بليڪ ميل نه ٿيندس، عدم اعتماد جو مقابلو ڪبو، خان

بليڪ ميل نه ٿيندس، عدم اعتماد جو مقابلو ڪبو، خان

حافظ آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو 25 سال اڳ سياست ۾ آلو ٽماٽرن جو اگهه معلوم ڪرڻ لاءِ نه آيو هو بلڪ هڪ مضبوط قوم ٺاهڻ آيو هو.  حافظ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته 25 سالن کان قوم کي تبليغ ڪري رهيو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته مان ٽماٽن ۽ آلو جي اگهه سبب سياست ۾ نه آيو آهيان. مان سياست ۾ صرف پاڪستانين کي هڪ قوم بڻائڻ لاءِ آيو آهيان.

هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ٺاهڻ جو مقصد معلوم نه هوندو ته قوم بڻجي نه سگهندي، جيستائين قوم برائي خلاف نه بيهندي ته برائي وڌندي، ظلم جي خلاف نه بيهندي ته ظلم وڌندو. هن حڪومي ڪارڪردگي ھڻاي هر شعبي ۾ بهتري جي دعويٰ ڪئي.وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي مخالفن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته مخالفن جي بليڪ ميلنگ ۾  نه اينداسين، اپوزيشن کي عوام جو نه پر ڪرپشن ۽ پنهنجي ڪيسز جو فڪر آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي سينيئر قيادت جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ مخالف ڌر جي بي اعتمادي رٿ واري صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ تحريڪ عدم اعتماد بابت حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو ۽ اتفاق ڪيو ويو ته اپوزيشن جي بي اعتمادي واري رٿ کي ناڪام بڻايو ويندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ناراض پارٽين سان رابطا جاري آهن ۽ اتحادي پارٽيون اسان سان گڏ آهن، اپوزيشن کي اين آر او نه ڏينداسين، هنن کي عوام جو نه پر ڪيسن جو فڪر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو