ترڪي ۽ شام ۾ خوفناڪ زلزلو ، رب پاڪ رحم فرماءِ

سيد زوار حسين شاه
ترڪي شام ۽ ٻين ملڪن ۾ خوفناڪ زلزلي پوري دنيا کي پريسان ڪري ڇڏيو آهي ، جيئن ئي 2023 جو سال شروع ٿيو آهي ، ته پوري دنيا م هزارين قيمتي جانين جو نقصان ٿيو آهي ، جڏهن ته مان سمجهان ٿو ته هي زلزلا عزاب الاهي آهن ، جيڪڏهن ائين نه هجي ته بي گناهه هزارن جي تعداد ۾“ ماڻهون ڇو مرن ، هن وقت به هزارين عام امڻهون بي گهر ٿي ويا ، جڏهن ته پاڪستان ۾ به ائين ئي ٿيندو رهيو آهي ، مانسراه ڪشمير ۾ آيل زلزلي به ڪافي نقصان ڏنو هن وقت ترڪي شام ۽ بين ملڪن ۾ به هالات سازگار ناهين ، ڪافي نقصان ٿيو آهي گهر ڪري پيا آهن ، جڏهن ته زلزلي کان اڄ سنڌبلوچستان ۾ به سانُني يج مينهن جي ڪري ڪافي نقصان ٿيو آهي اتي به سوين ماڻهون فوت ٿي ويا لکين ماڻهون بي گهر ٿي ويا ، هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ائين چو ٿو ٿئي ، بي گناهه عام ماڻهون ڇو ٿا مرن ، مان سمجهان ٿو ته اسان دين اسلام آل محمد قران پاڪ ، رب پاڪ جي ڏيل راهه تاه ڦٽڪجي ويا آهيون جنهن ڪري ، اهڙا نقصان ٿين ٿا پر پوء به اسان جو سڌرڻ ممڪن ناهي ، ترڪڪي شام ۾ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، 7.9 جي شدت سان آيل زلزلي سبب ڪيئي عمارتون ڊهي پٽ پئجي ويون آهن، نتيجي ۾ مجموعي طور تي فوتگين جو انگ 23 سئو کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته هزارين ماڻهو زخمي ۽ گم آهن. ٻنهي ملڪن جي اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪري دٻجي ويل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪاررواين جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي. 45 ملڪ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ۾ مدد جي آڇ ڪري چڪا آهن، تازو زلزلو 1939 کان وٺي هنيئر تائين جي سڀ کان وڏي تباهي آهي. ان کانسواءِ ترڪ صدر رجب طيب اردگان مُلڪ ۾ خوفناڪ زلزلي کانپوءِ هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. ترڪ ڊيزاسٽر مئنيجمنٽ ايجنسي جو چوڻ آهي ته زلزلي کانپوءِ هنيئر تائين 78 آفٽر شاڪس محسوس ڪيا ويا آهن، زلزلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ست سئو ڏهه عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن. ٻئي پاسي شام ۾ زلزلي سبب هنيئر تائين فوتگين جو انگ 783 ٿي چڪو آهي جڏهن ته سوين شهري زخمي آهن. ترڪ اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ ٻه هزار 786 امدادي ٽيمون امدادي سرگرمين ۾ رُڌل آهن. ترڪي ۾ زلزلي کانپوءِ سڄي مُلڪ اسڪول بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڄي مُلڪ ۾ سمورا اسڪول 13 فيبروري تائين بند رهندا. ٻئي پاسي زلزلي شام ۾ به تباهي مچائي آهي جتي عمارتون ڪرڻ سبب سوين ماڻهو فوت زخمي ٿيا آهن. شامي اختيارين موجب زلزلي جا لوڏا شام جي صوبن، حما، حلب ۽ لتاڪيه ۾ محسوس ڪيا ويا،حڪومتي انتظام هيٺ علائقن ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 783 ٿي ويو آهي ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن. هوڏانهن شام ۾ ڪم ڪندڙ امدادي ٽيمن موجب باغين جي ڪنٽرول هيٺ علائقن ۾ زلزلي سبب 234 فوت ٿي چڪا آهن، زلزلي سبب فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي، جڏهن ته سوين خاندان اڃا تائين ملبي هيٺان دٻيل آهن. ترڪي جي سئو سالن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي زلزلي سبب هر پاسي تباهي جا منظر آهن، خوفناڪ زلزلي سبب عمارتن کي تمام گهڻو نقصان پهتو ۽ خوف سبب ماڻهو روڊن تي نڪري