بل گيٽس جا عورت ملازم سان لاڳاپا هئا،وال اسٽريٽ جرنل

بل گيٽس جا عورت ملازم سان لاڳاپا هئا،وال اسٽريٽ جرنل

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته مائڪروسوفٽ جي باني بل گيٽس جا سندس ڪمپني جي هڪ عورت ملازم سان لاڳاپا هئا. وال اسٽريٽ جرنل هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته بل گيٽس انهن الزامن جي جاچ بعد بورڊ آف ڊائريڪٽر جي حيثيت سان استعيفيٰ ڏني. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عورت ملازم انڪشاف ڪيو ته بل گيٽس ۽ سندس لاڳاپا ورهين کان هئا. ٻئي طرف مائڪروسوفٽ جي ترجمان چيو آهي ته جيڪي واقعا 2000 ۾ ٿيا سي 2019 ۾ منظر عام تي آيا، بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي هڪ ڪميٽي معاملي جو جائزو ورتو ، هي واقعو 20 سال پراڻو آهي ۽ تعلق بهتر طور تي ختم ٿيو. ترجمان چيو ته بل گيٽس جي ڪمپني ڇڏڻ جو سبب فلاحي ڪمن تي ڌيان ڏيڻ هو. ياد رهي ته بل گيٽس ۽ ميلنڊا جي 27 سالن جي شادي 3 مئي تي طلاق سان ختم ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو