اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي وزير اطلاعات عطاءُ الله تارڙ آمريڪي ناظم الامور نٽيلي بيڪر سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ ڊجيٽل ميڊيا پارٽنرشپ سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. ملاقات ۾ دهشتگردي خلاف پاڪستان جي اڳواڻي واري ڪردار جي پڻ تعريف ڪئي وئي، ان موقعي تي آمريڪي ناظم الامور چيو ته پاڪستان جي معيشت استحڪام ۽ ترقي ڏانهن وڌي رهي آهي، وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، دهشتگردي خلاف پاڪستان جون قربانيون پوري دنيا جي امن لاءِ آهن، عطاءُ الله تارڙ چيو ته حڪومت جعلي خبرن کي ختم ڪرڻ ۽ ڊجيٽلائيزيشن کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ جامع پاليسي متعارف ڪرائي آهي. پاڪستان قدرتي خوبصورتي، ثقافتي تنوع ۽ تاريخي ورثي سان مالا مال ملڪ آهي، ۽ سياحت جي فروغ سان معاشي سرگرميون وڌنديون، هن چيو ته سياحت جي فروغ سان ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپا پڻ مضبوط ٿيندا، ۽ حڪومت سياحت جي فروغ لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته صحافين جي ڀلائي لاءِ قانون سازي پڻ ڪئي پئي وڃي، آمريڪي ناظم الامور صحافين جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي قدمن جي تعريف ڪئي.