آيا. آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب زلزلو مقامي وقت موجب صبح چار لڳي سترنهن منٽن تي آيو، زلزلي جي شدت 7 ڏهائي 9 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز ترڪي جي ڏکڻ ۾ غازي انتپ صوبي جي علائقي نرادگي ۾ هو، جڏهن ته زمين اندر اونهائي 17.9 ڪلوميٽر هئي، ان صوبي جي آبادي اٽڪل ويهه لک آهي ۽ اِهو صوبو شام جي ويجهو آهي جنهن سبب شام ۾ به وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي. زلزلي جا لوڏا قبرص، يونان، شام، اردن، لبنان ۽ فلسطين ۾ به محسوس ڪيا ويا. ترڪي ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 2 هزار جي لڳ ڀڳ ٿي ويو آهي، جڏهن هزارين ماڻهو زخمي آهن، ترڪ صدر رجب طيب اردگان جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب فوتين جي انگ بابت اندازو لڳائڻ وقت کان اڳ هوندو ، جڏهن ته ترڪي شام ۾ جهري ريت زلزلو آيو انتهائي خطرناڪ آيو اهي ، جنهن کان پوء پوري دنيا جا هزارين سماج سڌارڪ حڪومتي وروڪرس رتڪي شام پهچي انهن يج مدد ڪن پيا جڏهن ته شام ۾ به ائين ئي ٿي رهيو آهي ، جڏهن ته پاڪستان ۾ پهريان ئي بارشن سيلاب جي ڪري لکين مانحون بي گهر آهن ملڪي صورت هال به اسان يج اڳيان اهي ، عام ماڻهون ڪٿي زلزلي ۾ پيا مرن ته ڪٿي حڪومت ڪردار نه هئڻ ڪري عام ماڻهون مري رهيا اهنن ، جنهن کان پوء اندازو لڳائڻ مشڪل ٿي ويو آهي ته آخر اهري ڪهڙي غلطي ٿي آهي جنهن يج سزا عام ماڻهن کي ملي رهي آهي ، پر مان جيڪلڏهن پنهنجي دل تي هٿ رکي فيصلو ڪندس ته پڪ سان چچوندس ته اسان دين آلي محمد صلم دين خدا تان هٿ کڻي ويا آهيون بي انتها گناهگار ٿي ويا آهيون جنهن ڪري هان سزا پئي ملي ، ان ڪري اچو ته گڏي رب پاڪ کان معافي گهرون جيئن رب پاڪ معافي ڏيئي گناه ڪبيره صغيرا معاف به ڪري ، اهو اسان جو ايمان آهي ، ترڪي هجي يا سام فلسطين ، ڪشمير ، پاڪستان م ڇا ٿي رهيو آهي ، اسان يج اڳيان آهي ، ڀارت م مسلمانن سان ڇا ٿي رهيو آهي ، ڪجهه ڏينهن اڳ پشاور مسجد ۾ ٿيل خودڪش حملو به ان يج نساني سمجهان ٿو ته جتي ماڪو ٿيو اتي ٻيا نه رب پاڪ کي سجدو ڪندر نمازي هيا ، آخر انهن جو ڪهڙو قصور هيو ، اسان کي هاڻ به رب پاڪ ڏانهن رجوع ڪرڻو پوندو جيڪڏهن مان هاڻ ظلم يج ڪهاني توهان اڳيان رکان ته راڻيپور ٽائون ڪاميٽي جي ٽا.ئون آفيسرمحمد پريل شاهاني ، پاران عام ملازمن کي وقت تي پگهار نه ڏيڻ جنهن بعد هڪ 80 سالا رٽائرڊ ملازما حور خاتون بيهوش ٿي ڪري پئي ، جنهن کلاء ٻڌايو پيو وڃي ته پينشن نه ملڻ ڪري دوا نه وٺي سگهي ، گهرن ۾ بزرگ ، عورتون مرد معصوم بار بيمار هجن کائڻ لاء گهر ۾ ڪجهه نه هجي ، يا ڪوئي ٻڌائي ته اها قيامت صغرا ناهي ، ڇا اها عوپرت يا جن جي به گهارون بند هجن ، ڪُتوٽي ڪئي وڃي انهن کي وقت تي پگهار نه ملي ته ڇا اهي اهڙن آفيسرن کي دعا ڪندا هرگز نه ، بدعا ڪندا ، جنهن کان پوء رب پاڪ ته انهن کان امتحان به وٺي ٿو ، هي ننڊا واقعه آهن جن جو ڪوئي نوٽيس نه ٿو وٺي پر رب پاڪ انهن غريبن جو ساڻي آهي گڏ آهي ، پوء عزاب الاهي اچي ٿو پوء سڪن يج آڙ ۾ ساوا به سڙي ٿا وڃن . . بس رب پاڪ اسان جي مٿان رحم فرمائي گناهگار آهيون بس وري به رب پاڪ کي سجدو ڪيون ٿا تاڪه هو خاص ٻاجهه رحم فرمائي آمين ، اڄو ته جيڪي به هن زلزلي سميت ڪنهن مصيبت ۾ شهيد ٿي ويا جن پنهنجو ساهه رب پاڪ حوالي ڪيو آهي ، انهن يج مغفرت لاڀ خاص دعائون گهرون ، جيئن ڪنهن ٻئي عزاب الاهي کان بچي سگهون ، ترڪي شام سميت فلسطين ، ڪشمير ، ڀاره پاڪستان سميت بين ملڪن ۾ شهجيد ٿيندڙن جي لاڀ خاص دعا؟ون گهرون

پهنجو تبصرو موڪليو