جاويد احمد پنهور
سنڌ صرف زمين جو هڪ ٽڪرو ناهي، پر هي سنڌين جو هڪ تاريخي وطن آهي جيڪو پنهنجي الڳ تهذيب، ثقافت، سڀيتا، ٻولي ۽ الڳ سڃاڻپ رکندڙ ڌرتي آهي. جڏهن به سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ يا ان جي وحدت تي وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، تڏهن سنڌ جي عوام ان کي نه صرف پنهنجي بقا تي حملو سمجهيو آهي، پر ان جي سخت ترين مزاحمت پڻ ڪئي آهي. اڄ جي سياسي منظرنامي ۾ سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ يا نوان صوبا ٺاهڻ جو اجايو غير ضروري ۽ بي بنياد بحث هڪ ڀيرو ٻيهر اٿاريا ويو آهي، جنھن کي سنڌ جو هر باشعور شهري سخت مخالفت ڪري ٿو ۽ ان عمل کي ھڪ گناهه ۽ کلي سازش سمجهي ٿو. هزارين سالن جي تاريخ ۽ تهذيب رکندڙ سنڌ ڪنهن ڪاغذي قانون يا ڪنهن هڪ سياسي دور جي محتاج ناهي. اها پنج هزار سال پراڻي موهن جو دڙو جي سڀيتا کان وٺي سمنڊ جي لهرن ۽ رڻ پٽن تائين پنهنجي ثابت قدمي جي داستان پاڻ لکي رهي آهي. امن ۽ ڀائيچاري جي هي سر زمين هميشه صوفي بزرگن، سنڌين جي سِکيا ۽ پيار جو مهور رهي آهي، جتي شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست جي سدائين امن ۽ رواداريءَ جو پيغام ڏنو آهي. سنڌي ٻولي، جيڪا دنيا جي شاهوڪار ترين ۽ پراڻين ٻولين مان هڪ آهي، هن خطي جي ساهه وانگر آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيترائي حملا آور آيا، سلطنتون بدلجنديون رهيون، پر سنڌ جي سرزمين ۽ ثقافتي سڃاڻپ هميشه قائم دائم رهي آهي ۽ رهندي. سنڌ کي ورهائڻ جون سازشون ھن ملڪ پاڪستان جي بقا سان کلي دشمني آهي ڪجهه عناصر پنهنجن ذاتي ۽ سياسي مفادن خاطر سنڌ کي لساني يا انتظامي بنيادن تي ورهائڻ جون اجايون تجويزون ڏيندا رهن ٿا. پر حقيقت اها آهي ته سنڌ کي ورهائڻ جون سازشون درحقيقت پاڪستان کي ورهائڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ جون سازشون آهن. پاڪستان جهڙو ملڪ پنهنجن سمورن صوبن جي گڏيل سگهه تي بيٺل آهي. جيڪڏهن ملڪ جي تاريخي ۽ معيشيت جو حب سڏجندڙ صوبي سنڌ کي ٽڪرا ڪيو ويو، ته ان سان نه صرف سنڌي ماڻهن جي صدين پراڻي تاريخ ۽ وحدت زخمي ٿيندي، پر ملڪي سلامتي کي به ناقابل تلافي نقصان پهچندو. سنڌ پاڪستان جي دل آهي ۽ دل تي وار ڪرڻ ملڪ جي ساهه تي وار ڪرڻ جي برابر آهي. ڪروڙين سنڌين جو عزم ۽ مزاحمت ڪڏهن به سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ نه ڏيندي. سنڌ جي تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به هن ڌرتي تي ڪا آفت آئي آهي يا ڪنهن سازش ڪرڻ جو سوچيو آهي، سنڌين پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي پنهنجي ڌرتي ماءُ جو بچاءُ ڪيو آهي. جيڪڏهن سنڌ جي خلاف ڪا به سازش عملي شڪل اختيار ڪندي، ته سنڌ جا ڪروڙين باشعور ماڻهو، نوجوان، عورتون ۽ ٻار پنهنجي ڌرتيءَ جي بقا لاءِ هر موڙ تي سدائين تيار ۽ مزاحمت ڪندي نظر ايندا. سنڌ جو عوام امن پسند آهي ۽ هو قانون جي دائري ۾ رهندي پنهنجي حقن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو. پر پنهنجي ماءُ جهڙي ڌرتيءَ جي ورهاڱي واري ڪنهن به ناپاڪ ارادي کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو. سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جو سوچڻ به پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ جي برابر آهي. وقت اچي ويو آهي ته اسان سڀ سنڌ جا ساڃاهه وند گڏ جي حڪمرانن ۽ رياستي ادارن کي ڏسيون ته اوهان ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهو ته اوهان سنڌ کي ٽڪرا ڪري ڇڏيندو جيڪا اوهانجي وڏي تاريخي غلطي هوندي سنڌ جي وحدانيت تي وار ٿيو ته هي ملڪ به نه رهندو. سنڌ جي عوام ۾ هن قسم جي سازشن خلاف سخت ترين نفرت موجود آهي ۽ سنڌ جي جاگرافيائي حدن تي سمجهوتي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.










