بگٽي پاران ڪابينا تان استعفيٰ ۽ اپوزيشن جي حمايت جو اعلان

بگٽي پاران ڪابينا تان استعفيٰ ۽ اپوزيشن جي حمايت جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي اتحادين کيس ڇڏڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. سندس هڪ اهم وڪيٽ ان وقت ڪري پئي جڏهن جمهوري وطن پارٽي جي اڳوان شاهه زين بگٽي جي بلاول ڀٽو سان ملاقات کانپوءِ عمران خان جي ڪابينا مان استعيفيٰ جو اعلان ڪندي اپوزيشن جي عدم اعتماد واري رٿ جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.

هن بلاول ڀٽو سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو مان بلوچستان بابت وزيراعظم جو مشير هئيس مسنگ پرسنسز ۽ بلوچستان م ترقي بابت جيڪي واعدا ڪيا انهن تي عمل نه ڪيو. بلاول کيس ڀليڪار ڪندي چيو ته اسين شاهه زين بگٽي جي فيصلي کي ويلڪم ڪريون ٿا. هن چيو ته عمران خان سمورن اتهادين کي ڌوڪو ڏنو آهي  اهوئي سبب آهي ته اڄ سندس پارٽي وارا به هن کان بيزار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو