ممبئي (ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) چيمپئنز ٽرافي کان اڳ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي وڏو ڌڪ لڳڻ جو امڪان آهي.ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا جي چيمپيئنز ٽرافي جي گروپ ميچن مان نڪرڻ جو امڪان آهي.ڀارتي ميڊيا موجب، جسپريت بمرا کي پٺي جي سور جي تشخيص ٿي آهي. بارڊر گواسڪر ٽرافي جي سڊني ٽيسٽ ۾ کيس پٺي جي سور جو تجربو ٿيو هو.جسپريت بمرا کي بنگلورو ۾ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. سليڪشن ڪميٽي کي سندس فٽنيس رپورٽ بابت آگاهه ڪيو ويو آهي. بمرا کي انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ ٽي 20 اسڪواڊ ۾ به شامل نه ڪيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب، ڀارت چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پنهنجي اسڪواڊ جمع ڪرائڻ لاءِ واڌ جي درخواست ڪئي آهي.ياد رهي ته چيمپيئنز ٽرافي لاءِ شروعاتي اسڪواڊ آءِ سي سي کي جمع ڪرائڻ جي اڄ آخري تاريخ آهي.چونڊيندڙ جسپريت بمرا جي فٽنيس رپورٽن جي روشني ۾ ٽورنامينٽ جي ويجهو ٽيم جو اعلان ڪرڻ چاهين ٿا.ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته جسپريت بمرا مارچ جي پهرين هفتي تائين مڪمل طور تي فٽ ٿيڻ جي اميد آهي.










