بنگل مهر سان يونين ڪائونسلز اڳواڻن جي ملاقات

بنگل مهر سان يونين ڪائونسلز اڳواڻن جي ملاقات

خانپورمهر(رپورٽ:آفتاب سيال ) خانڳڙھ ۾ سياسي چهچٽو،گهوٽڪي تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسلز سان تعلق رکندڙ شخصيتن جي وزير اعليٰ سنڌ جي خاص معاون مير بنگل خان مهر سان ملاقات، مختلف معاملن تي غور ويچار، مڪاني چونڊون ويجهو ايندي ئي خانڳڙھ ۾ سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن ،گهوٽڪي تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسلز ٻيرڙي ،صالح مهر،علي باغ، ۽ اٽل مراداڻي سان تعلق رکندڙشخصيتن حاجي احمد علي مھر ،ممتاز علي مھر، سردار بگن خان ڪلادي ,سيد غضنفر بخاري ،سيد جعفر شاھ، نصر الله ڪلادي، محمد امين مھر اختر علي اوڳاھي ،ميان مظھر علي ڀيو، سعيد مھر ،اميد علي مھر وڏيرو محمد ھاشم مھر، حاجي محمد مهر ،عبدالحفيظ مهر، غلام نبي مهر، حبيب الرحمان مهر ،ذوالفقار لکڻ، محمد يوسف لکڻ ،ابوذر لکڻ ۽ ٻين خانڳڙھ پهچي وزير اعليٰ سنڌ جي خاص معاون مير بنگل خان مهر سان ملاقات ڪئي .ملاقات دوران مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو۽ علائقي جي مسئلن بابت کيس آگاهي پڻ ڏني وئي. هوڏانهن مير بنگل خان مھر ،بلاول ڀٽو زرداري جي پرڏيهي وزير بڻجڻ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو بلاول ڀٽو زرداري جهڙي نوجوان ۽ باصلاحيت اڳواڻ کي ملڪ جو پرڏيهي وزير بڻايو ويو آهي اسان کي يقين آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ٻاهرين دنيا سان پاڪستان جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته پاڪستان آڏو مهانگائي۽ بيروزگاري سميت ڪيترائي چئيلنجز آهن انهن سڀن مسئلن تي قابو پائڻ لاءِ اسان ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ اڳ جيان هن ڀيري به عوام جي مدد سان پ پ سوڀاري ٿيندي ۽ مخالفن کي ناڪامي نصيب ٿيندي.،ان موقعي تي حاجي زبردست خان مهر ، عبدالرزاق خان مهر غلام رسول خان مهر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو