تحرير : سوائي خان ڇلگري
عمر ڪوٽ ضلعو 1993 ۾ قائم ٿيو جنهن کي 2000 ۾ ميرپوخاص ۾ ضم ڪيو ويو جيڪو 2004 ۾ وري عمر ڪوٽ ضلعي جي حيثيت سان بحال ٿيو. عمر ڪوٽ ضلعي جي آبادي 10 لک 73 هزار هڪ سو ڇائتاليهه جي لڳ ڀڳ آهي ، هي ضلعو چئين تعلقن هر هڪ عمر ڪوٽ ، سامارو ، ڪنري ، پٿورو تي مشتمل آهي. عمر ڪوٽ ضلعي ۾ مسلمان ۽ هندو اڪثريت ۾ رهن ٿا جنهن ۾ مسلمان ڪميونٽيز ۾ مڱريا، مري ، مهر ، راهما ، سميجا ، سما ، هاليپوٽا ، خاصخيلي ، ميمڻ ، سيد ، بجير ، رند ، کوسا ، ٿيٻا، پٺاڻ ، پلي ، چانڊيه ، ڪنڀار، وغيره جڏهن ته هندن ۾ لوهاڻا، ميهشوري ، سوند ، اوڏ، جوڳي ، ميگهواڙ ، ڪولهي ۽ ٻيون ذاتون رهن ٿيون.
عمر ڪوٽ جون تاريخي ماڳ مڪان ۾ عمر ڪوٽ جو تاريخي قلعو جيڪو سومرن جي دور حڪومت ۾ عمر سومري تعمير ڪرايو ۽ هن قلعي کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن ۾ انڊيا جي مشهور مغل سلطنت جو عظيم بادشاه اڪبر سن 1542 ۾ پيدا ٿيو، عمرڪوٽ جي قديم تاريخي جڳهن ۾ “ شِو ِجو مندر ” وڏي هندو مذهبي تاريخي اهميت رکي ٿو جيڪو سوين سال پراڻو آهي جنهن لاءِ اهو مشهور آهي ته هن مندر اندر پيل پٿر جنهن تي ڳئون اچي پنهنجو کير هاريو جيڪو پٿر جذب ڪري ويو .
عمر ڪوٽ، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن مطابق ۽ ان جي نقش قدم تي هلندي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پوري سنڌ جيان هر ضلعي جي چونڊيل ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي سخت هدايتون ڏنيون ته هو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ وڃي ماڻهن جا مسئلا ٻڌن ضلعن ۾ ترقياتي منصوبن جي نگراني ڪن اهڙي بهتر عمل کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه عمر ڪوٽ ۾ جديد طرز تي ضلعي هيڊ ڪواٽر اسپتال جو ميگا پروجيڪٽ ڏنو انهي کان علاوه 50 ايڪڙن تي مشتمل پبلڪ اسڪول جو قيام ، ايليمينٽري ڪاليج فار ميل/ فيميل پيئڻ جي پاڻي جون اسڪيمون ، روڊ رستا، منظور ڪيا آهن جنهن سان نه رڳو ضلعي جي عوام کي بهتر لاڀ حاصل ٿئي پيو جڏهن ته ٻي طرف ضلعي جي ترقي ۾ خوشحالي اچي پئي ، عمر ڪوٽ ضلعي ۾ سابق ايم پي اي سيد علي مرادان شاه جي خدمتن کي وساري نٿو سگھجي ۽ سندس خدمتي جذبي هئڻ ڪري سندس فرزند سيد امير علي شاهه کي عمر ڪوٽ جي عوام وڏي اڪثريت سان ووٽ ڏيئي سوڀارو ڪيو .
عمر ڪوٽ جون ترقياتي اسڪيمن تي نظر وجهبي ته ڊسٽرڪٽ هيڊڪواٽر اسپتال، عمرڪوٽ اهم آهي، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پبلڪ اسڪول عمرڪوٽ 50 ايڪڙن تي مشتمل آهي جنهن جي لاڳت تي 24 ڪروڙ 92 لک 36 هزار خرچ ٿيو آهي هي منصوبو 2017 ۾ مڪمل ٿي چڪو آهي، هن منصوبي سان پسگردائي جي علائقن جي نوجوان شاگردن کي معياري تعليم ملي سگھندي ، گورنمنٽ ايلمينٽري ڪاليج ميل / فيميل جنهن جي مڪمل لاڳت 96.802 آهي هي منصوبو 7 ايڪڙن تي مشتمل آهي هي منصوبو جون 2021 ڌاري مڪمل ٿي ويندو . ايگزيڪٽو انجنيئر ضلعي بلڊنگ غلام حسين کٽي ٻڌايو ته سالياني ترقياتي پروگرام تحت 52 اسڪيمون 32 يونٽن تي 408.016 خرچ ايندا. هن ٻڌايو ته ڳوٺ خارڙو چارڻ ۾ ميڊيڪل ڊسپينسري قاعم ڪئي ويئي آهي جنهن سان آس پاس جي ڳوٺن کي صحت جون سهولتون مهيا ٿي سگھنديون .
ايگزيڪٽو انجنيئر محمد منصور ڪنڀر ٻڌايو ته پبلڪ هيلٿ کاتي پاران پيئن جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ 24 اسڪيمون منظور ٿيون هيون جنهن تي 369.119 ملين روپيه مختص ڪيا ويا آهن، جن مان 20 اسڪيمون هن سال جي جون ۾ مڪمل ٿينديون، ڳوٺ صدوري ۾ 15 ملين جي لاڳت سان اسڪيم منظور ڪري 1500 جي آبادي کي فائدو ٿيندو.
ايگزيڪٽو انجنيئر روڊس عمرڪوٽ عبدالغني قريشي ٻڌايو ته 161 اسڪيمون منظور ٿيل آهن جنهن جي لاڳت 1042.651 ملين خرچ ايندو هنن اسڪيمن سان 152 ڪلو ميٽر روڊ تعمير ٿيندو ۽ عوام کي بهتر کان بهتر سفري سهولتون مهيا ٿينديون، ساڳي طرح تعلقه سيڪٽر ۾ 4 اسڪيمن جي 39 يونٽن تي 43.442 ملين خرچ ايندو
پروانشل هاءِ وي هريش جندر ٻڌايو ته صوبائي هاءِ وي کاتي طرفان 10 اسڪيمون منظور ٿيون جنهن تي 2591 ملين لاڳت ايندي ۽ هنن اسڪيمن جي مڪمل ٿيڻ سان 196 ڪلوميٽر روڊ جڙي راس ٿيندا.
ايگزيڪٽو انجينئر ايجوڪيشن ورڪس محمد علي ڀٽي ٻڌايو ته ايجوڪيسن سيڪٽر تحت 15 اسڪيمن تي ڪم هلي رهيو آهي جنهن تحت 302 يونٽن تي 857.455 ملين خرچ ايندا جنهن ۾ وڏي ۾ وڏو منصوبو پبلڪ اسڪول ۽ گورنمنٽ ايلمينٽري ڪاليج فار ميل ۽ وومين آهن ، هن ٻڌايو ته هتان جي مقامي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظميا جي گهري دلچسپي سبب معياري ترقياتي اسڪيمون تيزي سان مڪمل ٿي رهيون آهن.
صحت سيڪٽر ۾ پڻ ڪافي اسڪيمن تي خرچ ٿي رهيو آهي جنهن تحت بنيادي صحت مرڪز کان تعلقي رورل سينٽر قائم ڪرڻ جون اسڪيمون منظور ٿيون آهن اهڙي ريت صوبائي بلڊنگ کاتي پاران ڳوٺ جانئيرو ۾ ساڍا 4 ڪروڙ جي لاڳت سان رورل هيلٿ سينٽر قائم ڪيو ويو جنهن ۾ 25 بيڊ هوندا ۽ اٽڪل 5000 آبادي کي علاج معالج جون بهتر سهولتون ملنديون .
سنڌ حڪومت سنڌ جي خوشحالي جو هڪ نئون باب رقم ڪيو آهي جنهن ۾ سنڌ جي هر ضلعي کان وٺي ڳوٺ ڳوٺ کي ترقي ملندي ۽ عوام کي سٺو لاڀ حاصل ٿيندو ۽ خوشحالي ٿيندي. chhalgrisawaikhan@gmail.com










