خانپورمهر (ن س) مهر گروپ سربراهه جي ڊي اي ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر گهوٽڪي ضلعي چيئرمين جي سيٽ تي پيپلزپارٽي پاران نامزد ڪيل ڊسٽرڪٽ چيئرمين جي اميدوار مير بنگل خان مهر ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوار مير بابر خان لنڊ جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، خانڳڙھ جي گوهر پيلس تي علي گوهر خان مهر وٽ سندس اتحادين چونڊيل ڊسٽرڪٽ ڪائونسلرن جو اجلاس، بنگل خان مھر پ پ پاران ضلعي چيئرمين جي سيٽ تي نامزد اميدوار بنگل خان مهر مونکي پنهنجي پٽ حاجي خان مهر جيان آهي سندس حمايت جو فيصلو اتحادين ۽ چونڊيل ميمبرن جي صلاح مشوري سان ڪيو آهي، علي گوهر مهر، سردار علي گوهر خان مهر پاران ضلعي چيئرمين جي سيٽ لاءِ حمايت ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪيون ٿا، بنگل خان مھر ۽ مير بابر خان لنڊ، ٻئي طرف مير بنگل خان مهر ۽ مير بابر لنڊ پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر جي اڳواڻي ۾ جلوس جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس پهچي نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا، رپورٽ موجب، خانڳڙھ جي گوهر پيلس ۾ جي ڊي اي ايم پي اي ۽ مهر گروپ سربراهه سردار علي گوهر خان مهر پنهنجي اتحادين ۽ ضلعي ڪائونسل جي ڪامياب اميدوارن سان گڏجاڻي ڪئي، ان دوران سردار علي گوهر خان مهر پنهنجي اتحادين سان صلاح مشوري کانپوءِ پنهنجي سئوٽ پ پ پاران ضلعي ڪائونسل چيئرمين جي نامزد ڪيل اميدوار مير بنگل خان مهر ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوار مير بابر خان لنڊ جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ اجلاس دوران ڳالهائيندي سردار علي گوهر خان مهر چيو ته مير بنگل خان مهر جي سامهون اسان جي مهر گروپ ۽ جي ڊي اي طرفان ڪو به اميدوار نه بيهندو، بنگل خان مھر مهر منهنجو سئوٽ آهي جيڪو منهنجي پٽ حاجي خان مهر جيان آهي آئون ٻنهي ۾ ڪو به فرق نٿو سمجهان، هن چيو ته آئون پراڻين ڳالهين وساري مان پنهنجي سئوٽن کي جيڪڏهن عزت ڏيان ٿو ته اها منهنجي پنهنجي عزت آهي، علي گوهر مهر جو وڌيڪ چوڻ هو ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جن جو شڪر گذار آهيان جو انهن ضلعي ڪائونسل جي سيٽ مهر خاندان حوالي ڪئي آهي، ٻئي طرف مير بنگل خان مهر ۽ مير بابر خان لنڊ جو چوڻ آهي ته سردار علي گوهر خان مهر پاران اسان جي حمايت ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪيون ٿا، انشاء الله گهوٽڪي جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي ويندي، هوڏانهن مير بنگل خان مهر ۽ مير بابر خان لنڊ پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر جي اڳواڻي ۾ جلوس جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس گهوٽڪي پهچي نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن…










