ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) گذريل رات دهشتگردن بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ هڪ ئي وقت فائرنگ ۽ دستي بم حملن سان صوبي کي ڌوڏي ڇڏيو آهي. صوبي ۾ پرتشدد واقعن ۾ 40 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 21 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب مختلف علائقن ۾ آپريشن دوران 14 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. مستونگ، قلات، پسني ۽ سنتسر ۾ ليويز ۽ پوليس اسٽيشنن تي آچر ۽ سومر جي وڃ واري رات دير سان هٿياربندن حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڄڻا مارجي ويا. سبي، پنجگور، مستونگ، تربت، بيلا ۽ ڪوئيٽا ۾ به ڌماڪن ۽ گرنيڊ حملن جا اطلاع آهن. اهلڪارن تصديق ڪئي ته حملي آورن مستونگ جي بائي پاس واري علائقي ۾ پاڪستان ۽ ايران کي ڳنڍيندڙ ريلوي ٽريڪ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. موسيٰ خيل جي علائقي راره شام ۾ 23 مسافرن کي گاڏين مان لاهي قتل ڪيو ويو. ايس ايس پي موسيٰ خيل ايوب اچڪزئي موجب سمورن ماڻهن کي ٽرڪ ۽ مسافر بس مان لاٿو ويو ۽ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.ايوب اچڪزئي جو چوڻ آهي ته هٿياربندن بين الصوبائي هاءِ وي تي ناڪو لڳائي مسافرن کي بس مان لاٿو ويو.هنن جو چوڻ آهي ته هٿياربندن 10 گاڏين کي به باهه ڏئي ڇڏي، پوليس، ليويز موقعي تي پهچي لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.
قلات ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ليويز اهلڪارن سميت 10 ڄڻا فوت
بلوچستان جي شهر قلات ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس ۽ ليويز اهلڪارن سميت 10 ڄڻا مارجي ويا.ايس ايس پي قلات دوستين دشتي موجب فائرنگ ۾ هڪ پوليس سب انسپيڪٽر، 4 ليويز اهلڪار ۽ 5 شهري مارجي ويا.ايس ايس پي قلات موجب جوابدار فائرنگ کانپوءِ فرار ٿي ويا، جنهن بعد علائقي کي ڪليئر ڪيو پيو وڃي.پوليس جو چوڻ آهي ته قلات ۽ شهر ۾ قومي شاهراهه تي گذريل رات کان پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي.

دهشتگردن رات جي اونداهي جو فائدو وٺي ٽن هنڌن تي حملا ڪيا: ترجمان بلوچستان حڪومت
بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند جو چوڻ آهي ته دهشتگردن رات جي اونداهي جو فائدو وٺي 2 کان 3 هنڌن تي حملا ڪيا.هڪ بيان ۾ شاهد رند چيو ته راره شام جي علائقي موسا خيل ۾ دهشتگردن ڪجهه مسافرن کي نشانو بڻايو ۽ گاڏين مان لاٿو.هن چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي دهشتگردي جي تازي واقعن تي اهم اجلاس طلب ڪيو آهي، سڀني کي گڏجي انهن واقعن خلاف ڪم ڪرڻو پوندو. شاهد رند جو چوڻ آهي ته ڌماڪي سان متاثر ريلوي پل جي تعمير ۾ وقت لڳندو، شروعاتي طور لڳي رهيو آهي ته ريلوي پل کي ڪنهن ڊيوائس ذريعي ڌماڪي سان اڏايو ويو، هتي جي صورتحال دهشتگردي جي آهي.
مستونگ ۾ ليويز ٿاڻي تي قبضو
مستونگ ضلعي جي کڏ ڪوچه ويجهو ليويز ٿاڻي تي هٿياربندن حملو ڪيو، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪري ٿاڻي تان هٿياربندن جو قبضو ختم ڪرائي ڇڏيو. ذريعن موجب، هٿياربندن ٿاڻي ۾ موجود ڪيتريون ئي گاڏيون، موٽرسائيڪلون ۽ رڪارڊ ساڙي ڇڏيو، جڏهن ته ٿاڻي ويجهو اڻڄاتل شخص جو لاش به هٿ آيو آهي.
بولان مان ڇهه ڄڻن جا لاش هٿ
بولان ضلعي جي ايس ايس پي ڇهه لاش هٿ اچڻ جي تصديق ڪئي آهي.سندس چوڻ هو ته چار لاش نيشنل هاءِ وي ولڳ ڪولپور واري علائقي مان جڏهن ته ٻه لاش هڪ تباهه ٿيل پل جي هيٺان دٻيل هئا. هن چيو ته مقتولن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين موجب، اندازو ٿي رهيو آهي ته مقتولن کي سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو آهي، مقتولن جي سڃاڻپ جو عمل اڃا مڪمل ناهي ٿيو.
بولان ۾ ريلوي پُل تباهه
بولان جي علائقي دوزان ۾ ريلوي پل کي ڌماڪي سان تباهه ڪيو ويو
ريلوي ذريعن موجب، پل ڌماڪي سبب ٽرينن جي اچ وڃ معطل ٿي وئي جڏهن ته ڌماڪي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
لسٻيلي ۾ ايف سي ڪئمپ جي ڀرپاسي ڌماڪا
بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي ۾ باءِ پاس ويجهو هٿياربندن فرنٽيئر ڪور ( ايف سي ) جي هڪ ڪئمپ تي حملو ڪيو آهي. مقامي ماڻهن موجب، آچر جي رات ايف سي ڪئمپ جي ڀرپاسي فائرنگ ۽ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا جنهن سبب عوام ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته جوابي ڪارروائي دوران پنج حملي آور مارجي ويا آهن.
بي ايل اي حملن جي ذميواري قبول ڪري ورتي
بي ايل اي بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ حملن جي ذميواري قبول ڪندي ان کي ” آپريشن هيروف “ جو نالو ڏنو آهي.بي ايل اي ترجمان جيئند بلوچ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته بي ايل اي جي فدائي يونٽ مجيد بريگيڊ لسٻيلي حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي.بي ايل اي ترجمان موجب، لسٻيلا ڪئمپ ۾ حملي ۾ فورسز جا ڪيئي اهلڪار مارجي ويا آهن.لسٻيلي علاوه بلوچستان جي ضلعي سبي، تربت ۽ ڪوئيٽا ۾ به فائرنگ ۽ بم ڌماڪن جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن، ڪجهه واقعن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن.
گوادر ۾ ٿاڻي تي حملو
بلوچستان جي علائقي جيواڻي ۾ به آچر جي رات هٿيابندن هڪ ٿاڻي کي نشانو بڻايو.اطلاعن موجب، هٿياربندن پوليس جي ٽن گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ هٿيار کڻي فرار ٿي ويا. حملي آورن ٿاڻي ۾ موجود اهلڪارن کي ڪيئي ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائي رکيو، جڏهن ته حملي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا.
مسجدن مان نيشنل هاءِ وي تي سفر نه ڪرڻ جا اعلان
کڏڪوچه ۾مقامي انتظاميا پاران مسجدن مان اعلان به ڪرايا ويا آهن ته مسافر ڪوئيٽا، ڪراچي قومي شاهراهه تي سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن.










