بلڊنگس آفيس تي اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو، رڪارڊ ضبط

بلڊنگس آفيس تي اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو، رڪارڊ ضبط

نوشهروفيروز (مشتاق مري) ايگزيڪيوٽو انجنيئر بلڊنگس جي آفيس تي اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو. جڊيشل مئجسٽريٽ مختيار علي جکراڻي جي موجودگي ۾ سرڪل آفيسر سانول خان گهوٽو ۽ سب انسپيڪٽر فاروق علي هاليپوٽو ڇاپو هنيو. ان موقعي تي ميڊيا کي تفصيل ڏيندي سرڪل آفيسر ٻڌايو ته شڪايتون مليون آهن ته ايم اينڊ آر اسڪيمن ۾ انجنيئر ساجد شيخ ۽ سندس عملي پاران وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي آهي انهن مليل شڪايتن تي ڇاپو هنيو آهي ۽ رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي. انجنيئر ۽ عملو موقعي تان فرار ٿي ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪري ڪرپشن ۾ ملوث عملي خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو