تربت ۾ فائرنگ 6 پورهيت مارجي ويا،2 زخمي

تربت ۾ فائرنگ 6 پورهيت مارجي ويا،2 زخمي

تربت (ويب ڊيسڪ)تربت ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو، پنجاب واسي 6 پورهيت گوليون هڻي قتل، 2 ڄڻا زخمي ٿيا،پوليس موجب سيٽلائيٽ ٽائون ۾ ٺيڪيدار نصير احمد جي گهر ۾ اڻڄاتل هٿياربند داخل، پنجاب کان بلوچستان ڪمائڻ آيل 8 پورهيتن کي فائرنگ جو نشانو بڻائي هٿياربند فرار ٿي ويا،6 پورهيت ٿڏي تي قتل، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مارجي ويل مزدورن ۾ رضوان، شهباز، وسيم، محمد نعيم، سڪندر ۽ شفيق شامل، زخمي پورهيت غلام مصطفيٰ ۽ توحيد ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو،نگران وڏي وزير علي مردان ڊومڪي طرفان تربت واقعي جي مذمت، انتظاميا کان رپورٽ طلب، نگران وڏي وزير چيو ته واقعو مذمت جوڳو آهي، بي گناهه مزدورن جي قتل تي دلي ڏک ٿيو آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم

پهنجو تبصرو موڪليو