪلاس ورتا ئي ناهين جڏهن ته ويزا تي ويل ٽيچرس گهوٽ ٽيچرس جو هاڻي گهيرو تنگ ٿي چڪو آهي جڏهن ته سنڌ جي بهترين تعلي ماهر ڊائريڪٽر سکر حافظ ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ سٽي پريس ڪلب جي صحافين ڪالم نگار سيد زوار حسين شاه غير رسمي گفتگو ڪندي چيو ته هن وقت سوشل ميڊيا جديد پرنٽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو قوت آهي جيڪو به ڪوتاهي ڪندو اهو هاڻ گهر به ويهندو ۽ ان خلاف قانوني ڪاروائي به ٿيندي ، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي تعليم کي بهتر بنائڻ لاء اهم قدم کنيا پيا وڃن ، جنهن بعد انشاء الله تاريخي تبديليون ڏسڻ ۾ اينديون . سنڌ هاء ڪورٽ سڳوري جي اهم حڪمن بعد هاڻ وزير تعليم ، سيڪريٽري تعليم سميت ڊائريڪٽرس ۽ ٻيا آفيسر به تعليم تي گهري نظر رکي رهيا آهن هاڻ غلطي جي گنجائش ناهي جڏهن ته قابل احترام جج صاحبان سنڌ جي تمام اسڪولز ڪاليجز جو دور ڪن پيا جڏهن ته وزير تعليم سنڌ سيد سردار علي شاه ۽ سيڪريٽري تعليم سنڌ غلام اڪبر لغاري تعليمي ادارن مٿان نظر رکن پيا وزٽ پن ڪن پيا انشاء الله تعليم جي شعبي اندر ٻين صوبن کان بهترين نتيجو ڏينداسين بشرطيه استاد ، شاگرد ، والدين ، سماجي اڳواڻ، صحافي ، اسان سان ساٿ ڏين ، بند پيل اسڪولن . گوسڙو ٽيچرس ليٽ اورس ايندڙ استاد ، ويزا تي ويل استادن سميت انتظامي امور ۾ غفلت ڪندڙن جي نشاندهي ڪن جيئن انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري سنڌ جي تعليم کي بهتر بڻائي سگهون سنڌ جي تعليم کي بهتر بنائڻ لاء اهم قدم کنيا پيا وڃن ، ، جيڪڏهن سنڌ اندر تعليم جي اداري اسڪولن ڪاليجز جي ڳالهه ڪندس ته اسان خوش نصيب آهيون جو انهن ادارن جي نگراني لاء بهترين آفيسر مقرر ٿيل آهن جنهن ۾ خاص سيڪريٽري تعليم سنڌ غلام اڪبر لغاري جي ڳالهه ڪندس جنهن انتهائي فرض شناسي سان بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي ڪيترن ئي اسڪولن مٿان اچانڪ ڇاپا هڻي ڪيترائي راز افشان ڪيا آهن جڏهن ته شاگردن جي انرولمينٽ ، استادن جي غير حاضري ، گوسڙو استاد ، ويزا تي ويل استادن ، انتظامي امور ۾ سياسي مداخلت ۽ ڪوتاهي به شامل آهي جڏهن ته پوري سنڌ جا ريجنل ڊائريڪٽرس جيڪڏهن ٻين ڊويزن سميت خاص مان سکر جي ڳالهه ڪيان جتي ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز پروفيسر عبيدالله ناريجو جڏهن ته ڊائريڪٽر تعليم سکر ڊاڪٽر حافظ عبدالوحيد انڍڙ جنهن به مختلف اسڪولن تي اچانڪ چاپا هڻي ،يا سرپرائيز وزٽ ڪري ڪافي سڌارو آندو ، جڏهن ته گوسڙو استادن ، ويز تي ويل استادن جي شڪايت يا انتظامي امور ۾ ڪوتاهي ڪندڙن تي به گهري نظر رکي آهي جڏهن ته صبح سوير اسميبلين م پهچي به پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي ، برحال هن وقت سنڌ هاء ڪورت پڻ تاريخي فيصلو ڪيو آهي ، پوري سنڌ جي سماج سڌارڪ شعور رکندڙان فيصلي تي ڀليڪار ڪن ٿا مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي تعليمي تمام ادارن ۾ هن وقت منهنجي نظر م ايمرجنسي لاڳو ٿي چڪي آهي جيئن سخت کان سخت تڪڙا قدم کڻي ڪا تبديلي آڻي سگهون ، مان اميد رکان ٿو ته انشاء الله تبديلي هر حال ضرور به ضرور ايندي ، جيڪڏهن اهڙن سخت فيصلن بعد به ڪا تبديلي نه آئي ته پوء شايد هي سنڌ اڳتي ترقي نه ڪري سگهي ، اربين روپين جي بجيٽ مهيا ڪرڻ باوجود به تعليم اندر سڌارو نه اچي ته پوء وري ڪي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا پر مان اها به گزارش ڪندس ته سنڌ اندر بهترين ساک رکندڙ سماج سڌارڪن کي به والنٽيرلي اجازت ڏني وڃي ته هو به اسڪولز ڪاليجز جي وزٽ ڪري ضلع سميت دويزن ۽ سنڌ جي آفيسرن کي رپورٽ ڪن اهڙي فيصلي سان به تعليمي ادارن م بهترين تبديلي اچي سگهي ٿي ، ان ڪري هن تجويز تي به وزير تعليم سنڌ سيڪريٽري تعليم سنڌ دائريڪٽرس کي به سوچڻ گهرجي ، هي تجربو ڪامياب به ٿي سگهي ٿو ، جڏهن ته قابل احترام جج صاحبان به وزت ڪن پيا جنهن سان به تاريخي فرق پوندو ۽ تعليمي ادارن اندر پڙهائي به بهتر ٿيندي ، استاد به غير حاضر نه رهندا ان ڪري هاء ڪورٽ سڳوري جي فيصلي تي مڪمل عمل ٿيڻ جي ضرورت آهي جيئن تعليم اندر تبديلي آني هڪ تاريخ رقم ڪجي ، جڏهن ته دائريڪٽر تعليم سکر پڻ تعليم کي بهتر بنائڻ لاء تڪڙا مفيد فيصلا پيو ڪري ،










