بي آءِ ايس پي جي وظيفي مان ڪٽوتي ڪندڙ 2 ڊوائيس هولڊر گرفتار

بي آءِ ايس پي جي وظيفي مان ڪٽوتي ڪندڙ 2 ڊوائيس هولڊر گرفتار

لاڙڪاڻو (ن س )لاڙڪاڻو پوليس بي آءِ ايس پي جي مستحق عورتن جي امدادي رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ تي وڌيڪ ٻن ڊوائيس هولڊرن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن لاءِ آيل رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ تي وڌيڪ ٻن ڊوائيس هولڊرن خالد بروهي ۽ صدام بروهي کي گرفتار ڪري ورتو. ٻن ڏينهن دوران گرفتار ڊوائيس هولڊرن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار خالد بروهي ۽ صدام بروهي گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول گابر مسڻ ۾ قائم بي آءِ ايس پي سينٽر ۾ عورتن جي آيل پيسن مان ڪٽوتي ۾ ملوث آهن. پوليس موجب، گرفتار جوابدارن خلاف سرڪاري فرياد تي باڊهه ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو